21 بدھ , فروری 2018

اڄ جي اخبار

حيدرآباد ۾بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڪنيڪشن ڪاٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾حيسڪو انتظاميا جا ستايل شهري روڊن تي نڪري آيا، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي ڪٽي بند ڪري ڇڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، رهواسين حيسڪو انتظاميا خلاف سخت نعري  بازي ڪندي روڊن بلاڪ ڪري ڇڏيا. حيدرآباد جي علائقن حر ڪئمپ، بلديا ڪالوني، قاسم آباد …

تفصيل »

ٽنڊي مستي لڳ معصوم نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت

خيرپور (ڊ ر) ٽنڊي مستي لڳ ڳوٺ لانگاهه مري جو رهواسي 3 سالن جو معصوم نينگر مسڪين لانگاهه لالڻ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي معصوم نينگر جو لاش ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيو. ماٿيلي ۾قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ ميرپور ماٿيلو …

تفصيل »

شڪارپور مان هٿ آيل نينگري شازيه تيغاڻي يا فضيلا ؟ معاملو اڃا منجهيل، ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار

ڳڙهي حسن (رپورٽ؛ پرويز سرڪي) ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جي سڃاڻپ جو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته والد عبدالرزاق سرڪي هٿ آيل نياڻي جي فضيلا سرڪي هجڻ جو يقين ظاهر ڪندي ڊي اين اي ٽيسٽ جي انتظار …

تفصيل »

خاص مڪاني چونڊون: بدين ۾ مرزا گروپ جي اميدوارن جا رد ٿيل فارم بحال، مختلف شهرن ۾ جشن

بدين/پنگريو/گولاڙچي (نمائندن وٽان)  بدين مرزا گروپ جي مخصوص سيٽن تي 67 اميدوارن جا ڊي آر او پاران رد ڪيل فارم بدين جي عدالت بحال ڪري ڇڏيا، ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مرزا جي حامين جشن ملهايو ۽ مٺايون ورهايون. بدين  مرزا گروپ جي مخصوص سيٽن تي 67 اميدوارن جا ڊي …

تفصيل »

ٽنڊي الهيار واسڻ قمبر پهچي پسند پرڻو ڪري ڇڏيو

قمبر (ڊ ر)  مس ڪال جو ڪمال! قمبر جي 20 سالن جي محمد رمضان ولد وزير علي چانڊئي سان 24 سالن جي نائلا  ٽنڊي الهيار مان اچي پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، سيشن جج ۽ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس ضلعي قمبر شهدادڪوٽ  جي عدالت ۾ پسند  پرڻو ڪرڻ بعد جوڙو  تحفظ  لاءِ …

تفصيل »

لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدر تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي ايس اقبال بابو تي حملي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪيا.ڪراچي ۾ يونين آف جرنلسٽس طرفان امتياز فاران جي اڳواڻي ۾ ڪراچي  پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ اقبال ملاح،  اسحاق مڱريو ۽ ٻين …

تفصيل »

بهرام ويجهو ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، عورت ٿڏي تي فوت

شهدادڪوٽ/ بهرام (ڊر+ن ع آ) بهرام ٿاڻي جي حد درگاهه حاڪم شاهه ويجهو  قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون  سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي ويٺل 30 ورهين جي عورت انور خاتون زال منظور ٽوٽاڻي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ساڻس گڏ …

تفصيل »

ڪلوکوهر ۽ آس پاس ٻاڪري مال ۾بيماري، ڪيترائي ڍور مري ويا

نوري آباد (ن ع آ) ڪلوکوهر شهر جي آس پاس يعقوب پالاري، بلاول پالاري، ترڪ پالاري، موندر پوٽا ۽ ممون پالاري ڳوٺن ۾چوپائي مال ۾ بيماري پکڙجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڍور مري ويا. گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڳوٺ يعقوب پالاري ۾صيفل پالاري جون 12 ٻڪريون، ڪلوکوهر ۾موندرپوٽن …

تفصيل »

سنڌ جا ڪئنال بند ڪري پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي:پ پ شهيد ڀٽو

حيدرآباد (پ ر) پيپلز پارٽي (شهيدڀٽو) سنڌ جي صدر علي احمد پليپوٽي ۽ اطلاعات سيڪريٽري ايڊووڪيٽ پيرل مجيداڻي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ضرورت جيترو هجڻ جي باوجود گڊو ۽ سکر بئراج جي ڪئنالن جي انجنيئرن پاران انڊينٽ جاري نه ڪرڻ ڪري رائيس ڪئنال مڪمل بند کير ٿر ۽ دادو ڪئنالن …

تفصيل »

گرفتاري بعد نوابشاهه ۾پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي وارثن جو دادو ۾ڌرڻو

دادو (رپورٽ : عزيز احمد ملڪ) 13 ڏينهن اڳ نوابشاهه پوليس پاران گرفتاري بعد جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان غلام رسول لنڊ جي وارثن، سنڌ لنڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن، وطن دوست فورم جي سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري دادو نيشنل پريس ڪلب آڏو …

تفصيل »