18 سومر , جون 2018

ميگزين

سوشل ميڊيا ادبي ذوق شوق کي وڌايو، پر ادب کي ڌڪ به رسايو آھي ليکڪ، شاعر، اديب، فنڪار، اسٽيج اداڪار ۽ صوفي شبير احمد جو فيس بوڪ تي ورتل انٽرويو :ترتيب: مٺل جسڪاڻي

  ڪهڙو به ليکڪ، جيڪڏهن وقفي وقفي يا ساهين سان، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڇپبو ايندو، ته ليکڪن جي قطار ۾ شامل سمجهبو، نه ته ڀلي پاڻ وٽ ڪيترو به لکيو، رکيو ويٺو هجي، ڪنهن کي به خبر نه پوندي، ته ڪو اهو به ليکڪ آهي! شبير احمد وري …

تفصيل »

مقناطيسي قوت حاضرين کي سُن ڪري ڇڏيو!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

اسين ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان اشاعتي سلسلي جو پهريون ڪتاب ’فن تحقيق ۽ ان جا اصول‘ شايع ڪرايوسين؛ جنهن جي نقاب ڪشائي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک ۽ سونهاري سنڌ مان آيل استاد، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پاڪ هٿن کان ڪئي ويئي. پوڻا ٻه سئو صفحات …

تفصيل »

نوٽ بڪ جا ورق:گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد آهي-11:آدرش

اسلام آباد بيوروڪريسيءَ جو جهنگ آهي. جتي بگهڙن جو راڄ آهي. مون جهڙي گدڙَ کي اُتي پڄڻ ۾ اڃا ڳپل وقت هو. مان سوچ جي سفر ۾، ٻيڙيءَ ۾ سوار هيم. ٻيڙي وچ درياءَ ۾ پڳي هئي. مون سگريٽ دُکايو. دونهون چانڊوڪيءَ ۾ ڦهلجي ويو. چانڊوڪيءَ ۾ چتر ٺهندا ويا. *** اسان …

تفصيل »

الک ثقافتي ورثو انتظاري ۽ التجا جو لوڪ گيت ”مومل“:نوراحمد جنجهي

انسان  جي فطرت ۾ آهي ته هو پنهنجي رهڻي ڪهڻي کي تبديل ڪندورهي ٿو ، سنواريندو سُڌاريندو رهي ٿو، پنهنجي  تخليقي سگهه وسيلي پنهنجي رهڻي ڪهڻي جو احوال به اوريندو رهي ٿو. صديون پراڻن ديومالائي ڪٿائن کان وٺي موجوده ادب تائين انسان پنهنجي ڏکن ، سُکن، اهنجن، ايذائن، آسن ، …

تفصيل »

مزاحيه ڪالم ڪهاڻي رهجي ويل چانهن:نور گهلو

مکڻ خان اڄ ڏاڍو پريشان هو، بي روزگاري، اڃا به هڏ حراميءَ سبب پريشان ته سدائين رهندو هو ته وري هن جي پوڙهي زال، جوان ڇوڪري وانگر فرمائشون ڪندي هئي ته اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هئو. پر جيئن ته چالاڪ هئو، تنهنڪري هو ماڻهن کي مکڻ لڳائي، ڪجهه …

تفصيل »

سعيو سامونڊين سين دنيا جي سمجهه ۽ سکيا لاءِ ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۾ هزارين خزانا آهن!: ڊاڪٽر ايوب شيخ

ٿائيلينڊ جو گم ٿيل ماڻهو جم ٿامپسن: اسان مهاتما ٻڌ جي سوني مجسمي کان واپسيءَ تي، بئنڪاڪ شهر جي مرڪزي شاهراهه تي ان هنڌ پهتاسي، جتان اسان کي ”جم ٿامپسن“ ميوزم لاءِ سياحن کي وٺي وڃڻ لاءِ گاڏي بيٺي هئي. ميوزم داخلا جا ٽي ڊالر يا 100 باٿ في ماڻهو …

تفصيل »

تُرڪيءَ جي نامياري عالم فتح الله گولن جو ڪتاب اکين کان اوجهل جهان :رکيل مورائي

خدا، ڪائنات، انسان مذهب ۽ انساني ڳجهه، اهڙا موضوع آهن جن تي هزارين سالن کان لڳاتار لکجي رهيو آهي. پوءِ به اُهي اهڙا عجب اسرار آهن جن بابت انسان جو عقل سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان قاصر آهي، خدا تعاليٰ ۽ ان جي ذات، ڪائنات جا اڻ ڏٺل/نظر نه ايندڙ اسرار …

تفصيل »

ڏک ورهائڻ سان گهٽبا آهن عذابن جي سِلور جُوبلي:حصو ٻيون ۽ آخري:ريٽا شهاڻي

هيرو شيوڪاڻي هن پنهنجي خط ۾ لکيو: ”پنهنجي اثر ۽ رسوخ سان، تون هند، سنڌ ۽ ان جي آسپاس پرڀا منڊل برپا ڪري سگهين آهين.“ مطلب ته  هو مڃي ٿو ته مون کي قبوليت ملي آهي پر…. ان لاءِ مون ڪجهه ڪيو آهي، پاڻهي ڪا نه ملي آهي. ان جو …

تفصيل »

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!:الطاف شيخ

اڄ بنارس شهر جي ٻن ٽن ڪلاڪن جي چڪر لاءِ مون سان گڏ جيت سنگهه نالي هِتي جي هڪ پرائمري اسڪول جو سک ٽيچر هو. هو شامَ جي وقت ڪجهه ڪلاڪ بنارس ۾ آيل  ٽوئرسٽن يا ياترين سان گڏ گائيڊ ٿي چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿو. جيت سنگهه پنجاب (يعني …

تفصيل »

رينجرز اختيارن تي جاري سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ جھيڙو ۽ سنڌ جا مفاد:قاسم سوڍر

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ پوليس جي مڪمل نااهلي سبب، حڪومتي توڙي عوامي سطح تي رينجرز ۽ فوج جي جهڙي طرح ساک بحال ٿيل آهي، تنهن منجھان ائين لڳي ٿو جهڙوڪ اهي ٻيئي ادارا نه هجن ها ته نه ڄاڻ هن ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿئي ها. جيتوڻيڪ، اهو سمجھڻ …

تفصيل »