21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

اڄ جي اخبار

مستونگ سانحي جو ڪيس 36 ڪلاڪن بعد به داخل نه ٿيو

ڪوئيٽا(م ڊ) ليويز اختيارين موجب مستونگ آپگهاتي حملي جو ڪيس هن وقت تائين داخل ناهي ٿي سگهيو، پر ضروري ڪارروائي بعد ڪيس ليويز ٿاڻي درينڳڙهه ۾ داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ليويز اختيارين موجب درينڳڙهه ۾ آپگهاتي حملي  جي مقام کي محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ واقعي واري هنڌان ثبوت گڏ …

تفصيل »

دهشگرد ڪارروايون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش آهن: نثارکهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا جمهوري سياسي قوتن کي چونڊ مهم کان روڪڻ ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش ٿي سگهن ٿا پر چونڊون هر حال ۾ وقت ٿي ٿيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جواظهار هن لاڙڪاڻي شهر …

تفصيل »

نواز ۽ مريم جو جيل ۾ پهريون ڏينهن، ماءُ ۽ ڀاتين جي ملاقات، سزا خلاف سڀاڻي اپيل 

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اڊيالا جيل ۾ بي ڪلاس ملي ويو، گهر ڀاتين ملاقات ڪري ورتي. عدالت جو وقت ختم ٿيڻ سبب اپيل داخل نه ڪرائي وئي سڀاڻي داخل ڪئي ويندي. مليل اطلاعن موجب نواز شريف کي اڊيالا جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو  ويو آهي. جيل …

تفصيل »

پليجي سنڌ ۾ عورت کي آزادي ڏياري، نيون روايتون قائم ڪيون، ڌرتي مخالفن خلاف سگهارو آواز هو: مقرر

ٺٽو ( رپورٽ :شبير ڀٽي ) برک سياستدان، دانشور ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي چاليهي جون رسمون جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرام گاھ ڀرسان اداڪيون ويون. ان موقعي تي ” رسول بخش پليجو انقلابي آواز “ جي سري هيٺ جلسو به منعقد …

تفصيل »

نواز شريف ۽ مريم نواز جي جيل وڃڻ تي افسوس ٿيو: چوڌري نثار

راولپنڊي (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار علي چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل وڃڻ تي افسوس ٿي رهيو  آهي. راولپنڊيءَ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار علي چيو ته منهنجو مسلم ليگ ن سان 34 سالن کان تعلق …

تفصيل »

ساماري ۾ پرڻيل عورت جو زهريلي دوا پئي آپگهات ڪوشش

سامارو ( ن ع آ ) سامارو لڳ نوجوان عورت زهريلي دوا پئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺ حاجي ابراهيم دونڪاڻي جي پمي زال ڏيوسي ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب زهريلي دوا پئي آنت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سامارو تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو …

تفصيل »

اسحاق ڊار کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ريڊ وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي ۽ گهرو وزارت سندس ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسحاق ڊار کي طلب ڪرڻ جي ڪيس ۾ گهرو وزارت جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جواب ۾ چيو ويو …

تفصيل »

نواز شريف ۽ مريم لاهور پهچندي گرفتار، اسلام آباد منتقل، پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد / لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز وطن واپس پهچندي ئي گرفتار ٿي اسلام آباد منتقل ٿي ويا آهن. نواز شريف ۽ مريم گذريل رات دير سان لنڊن کان روانا ٿيا.  سندن جهاز ابوظهبي ۾ 6 ڪلاڪ رڪيو، جنهن بعد لاهور روانو ٿيو، …

تفصيل »

آج نيوز انٽرويو نه هلايو، نواز شريف جو ڏوراپو

ابوظهبي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو آج نيوز  جي اينڪر عاصمه شيرازي  کي ڏنل انٽرويو  کي نشر نه ڪيو ويو، بي بي سي موجب نواز شريف ان باري ۾ بعد ۾ عاصمه کان پڇيو ته ٻڌو آهي ته منهنجو ڪالهوڪو انٽرويو نه هليو، توهان جو چينل هلائي ها ته …

تفصيل »

افغانستان ۾ فوجي اڏي تي طالبان جو حملو، 40 اهلڪار مارجي ويا

Security forces and Taliban struggles in Afghanistan, 40 soldiers and 24 wounding were killed

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي صوبي قندوز ۾ طالبان جي حملي ۾ 40 افغان فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، طالبان طرفان پل مومن فوجي  اڏي کي نشانو بڻايو ويو، ويڙهاڪ طالبان هٿيار پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻئي پاسي افغان سيڪيورٽي فورسز صوبي  پڪتيا  جي ضلعي …

تفصيل »