25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

Tag Archives: awami awaz

گذريل سال 10 ملين ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 2017ع دوران سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 10 ملين ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ٿيا. ٽي بي کي سڄي دنيا ۾ موت جو سبب بڻجندڙ 10 بيمارين مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. گذريل سال …

تفصيل »

پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوست ملڪ آهي: چيني صدر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيني صدر سان ملاقات ڪري علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجود چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خاص دعوت تي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، …

تفصيل »

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر اڊيالا جيل مان آزاد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطل ڪرڻ کانپوءِ کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان آزادي جو حڪم ملندي ئي شهباز شريف، جنيد صفدر ۽ ٻيا اڳواڻ اڊيالا جيل …

تفصيل »

ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، ضمير مطمئن هو: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان سزا معطلي ۽ آزادي جو فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مان ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو ۽ ضمير مطمئن هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف سان سندس ڀاءُ شهباز …

تفصيل »

حڪومت پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بدران انهن جي واپسي يقيني بڻائي: حاصل بزنجو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سينيٽر حاصل بزنجي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان افغان پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ جي حوالي سان غير ذميواراڻو بيان ڏنو، انهن جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حاصل بزنجي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پناهگيرن جي واپسي …

تفصيل »

نواز شريف کي سدائين رليف ملندو رهيو، اڄ به ملي ويو: قمر زمان ڪائرا

Imran Khan, who was trying to create a new Pakistan, has seen all this: Qamar Zaman Kaira

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي اندازو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏيندي، نواز شريف کي سدائين رليف ملندو رهيو آهي، اڄ به ملي ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نواز شريف جي سزا معطلي تي ردعمل ڏيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته …

تفصيل »

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص ڪميٽي بابت حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ …

تفصيل »

نواز شريف وري سرخرو ٿيو، عدالتي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا: حمزا شهباز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي. نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته عدالتي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، نواز شريف وري سرخرو ٿيو، …

تفصيل »

نيٺ انصاف ملي ويو: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عدالت جيڪو حڪم ڏنو اهو اکين تي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان نيٺ انصاف ملي ويو. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ شريف خاندان جون سزائون معطل ٿيڻ کانپوءِ ن ليگ صدر شهباز شريف طرفان مچلڪا جمع ڪرائڻ …

تفصيل »

اسحاق ڊار خلاف وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، جنهن دوران ڪيس ۾ نامزد ٽئي جوابدار سعيد احمد، منصور رضا ۽ نعيم …

تفصيل »