21 ہفتہ , اپریل 2018

اڄ جي اخبار

ٿر ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

ٿرپارڪر(بيورو چيف) ،مٺي سول اسپتال ۾ گذريل ٻه ڏينهن ۾ پريم ڪمار جو تازو ڄاول ٻارڙو ،ٽن ڏينهن جو مولابخش، 6 مهينن جو امولک ڀيل ،10 مهينن  جي ٻارڙي سيتا ڀيل ،گھمون ڀيل ۽ ستار نهڙي جا ٻه تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن ،جڏهن ته سول اسپتال مٺي سميت ٿر …

تفصيل »

لوڊشيڊنگ تي وفاق خلاف ڌرڻا هڻنداسين: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس بي روزگار سياستدانن ۽ غير جمهوري ماڻهن جو ٽولو آهي ۽ اهي  غير جمهوري قوتن جا حامي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ بيڪ ڊور سازشون ڪري رهيا آهن پر اهڙن سازشي اتحادن جو …

تفصيل »

پ پ ٿرپارڪر جي وڌيڪ 8 ڪائونسلرن ۽ 4 يوسي چيئرمن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي:باغين جو انگ 70 ٿي ويو

مٺي(رپورٽ: اعجازبجير) صوبائي پارلياماني بورڊ پاران ٿرپارڪر جي ضلعي چيئرمن لاءِ ڊاڪٽرغلام حيدر سميجو ۽ وائيس چيئرمن لاءِ ڪنورڪرني  سنگهه جي نامزدگي واري فيصلي خلاف گذريل ڏينهن 30 ضلعي ڪانسلرن جي استعيفائن کانپوءِ ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي وڌيڪ 8 ضلعي ڪائونسلرن ۽ 4 يوسي چيئرمنن احتجاجن پنهنجون استعيفائون پارٽي اختيارين …

تفصيل »

گهوٽڪيءَ ۾گهرو پريشانين کان تنگ عورت 3 ٻار درياهه ۾اڇلائي ڇڏيا، آپگهات جي ڪوشش

گهوٽڪي (رپورٽ: مسرت مهر +آزاد مهر) گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾گهريلو پريشانين کان تنگ عورت پنهنجي ٽن پٽن کي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد هن پاڻ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي، هڪ پٽ ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت  ۽ سندس ٻن پٽن کي درياهه مان ڪڍي بچايو ويو، …

تفصيل »

بدنام ڏوهاري اوغان مارفاڻي 2 سئوٽن سميت جهيڙي ۾ مارجي ويو، پوليس لاشن کي گوليون هنيون

ڳڙهي ياسين ( رپورٽ : محمد عتيق پيرزادو   ) ڳڙهي ياسين ويجهو  سال اڳ رينجرز جي ڊي ايس آر ۽ هڪ اهلڪار جي قتل ۾ ملوث بدنام ڏوهاري اوغان مارفاڻي ٻن ساٿين سميت مارفاڻي برادري جي 2 ڌرين جي جهيڙي دوران مارجي ويو ، ڌرين جي فائرنگ ۾ هڪ عورت …

تفصيل »

قائم علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ آڏو بيوس آهي: خواجا اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته وڏو وزير سيد قائ م علي شاهه  ڪي اليڪٽرڪ آڏو بي وس آهي ۽ اسان ڪي اليڪٽرڪ تي واضح ڪيو آهي ته رات جي وقت اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي …

تفصيل »

ڄامشوري جي ٻولهڙي گودام تان 50 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڄامشوري جي ٻولهڙي گودام تان 50 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ جو انڪشاف، فوڊ انسپيڪٽر مٿان نئب ۾ ڪيس هلڻ باوجود ڪڻڪ جون ٻوريون گُم ٿيڻ جي کڙڪ پوڻ تي خوراڪ کاتي جي اختيارين ۾ ٿرٿلو  متل، ڊائريڪٽر فوڊ به مبينا طور ڪڻڪ جون …

تفصيل »

حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار برقرار، رهواسين جو مظاهرو، ٽائرن کي باهه، روڊ بند

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ حيسڪو پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار برقرار، ڪيترن علائقن ۾ بجلي بند رکڻ ۽ ٽرانسفارمر لاهي وڃڻ جو سلسلو جاري، رهواسين جو حيسڪو خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون روڊ بند ڪري ٽريفڪ جو نظام در هم برهم ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ …

تفصيل »

سڪرنڊ ويجهو واپاري جي گهر تي پوليس چڙهائي، بٽ هڻي ٽنگون ڀڃڻ بعد ڦرلٽ، احتجاج

سڪرنڊ ( رپورٽ: لطيف جمالي ) ماڙي جلباڻي پوليس گذريل رات سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ شاهنواز  راجپوت تي چڙهائي ڪري ڳوٺ جي رهواسي واپاري رياست علي راجپوت جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري کي پائمال ڪندي گهرن ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي ڌڙڪا دهمان ۽ مارڪٽ ڪرڻ بعد …

تفصيل »

ڀان لڳ مزدا ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي،20 زائرين زخمي

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد شهر ويجهو واهڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي رحيم يار خان کان سيوهڻ ويندڙ تيز رفتار مزدا جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي . جنهن جي نتيجي ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جا زائرين منور عباس، امتياز علي، محمد يوسف ، …

تفصيل »