22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اڄ جي اخبار

حڪومت اعلان ڪري ته مجبور آهيون: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته آمريت کان فورن بعد مشرف خلاف ڪارروائي مشڪل هئي. دنيا نيوز ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڊگهي آمريت کانپوءِ حڪومت سنڀالي هئي. جيڪڏهن حڪومت مجبور آهي ته اسان وانگر مجبوري جو اعلان …

تفصيل »

ڪراچي ۾ رينجرز چوڪي تي ڪريڪر حملو، 2 اهلڪار زخمي، لساني جماعت ملوث آهي: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي ۾ 4 ڏينهن جي وقفي بعد ٻيهر رينجرز چوڪي تي دستي بم حملو، 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا،  ڊي جي رينجرز سنڌ واقعي واري هنڌ پهچي دورو ڪيو. ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو ڪالهه منجهند جو موٽرسائيڪل تي سوار جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جيڪو زوردار ڌماڪي سان …

تفصيل »

مشرف بابت فيصلي سان جمهوريت جي بيوسي ظاهر ٿي، نظريه ضرورت زنده ٿي ويو: قانوندان

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) قانون جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سان ثابت ٿي ٿو ته سويلين حڪمران ڪيترا بيوس آهن .مشرف جي پرڏيهه وڃڻ سان نظريه  ضرورت زنده ٿي ويو آهي . آمريت مضبوظ ٿي وئي آهي .آرٽيڪل 6 تي ملي …

تفصيل »

نيب عملدار سڏائي ٺڳيون ڪندڙ طارق سليم کي 7 سال ٽيپ

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت شهرين سان فراڊ ڪندڙ جعلي نيب آفيسر طارق سليم کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.پاڻ کي نيب جو آفيسر سڏرائي شهرين سان فراڊ ڪندڙ طارق سليم خلاف ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت طارق سليم …

تفصيل »

آدمشماري بعد 20 نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن: فاروق ستار

ڪراچي(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم خلاف سازشون ڪا نئين ڳالهه ناهي، اقتدار جي حوس رکندڙ حڪمرانن پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ڪالهه ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي تاسيس واري ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو …

تفصيل »

ڪراچي ۾خانگي ڪمپني جي جهاز سان حادثو، پائليٽ سميت 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي ننڍو جهاز حادثي جو شڪار، پائليٽ سميت 3 ڄڻا زخمي، ڪالهه صبح 9 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ آئل ڪمپني جي  عملي کي کڻي ويندڙ ننڍو جهاز رن وي تان اڏام ڀرڻ جي ڪجهه ئي گهڙين بعد ٽيڪنيڪل خرابي بعد حادثي جو شڪار ٿي ويو، ايئرپورٽ …

تفصيل »

وڏي وزير سان خورشيد شاهه جي ملاقات، مشرف معاملي تي احتجاج بابت ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (ع آ نيوز)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد  شاهه سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال  سميت مختلف معاملن تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان اپوزيشن …

تفصيل »

سنگين ڪيسن باوجود نواز شريف مشرف کي آزاد ڪري ڇڏيو: بلاول

ڪراچي(ع آ نيوز) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنگين ڪيسن باوجود پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو پيو وڃي، مشرف کي ڇڏيو ويو ته ڪيترائي اهم ڪيس اڌورا رهجي ويندا. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ کي …

تفصيل »

اڄ ڪارو ڏينهن آهي، ثابت ٿيو ته سويلين حڪمراني ڪيتري بيوس آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ اينڪر افتخار احمد چيو آهي ته چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪري سسٽم کي بچايو. اڳوڻي حڪومت مسرف خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي. جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرٽيڪل 6 اي پي ۽ سي آهي. مارشل لا پوري ڪمانڊ لڳائيندي آهي. …

تفصيل »

هڪ آرمي چيف پاڻ کي بي وقار ڪيو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته چوڌري نثار جي چهري تي مايوسيون ظاهر هيون. مشرف فرار جي صورت ۾ سيٽ بڪ ڪرائي رکي هئي. سپريم ڪورٽ جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائي وڃي. 24 نيوز چئنل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو …

تفصيل »