16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

Tag Archives: sindh news

سکر : شڪارپور روڊ تي سي ٽي ڊيءَ جي ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ساٿي فرار

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر شڪارپور روڊ تي سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي دوران ڪامران نالي مبينا دهشتگرد مارجي ويو، ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، سندس تعلق پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي …

تفصيل »

سڃاڻپ بابت اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام، سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي: ثناءُ الله عباسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسيءَ چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، سيوهڻ ڌماڪي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ثناءُ الله عباسيءَ جو چوڻ هو ته 38 ڪئميرائن جي مدد سان آپگھاتي حملو ڪندڙ ۽ سهولتڪارن کي سڃاڻي …

تفصيل »

مسئلن جي باوجود پاڪستنا جي ترقي تي دنيا حيران آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ترقي تي راهه تي گامزن آهي ۽ ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود پاڪستنا جي ترقي کي ڏسي سڄي دنيا حيران آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ …

تفصيل »

شوباز وڏي وزير جهڙا ناهيون جو هر منصوبي تي پنهنجي تصوير لڳايون: پرويز خٽڪ

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان سياست ۾ مال ٺاهڻ جي لاءِ نه پر خدمت جي جذبي سان آيا آهيون، شو باز وڏي وزير جيان نه جو هر منصوبي تي پنهنجي تصوير لڳايون. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ سوال ڪيو ته ڇا ملڪ ان …

تفصيل »

لاڙڪاڻي ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون، مظاهرو ۽ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو عوام لاءِ مصيبت بڻجي وئي، عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، سيپڪو جي زيادتين خلاف مراد واهڻ محلي ۽ ڪوثر مل جي رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪالهه شهر جي مراد واھڻ محلي جي رهواسين غلام حسين عمراڻي، سفر کوکر، صوفي خالد …

تفصيل »

لکي غلام شاهه ڀرسان تازو ئي تيار ٿيل پل ناقص مٽيريل سبب ڪري پئي، 15 ڳوٺن جو رستو ڪاٽا

لکي غلام شاهه(ن ع آ) چڪ لڳ چار مهينا اڳ جڙي تيار ٿيل روڊ جي هڪ پل ڪري پيئي 15 ڳوٺن جو رستو ڪٽجي ويو .ڳوٺاڻن جو نيب کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو.تفصيل موجب چڪ ڀرسان کاهي کان ڳوٺ عبدالغفور چاچڙ، قائم الدين شيخ، کوساڳوٺ،ڳوٺ گلشير جاگيراڻي .قلندربخش ڪرسي ،حاڪم …

تفصيل »

ديا مرزا فلمن ۾ واپسيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ۽ پروڊيوسر ديا مرزا هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاريءَ ۾ ميدان ۾ واپسيءَ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ديا مرزا، جيڪا ڊگهي وقت کان وٺي پنهنجي فلم ڪمپني ٺاهڻ ۾ مصروف هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي …

تفصيل »

راهوڪي واسي عورتن جو پوليس جي ڏاڍاين خلاف حيدرآباد ۾ مظاهرو

حيدرآباد(ن ع آ) راهوڪي جي رهواسي عورتن ۽ مردن پوليس جي ظلمن خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان  موقعي تي مسمات بيبي ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته راهوڪي ٿاڻي جي پوليس بنا ڪنهن سبب جي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه پوليس عملدار سندن گهرن …

تفصيل »

خوبصورتي نه پر سٺن ڪردان کي اهميت ڏيندو آهيان: فواد خان

ممبئي (شوبز نيوز) بهترين اداڪاري ذريعي بالي ووڊ ۾ ڪاميابيون ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان چيو آهي ته مون لاءِ سٺا ڪردار ادا ڪرڻ خوبصورتي کان وڌيڪ اهم آهي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو دوران فواد خان جڏهن سندس خوبصورتي بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو …

تفصيل »

گوادر تمام جلد ڊيوٽي فري بندرگاهه بڻجي ويندو: حاصل بزنجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورٽس ۽ شپنگ جي وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت پاڪستان گوادر جي ڊيوٽي فري پورٽ قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ ان سلسلي ۾ جلد باضابطا اعلان ڪيو ويندو. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) طرفان ”پاڪستان …

تفصيل »