19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ سماچار

سکر: گرميءَ ۾ واڌ بعد ڪيترائي ٻارڙا گيسٽرو وگھي اسپتالن ڀيڙا، اسپتالن ۾ بسترن جي کوٽ

سکر (ن ع آ) سکر سميت اتر سنڌ ۾ سخت گرمي پوڻ سبب مختلف شهرن شڪارپور، چڪ، خانپور، لکي غلام شاهه، باگڙجي، جيڪب آباد، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، سانگي سميت ٻين علائقن مان سوين مرد، عورتون، ۽ معصوم ٻارڙا گيسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد سول اسپتال ۾ داخل …

تفصيل »

ڀان سيدآباد لڳ تيز رفتار وين ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، عورت فوت، 15 ڄڻا سخت زخمي

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد لڳ ڀلائي موڙ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار وين ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ ميهڙ رهواسڻ مسمات فريدا ڪنڀر فوت ٿي وئي. جڏهن ته عبدالغفار، عرفان چنو، مسمات عنا خاتون زال عرفان چنو، عمران خاصخيلي سميت …

تفصيل »

ميهڙ ۾ مختلف شاخن جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف پٽ تي ليٽي ۽ سڪل ٻيجارو کڻي مظاهرو

ميهڙ(ن ع آ) ڌامراهه واهه مان نڪرندڙ شاخن بشارت شاخ، ماڏو شاخ ۽ سيدپور شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين هٿن ۾ سڪل ساريالو ٻيجارو ڪوڏرون کڻي محمد ايوب ڏيرو ، عبدالخالق ڏيرو ابراهيم چانڊيو ، عبدالجبار چانڊيو ، پپو تيوڻو ، مور رند ، فدا …

تفصيل »

سکر واسڻ جو ساهرن جي ظلم خلاف ٻارڙن سان گڏ مظاهرو، انصاف جي گهر

سکر(ن ع آ) بشير آباد جي رهواسڻ 3 ٻارن جي ماءُ پنهنجي سسُ ۽ ڏيرن خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مسمات شهزادي شيخ ٻڌايو ته منهنجو مڙس شعبان شيخ روزانو تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي، جڏهن ته سسُ مسمات راڻي غلط ڪم لاءِ زور ڀريندي …

تفصيل »

نئين گاج پُل ڊرگهه بالا ۾ ناقص مٽيريل استعمال، پ پ يوٿ ونگ ڪارڪنن جو ٺيڪيدار خلاف مظاهرو ۽ ڌرڻو

ڊرگهه بالا(ن ع آ)  ڊرگھه بالا ۾ نئين گاج  پُل ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف پ پ يوٿ ونگ جي ڪارڪنن  جو ٺيڪيدار  خلاف  نئين گاج پُل وٽ احتجاجي مظاھرو ڌرڻو . تفصيل موجب . ڊرگھ بالا  لڳ ڳوٺ راڄو ڳنڊو  وٽ نئين گاج  پُل  ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ  …

تفصيل »

ڪارڪنن جي گم ٿيڻ خلاف متحده جو احتجاج، انصاف نه مليو ته نظام تبديل ڪري ڇڏينداسين: متحده

ڪراچي(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم پاران ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف ڪراچي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعيي تي متحده جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سميت پارٽي اڳواڻ موجود هئا، ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪارڪنن کي کنڀڻ جو سلسلو بند …

تفصيل »

ڪوٽ غلام محمد پوليس پاران ڪارروائي دوران عورت بازياب ڪرائي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ) ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عنايت زرداري پوليس اٽالي سان پيٽرول پمپ وٽ هڪ ڪار تي ڇاپو هڻي 20 ڏينهن اڳ مبيانه اغوا ڄاڻايل ڳوٺ دودو لغاري واسڻ شادي شده عورت 30 سالا مسمات شيربانو زال اسلم خاصخيلي ۽ سندس 8 سالن …

تفصيل »

ڀان سيدآباد ۾ جلباڻي برادري جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ۽ ڌرڻو

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ جلباڻي برادري پاران حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو، ڌرڻو ، انڊس هاءِ وي بلاڪ تفصيل موجب ڳوٺ محبت خان جلباڻي جي رهواسي انور علي جلباڻي، غلام مرتضيٰ جلباڻي، مومن علي ، حاجي هارون، امام علي ۽ گل محمد جلباڻي جي …

تفصيل »

ٺل شهر انتظاميا جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهيل، رهواسي سخت پريشان

ٺل(ن ع آ) ٺل شهر لاوارث ۽ ننڌڻڪو ٿي ويو،شهر جي مختلف محلن ۽ گهٽين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو،ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميه گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل،شهر جي ترقي جي لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ …

تفصيل »

پڊعيدن ڀرسان نصرت ڪئنال کي 30 فوٽ گهارو، ڪيترائي ڳوٺ لڙهي ويا، فصل تباهه

پڊعيدن(ن ع آ) پڊعيدن ۾ نصرت ڪئنال کي آر ڊي 87 وٽ 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سوين ايڪڙ فصل پڻ لڙهي ويو آهي. نصرت ڪئنال کي پيل گهارو ڏسندي ئي ڏسندي 150 فوٽ ويڪرو ٿي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي …

تفصيل »