21 جمعو , سيپٽمبر 2018

خاص خبر

انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات اسمگلنگ کي گڏجي منهن ڏنو ويندو: اقتصادي سهڪار تنظيم جي پڌرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اقتصادي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرائي ۾ ميمبر ملڪن انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي ويزن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي، پڌرائي ۾ تنظيم جي …

تفصيل »

اقتصادي سهڪار تنظيم رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف اي سي او اجلاس بابت پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته اقتصادي سهڪار تنظيم رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، وزيراعظم چيو آهي ته تنظيم جو مقصد ميمبر ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، گڏيل ثقافتي ورثا اسان جو اثاثو …

تفصيل »

عرفان الله مروت سان ملاقات ٿي پر شموليت بابت ڳالهيون نه ٿيون: آصف علي زرداري

حب(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان کي جتي ڇڏيو هو اتي بيٺل آهي، عرفان الله مروت سان ملاقات ٿي پر پارٽي ۾ شموليت بابت ڳالهيون نه ٿيون هيون. ذوالفقار مرزا جي پارٽي ۾ واپسي ڏکيو فيصلو آهي. قدوس …

تفصيل »

پي ايس ايل فائنل ۾ ايندڙ پرڏيهي رانديگرن کي خراج پيش ڪريون ٿا: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ايس ايل فائنل ۾ ايندڙ رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مئچ لاهور ۾ ڪرائڻ وارو حڪومت جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪرڪيٽ جي …

تفصيل »

سي پيڪ منصوبي کي هر ممڪن سيڪيورٽي ڏني ويندي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مراد علي شاهه جو چيو آهي ته ” سي پيڪ“ بيحد اهميت تي ٻڌل آهي، منصوبن جي تعمير دوران جيڪو گهر وچ ۾ ايندو ان کي متبادل گهر بڻائي ڏينداسين. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو، مراد علي شاهه چيو ته …

تفصيل »

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سرحد پار کان فائرنگ ڪري ڏني، فوجي زخمي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سرحد پار کان فائرنگ ڪري ڏني آهي، آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سرحد پار کان دهشتگردن پاران فائرنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني فوجي زخمي ٿي پيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج …

تفصيل »

زرداريءَ ڌيئرن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، عرفان مروت سان اڳڀرائي نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي ڌيئرن سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، عرفان الله مروت جي معاملي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نجي ٽي وي مطابق اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي ڌيئرن جو موقف مڃي ورتو آهي ۽ عرفان الله مروت جي معاملي ۾ وڌيڪ …

تفصيل »

ذوالفقار مرزا سميت ملڪ جي ٻين اهم سياسي اڳواڻن جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان

ڪراچي (ايڪسليوز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي ڏيهه ورڻ کان پوءِ سياسي ميدان ۾ هڪ اٿل پُٿل ۽ مانڌاڻ مَتل آهي، شروع کان ئي جڏهن آصف علي زرداريءَ پيپلز پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليون هيون تڏهن کان پ پ پ جي شريڪ چيئرمين جو موٽو …

تفصيل »

سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد جاري آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌارئيءَ ۾ چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد جاري آهي. سرچ آپريشن دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، چئني دهشتگردن کي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ماريو ويو، جڏهن ته افغانين سميت 6 سئو شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو …

تفصيل »

سيوهڻ سانحي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 93 ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيوهڻ سانحي جو هڪ زخمي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو  جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 93 ٿي ويو آهي. هڪ هفتو اڳ سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار تي امن ويري دهشتگردن بم ڌماڪو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو موقعي تي شهيد ٿيا ۽ سوين …

تفصيل »