22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اڄ جي اخبار

گهاري لڳ پيش امام جي نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش، گرفتار

گهارو (ن ع آ)گهاري لڳ ڳوٺ محراب جوکيي جي مسجد ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان امامت لاءِ آيل پيش امام غلام قادر اڱاريو ڳوٺ جي 8 ورهين جي نينگر (م ا جوکيو) کي ورغلائي مسجدجي احاطي ۾ قائم ٿيل ڪوارٽر ۾ وٺي ويو، جتي نينگر سان بدفعليءَ جي ڪوشش ڪئي …

تفصيل »

پسند شادي تي قتل جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي: جوڙو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) کتري برادري پاران پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي کي قتل ڪرڻ جي فتوا ڏيئي ڇڏي، پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪراچي جي گلشن حديد واسڻ ناري مسڪان کتري ۽ هٿونگو واسي نوجوان مهيش ڪمار کتري تحفظ لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب پهتا جتي پريس ڪانفرنس ڪندي پريمي جوڙي چيو ته …

تفصيل »

ڪوٽڙي ۾ هٿياربندن گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت قتل ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي جي مسلم ٽائون واري علائقي ۾ ٻٽ ٻڌل ٻه موٽر سائيڪل سوارن گهر کان ٻاهر گڏھ گاڏو ڪاهي روزگار لاءِ ويندڙ پورهيت 45 سالن جي سڪندر کونهارو کي ڳوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي …

تفصيل »

فريال ۽ ٻين جا اقاما، اليڪشن ڪميشن جواب داخل نه ڪرايو ته فيصلو ڪنداسين:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر، منظور وساڻ، ناصر حسين شاهه ۽ سهيل انور سيال سميت ٻين جي خلاف اقاما ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب داخل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي …

تفصيل »

ڪراچي ۾ مستونگ جهڙي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 3 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ اينٽي وئلينٽ سيل پوليس ڪراچي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي پابندي مڙهيل جهادي تنظيم جي 3 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، گذريل اڱاري واري رات ديرسان اتحاد ائون واري علائقي رئيس امروهي ڪالوني ۾ اي وي سي سي ڳجهي اطلاع تي …

تفصيل »

ڪوٽڙي لڳ موٽرسائيڪل ترڪڻ سبب 2 ڀائر فوت

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي جي علائقي بروهي چوڪ جا رهواسي پورهيت گهر کان نڪري مين نيشنل هاء وي تي هڏي مل ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب پورهي تي ويندڙ ٻه نوجوان ڀائر 17  ساله صدام حسين ۽ احسان علي سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال …

تفصيل »

صدر جي اڄ چونڊ، مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جون آخري ڪوششون ناڪام، ن ليگ جو انڪار

اسلام آباد (ُويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ اڄ اڱاري تي قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صبح جو 10 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين ٿيندي. ڪل 3 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ڳڻپ بعد فارم 5 تي نتيجو ٻڌايو ويندو. سومر تي …

تفصيل »

بجلي في يونٽ ٻه رپيا مهانگي، 5 لک سستا گهر ٺاهڻ لاءِ حڪمت عملي تيار

اسلام آباد (م ڊ) نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي دعويٰ ڪندڙ تحريڪ انصاف سرڪار عوام لاءِ پهريون مهانگائي جو تحفو تيار ڪندي بجلي في يونٽ 2 رپيا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ٽن مهينن اندر غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو …

تفصيل »

وزيراعظم آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪري: رضا رباني

اسلام آباد ( بيورو ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي وزيراعظم عمران خان کي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته وزيراعظم کي آمريڪي پرڏيهي وزير جي آمد تي ساڻس ملاقات …

تفصيل »

وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي.وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوه وچ ۾ ٿيل ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو …

تفصيل »