21 اڱارو , آگسٽ 2018

اڄ جي اخبار

ملير جي ٻن سنڌي ڳوٺن تي پوليس چڙهائي، 60 ماڻهو کنڀي گم، ڌرڻو، پٽيشن داخل

گڏاپ/نئين ڪراچي (رپورٽ:ممتاز شيخ/علي گوهر بلوچ) پوليس جي وڏن اٽالن گڏاپ جي الله رکيو برفت ڳوٺ، نور محمد برفت ڳوٺ، سيفل ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 60کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي  گرفتار ٿيلن ۾  رمضان ملاح، پيپلز پارٽي جي وائيس چيئرمين نور خان برفت …

تفصيل »

سنڌ ۾ ڪهر جي گرمي باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ معمول، هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ فوت

ڪراچي/ حيدر آباد / سکر  (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي شديد لهر برقرار آهي، گذريل ڏينهن موسميات کاتي طرفان گرمي پد 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب داخل ٿيل قمبر واسي نوجوان محمد صالح چانڊيو گرمي جي سٽ …

تفصيل »

حيدرآباد ۾پاڻي جي کوٽ خلاف ماڻڪ لغاري جي آبادگارن جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ماتلي تعلقي جي ڳوٺ ماڻڪ لغاري جي آبادگارن بڪيراڻي سب ڊويزن جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس  ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ مطلوب احمد سريوال، حافظ اختيار احمد ۽ قيوم زنئور چيو ته بڪيراڻي سب ڊويزن جي زنئور شاخ …

تفصيل »

ڪي اين شاهه ۾واٽر سپلاءِ ناڪارا،کوهه به سڪي ويا، پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، احتجاج

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ : ايس آزاد بخاري ) خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي ٽن يونين ڪائونسلن، ڇوڙ قمبر، ٻرڙا، ڇنڊڻ، جي ڳوٺن بيگوديرو، مير محمد مشوري، آرائين ڳوٺ،گشڪوري، ڪڙيو، ڳاڙهي، بگ، ٻرڙا، سنگهڙ، لاهوري، ڳچل، ڪور حسين،  لشڪرچانڊيي سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي …

تفصيل »

ميرپورخاص ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو نائين ڏينهن به ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورو) پاڻي جي کوٽ خلاف  ٽيل آبادگار ويلفير ايسوسيشن پاران اڄ  9 ڏينهن به  آبادگارن پاران ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آفيس اڳيان ڌرڻو جاري، ڪير به ڪامورو ڳالهين لاءِ نه پهتو آبادگارن پاران نئوڪوٽ کان ميرپورخاص  تائين هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ڪمشنر آفيس جي گهيرائو جو اعلان، ڪمشنر  ان موقعي …

تفصيل »

ڀان سيد آباد ۾اسڪول جي پلاٽ تي قبضي خلاف ڇڪتاڻ،پوليس ڏسي قبضا مافيا فرار،مظاهرو،ڌرڻو

ڀان سيدآباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان سيدآباد شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي سامهون مين روڊ تي اسڪول جي پلاٽ تي قبضا مافيا ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ته سوين شهرين ، شاگردن ۽ قبضا مافيا ۾ منهن ماري ٿيڻ کان  پوءِ ڇڪتاڻ  ٿي وئي. جنهن دوران شهرين ۽ شاگردن …

تفصيل »

پنگريي جي زنده لاش بڻيل نائما جي پيءُ تي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر جي ڇاڙتن جو هٿيار تاڻي ٺاهه لاءِ دٻاءُ، مظاهرو

پنگريو (رپورٽ:  هارون کٽي)  پنگريو ۾ ڊاڪٽر جي غلط علاج سب هٿن پيرن کان معذور  ٿي ويل معصوم  نياڻي نائمه خاصخيلي  جي والد محمد حنيف خاصخيلي شاهه لطيف  پريس ڪلب پنگريو ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو ته آئون تمام غريب مڪسين آهيان منهنجي معصوم نياڻي جا زخم  ناسور ٿي ويا …

تفصيل »

ڪنگري لڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، لاش درياءَ ۾ لوڙهيو ويو

پيرجوڳوٺ(رپورٽ : منٺار جاگيراڻي)  ڪنگري جي  برادي جتوئي ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ محراب جتوئي ۾ جوابدار علي خان عرف علو جتوئي پاران  ڪارنهن الزام هيٺ  نوجوان ڀاڄائي واجدان زال اعظم جتوئي کي کنڀي کڻي گوليون هڻي  قتل ڪري لاش سنڌو درياءَ  ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان …

تفصيل »

سکر ۾سج سوا نيزي پاند، 50 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش، لوڊشيڊنگ سبب شهرين جو جيئڻ جنجال

سکر (رپورٽ: اظهر علي دايو)سکر ۾سج سوا نيزي تي لهي آيو، 12 وڳي تائين گرمي پد 45 سينٽي گريڊ کان وڌي وئي، سخت گرمي باوجود سيپڪو جون ڪارروائيون بند نه ٿيون سکر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي قلت برقرار سکر  جو عوام ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهي ويو، …

تفصيل »

اغوا، ريپ ۽ جڳڙن کي پارليامينٽ ۽ عدليا ختم ڪرائي سگهن ٿيون: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو گيلاني فيملي کي علي حيدر گيلاني جي 3 سالن کان پوءِ آزادي جي مبارڪ باد ڏني  آهي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اغوا، ريپ ۽ جڳڙن کي پارليامينٽ ۽ عدليا ختم ڪرائي سگهن ٿيون. اغوا انڊسٽري سبب …

تفصيل »