22 اتوار , اپریل 2018

رانديون

اينڊي مري پيرس ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل ٻُهاري ويو

پيرس (اسپورٽس نيوز) برطانوي ٽينس اسٽار اينڊي مري پيرس ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ جاري ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز ايونٽ جو فائنل عالمي نمبر ٻه برطانيا جي اينڊي مري ۽ آمريڪا جي جان ازنر وچ ۾ ٿيو، جنهن …

تفصيل »

بنگلاديش پريميئر ليگ جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿيندا

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جا مقابلا 4 نومبر کان شروع ٿيڻا هئا پر بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ لاڳيتي برسات سبب ميچون نه ٿي سگهيون هيون، جنهن کانپوءِ ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي شيڊيول ملتوي ڪندي مئچون معطل ڪري ڇڏيون هيون، جيڪي سڀاڻي کان …

تفصيل »

يوراج سنگهه ۽ هيزل ڪيچ 30 نومبر تي شادي ڪندا

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر يوراج سنگهه ۽ اداڪارا هيزل ڪيچ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، شادي لاءِ خاص ڪارڊ تيار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مهمانن کي دعوت ڏيڻ جو پڻ منفرد طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. ٻنهي …

تفصيل »

ڪينگروز گهر ۾ ئي ڍير، ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽيسٽ کٽي ورتي

پرٿ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي 177 تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي. پرٿ ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 539 جي ٽارگيٽ پويان ڊڪندي سموري آسٽريلوي ٽيم 361 رنسن تي ڍير ٿي وئي. …

تفصيل »

ورلڊ جونيئر تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ: پاڪستاني ٽيم 12 نومبر تي ڪينيڊا ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ورلڊ جونيئر تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ 7 رڪني پاڪستاني ٽيم 12 نومبر تي ڪينيڊا رواني ٿيندي. ان حوالي سان پاڪستان تائيڪوانڊو فيڊريشن جي صدر ڪرنل (ر) وسيم احمد جنجوعا موجب چيمپيئن شپ 16 کان 20 نومبر تائين ڪينيڊا ۾ ٿيندي، جنهن ۾ 4 رانديگر …

تفصيل »

ٻي بلائينڊ پريميئر ليگ 17نومبر کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) بهاولپور بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪلب جي اهتمام هيٺ ٻي بلائينڊ پريميئر ليگ 17 نومبر کان شروع ٿيندي. ان حوالي سان پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سلطان شاهه جو چوڻ هو ته ايونٽ ۾ سڄي ملڪ کان 4 ٽيمون حصو …

تفصيل »

قومي جوڊو رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جوڊو فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان مختلف عالمي ايونٽن جي تيارين لاءِ رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ جاري آهي. ان حوالي سان پاڪستان جوڊو فيڊريشن جي نائب صدر مسعود احمد خان موجب تربيتي ڪئمپ …

تفصيل »

پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست، آسٽريليا جونيئر سلطاف آف جوهر هاڪي ڪپ کٽي ورتو

ڪوالالمپور(ع آ نيوز) پاڪستان جو جونيئر سلطاف آف جوهر هاڪي ڪپ کٽڻ جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي. آسٽريليا جونيئر سلطان آف جوهر هاڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. جونيئر سلطان آف جوهر هاڪي ڪپ ڪوالالمپور ۾ کيڏيو ويو. ٽورنامينٽ جو فائنل پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو …

تفصيل »

پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ دوري جي شروعات 11 نومبر کان پريڪٽس ميچ سان ڪندي

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم نيوزي لينڊ خلاف دوري جي شروعات 11 نومبر کان پريڪٽس ميچ سان ڪندي. رپورٽ موجب قومي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ پهچي وئي آهي، جيڪا 11 کان 13 نومبر تائين نيوزيلينڊ جي اي ٽيم خلاف وارم اپ ميچ کيڏندي. …

تفصيل »

ويسٽ انڊيز هٿان شڪست کانپوءِ سبق سکيو آهي: مڪي آرٿر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته اسان ويسٽ انڊيز هٿان آخري ٽيسٽ ۾ شڪست جو سبق سکيو آهي. رپورٽ موجب پاڪستاني ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ پهچي وئي آهي. ان حوالي سان مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته …

تفصيل »