23 جمعرات , نومبر 2017

Tag Archives: Sindhi Newspapers

قطر 80 ملڪن لاءِ ويزا فري اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر 80 ملڪن لاءِ مفت ويزا اسڪيم متعاف ڪرائي آهي، جيڪا جلد لاڳو ڪئي ويندي. قطر طرفان متعارف ڪرايل فري ويزا اسڪيم تحت يورپي يونين، اولهه ملڪن، لاطيني آمريڪا ۽ ايشيائي ملڪن تي ٻڌل 80 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا مفت هوندي. اختيارين موجب ويزا اسڪيم ۾ …

تفصيل »

عمران خان ۽ يوسف رضا گيلاني طرفان اپردير ۾ شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اپردير ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اپر دير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جي ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. يوسف رضا گيلاني پنهنجي بيان …

تفصيل »

روس خلاف آمريڪي پابنديون قانون بڻجي ويون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس طرفان روس خلاف منظور ڪيل پابندين جي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ مسودو هاڻ باقاعدي قانون بڻجي ويو آهي. واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس جي ذريعن ٻڌايو ته روس خلاف آمريڪي ڪانگريس اهي پابنديون گذريل آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ماسڪو …

تفصيل »

انگلينڊ جي شوقينن معين علي کي ”معينا ليزا“ بڻائي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي شوقينن آل رائونڊر معين علي کي ”معينا ليزا“ بڻائي ڇڏيو. اوول ٽيسٽ دوران اسٽيڊيم ۾ ڪجهه شوقينن بالڪوني ۾ هڪ تصوير لڙڪائي، جنهن ۾ مصوري جي شاهڪار ”مونا ليزا“ جي انداز ۾ معين علي جو پورٽريٽ هو، جنهن جي مٿان ”معينا ليزا“ لکيل هو. ڪيترن …

تفصيل »

منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪبي، سيڪريٽري ورڪس سمورن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير کي ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تو هلندڙ سال ڊسمبر تائين 41 روڊن جا منصوبا مڪمل ٿي ويندا، …

تفصيل »

پي سي بي جاچ ڪري مونکي اسپاٽ فڪسنگ کان ڪليئر قرار ڏنو: عمر اڪمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ ڪيس ۾ ٽربيونل جي ڪارروائي دوران برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي آپريشنز مينيجر اينڊريو جي گواهي جي موقعي تي اها ڳالهه اڳيان آئي ته اسڪينڊل ۾ مبينا طور تي عمر اڪمل ۽ محمد سميع به ملوث آهن، ٺوس شاهد اڳيان اچڻ تي ڪا حتمي …

تفصيل »

دهشتگردي جا اهڙا واقعا اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ لاهور ۾ سڪيورٽي حوالي سان اجلاس ٿيو، آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته دهشتگردي جا اهڙا …

تفصيل »

برطانوي عورت نقاب کان منع ڪرڻ تي اسڪول انتظاميا تي ڪيس ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ): برطانوي گادي واري شهر لنڊن ۾ مسلمان عورت نقاب پائڻ کان منع ڪرڻ تي ڌيءَ جي اسڪول انتظاميا تي ڪيس ڪري ڇڏيو، راشده سروغ پنهنجي ڌيءُ جي ”هولينڊ پارڪ اسڪول لنڊن“ جي انتظاميا خلاف امتيازي سلوڪ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، اسڪول ۾ نون شاگردن جي …

تفصيل »

اهو وڪيل ڪڏهن به ڪيس نه هارائيندو جنهن فيس ئي نه ورتي هجي: نعيم بخاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري چيو آهي ته اهو وڪيل ڪڏهن به بلڪل ڪيس ناهي هارائيندو جنهن جي هن فيس ئي نه ورتي هجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين نعيم بخاري کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو  ۽ پاناما عملدرآمد ڪيس جي حواليس ان سوال ڪيا جنهن …

تفصيل »

ٽيم کي ٽنهي فارميٽن ۾ نمبر ون بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس: سرفراز احمد

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد راند جي ٽنهي فارميٽن ۾ عالمي نمبر ون بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. تازو ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻي ملڻ کانپوءِ سرفراز احمد هاڻ ٽنهي فارميٽن ۾ ڪپتان مقرر ٿي ويو آهي. شاهد آفريدي طرفان ٽي ٽوئنٽي ٽيم …

تفصيل »