18 جمعرات , جنوری 2018

اڄ جي اخبار

ڪراچي جي پارڪ ۾ نوجوان قتل ڪندڙ رينجرز اهلڪارن جي سزا معاف

اسلام آباد (م ڊ) صدر ممنون حسين پاڪستان رينجرز جي 6 اهلڪارن کي ڪراچي ۾ 2011ع ۾ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ معافي ڏئي ڇڏي آهي. صدر اها معافي آئين جي شق 45 تحت حاصل اختيارن تحت ڏني آهي. جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ملي …

تفصيل »

ٺُل لڳ نينگر تي ڪُتو بڇ، ٻارڙو زخمي، بااثرن گرفتار جوابدار کي آزاد ڪرائي ڇڏيو

ٺل(ن ع آ) ٺل لڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ايازاحمد کوسو ۾ رستي جي معاملي تان ڪنڊراڻين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد مڇريل ڳوٺاڻن پنج سال جي نينگر غلام حسين پٽ منظوراحمد ڪنڊراڻي کي پڪڙي ڇتي ڪتي جي بڇ ڪرائيڇڏي جنهن جي ڪري نينگر دانهون ڪيون،جڏهن ته …

تفصيل »

نواز شريف سان ملڪ رياض جي مهيني ۾ ٻي ملاقات

لاهور (م ڊ) مشهور بلڊر ملڪ رياض اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ رياض ملاقات دوران نواز شريف کان سندس گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت جي باري ۾ پڇيو ۽ …

تفصيل »

وزيراعظم شگرملن بابت اسان جي هڪ به نه ٻڌي، عدليه ۽ آءِ جي سان جهيڙو ناهي: وڏو وزير

ڏهرڪي (رپورٽ اعظم سهرياڻي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ ڪينجهر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سردار احمد علي خان پتافي جي تڏي تي پهچي پونئيرن  عبدالقيومپتافي، عبدالباري خان پتافي، هالار خان پتافي، عبدالباقي پتافي سان تعزيت ڪئي، وڏي وزير …

تفصيل »

ٽنڊي محمد خان ۾ ڪمند اگھه نه ڏيڻ خلاف ايس ٽي پي جو ڌرڻو، حيدرآباد روڊ بند

ٽندو محمد خان  (رپورٽ: حيدر شورو )  ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪمند جي آبادگارن سان ايڪتا طور حيدرآباد بدين روڊ تي ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري گلزار سومرو ، رابطا سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد نوناري جي اڳواڻي ۾ …

تفصيل »

نواز شريف پاڻ ئي نه ٿو چاهي ته حڪومت مدو پورو ڪري: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لڳي ٿو نواز شريف نٿو چاهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي سياسي بحران تي تبصرو ڪندي چيو ته ڇا وفاقي حڪومت …

تفصيل »

عمران ڀلي شادي ڪري، روحاني شخصيت ۾ اکيون وجهڻ درست ناهي:شاهي سيد

حيدرآباد (رپورٽر) اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد چيو آهي ته شادي عمران خان جو حق آهي پر روحاني شخصيت تي اهڙي نظر نه رکڻ گهرجي، عمران خان پاڻ چئي ٿو ته ميڊيا ۾ سندس ذاتيزندگي تي ڳالهايو وڃي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهي سيد چيو ته ڪي پي …

تفصيل »

مٺيءَ ۾ ٽئين ڏينهن به هڙتال، شهرين جو ايس ايس پي تي بي اعتمادي

مٺي (بيورو) مٺي ۾ٻن واپاري ڀائرن دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار مهيشوري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. هڙتال سبب شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ۽ ڌرڻي سبب سمورا رستا بلاڪ رهيا. ان موقعي تي ڪشور جڳاڻي، …

تفصيل »

سياستدان ڪراچي واسين کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن: پرويز مشرف

ڪراچي (رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته ڪراچي واحد شهر آهي، جتي هر قوم ماڻهو رهن ٿا، سياستدان ڪراچي جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن، ڪراچي وارئو مون سان گڏ هلو، مان توهان کي صحيح رستي تي وٺي ويندس. لياقت آباد ۾ …

تفصيل »

آمريڪا سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان، ٽرمپ غير فوجي امداد روڪڻ جو به حامي

اسلام آباد/واشنگٽن (م ڊ) پاڪستان آمريڪا سان اتحاد باضابطا طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا نيٽو سپلاءِ رڪڻ جي خدشي سبب مختلف رخن تي غور شروع ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي غيرفوجي مدد روڪڻ جي به حمايت ڪئي آهي. آمريڪي بچاءَ کاتي پاڪستان جي رد عمل جي …

تفصيل »