15 اربع , آگسٽ 2018

گوادر پورٽ تي ڪافي اڳ ڪم ڪن ها ته اڄ اهو ترقي يافته هجي ها: شهباز شريف

Shehbaz sharifلاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي ڪري قومي ايڪتا کي مضبوط ڪرڻو آهي، ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ جي شاگردن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته لاهور جي تاريخي هنڌن جو دورو ڪرڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿيندو، شاگرد فائديمند معلومات لاءِ گريٽر اقبال پارڪ جو دورو ضرور ڪن، شهباز شريف چيو ته اسان جو دفاع مضبوط آهي، دشمن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، بلوچستان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ته تلخيون پيدا نه ٿين ها، گوادر پورٽ تي ڪافي اڳ ڪم ڪن ها ته اڄ اهو ترقي يافته هجي ها، هن چيو ته بلوچستان ۾ اربين رپين جا ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن، سي پيڪ ۾ 36 ارب ڊالر توانائي جا منصوبا لڳڻا آهن، گوادر ايئرپورٽ چين تحفي طور بڻائيندو، چيني سرمائيدارن يک قرض چيني بينڪن کي واپس ڪرڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے