21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نڪور خبرون

قوم جو مسئلو گاڏيون نيلام ڪرڻ سان حل نه ٿيندو: مولا بخش چانڊيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ابتدائي 20 ڏينهن جي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته قوم جو مسئلو گاڏيون نيلام ڪرڻ سان حل ٿيندو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ هڪ اهڙي موقعي تي پريس …

تفصيل »

سنڌ ڪابينا ۾ چئن وزيرن جو اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ چئن وزيرن کي شامل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جو انگ 12 ٿي ويو آهي. نون وزيرن جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي عمران اسماعيل چئني وزيرن کان حلف ورتو. حلف …

تفصيل »

پومپيو سان 300 ملين ڊالر روڪڻ تي ڳالهيون نه ٿيون: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي وفد جي آمد بعد لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز قرار ڏيندي چيو ته  پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان اسان 300 ملين ڊالر جي امداد روڪڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو ۽ جنرل …

تفصيل »

آمريڪا سان احترام جي بنياد تي مستحڪم لاڳاپا چاهيون ٿا: وزيراعظم

Improvement in civil service by the Prime Minister, a new head of government and task force on simplicity

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ پراميد آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم طرفان آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي …

تفصيل »

پ پ گئس اگهن ۾ واڌ رد ڪري ڇڏي، احتجاج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي گئس اگهن ۾ واڌ جو فيصلو رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پ پ ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر گئس جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته رليف ڏيڻ جا واعدا ڪندڙن مهانگائي آڻي ڇڏي، حڪومتي منصوبي جو پهريون تحفو گئس …

تفصيل »

خيبرپختونخواهه حڪومت جو احتساب ڪميشن ختم ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت احتساب ڪميشن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه ڪابينا جي پهرين اجلاس بعد ميڊيا بريفنگ ۾ ڪي پي حڪومت جي ترجمان شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ پهرين 10 ڏينهن جي پلان تي غور ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ معذور …

تفصيل »

وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ مائيڪ پومپيو ڀارت روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل جوزف ڊونفرڊ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڀارت روانا ٿي ويا. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ وفد سان ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آرمي چيف جنرل قمر …

تفصيل »

قومي بچت جي اسڪيمن تي منافعي جي شرح وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي بچت جي اسڪيمن تي منافعي جي شرح وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو. قومي بچت واري اداري موجب ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽ جي منافعي جي شرح  ۾ ڏهائي 75 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت ڊفينس سرٽيفڪيٽ تي منافعي جي شرح هاڻ 9 ڏهائي 0 سيڪڙو ٿي …

تفصيل »

بچاءَ واري وزير، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڪراچي جي ميئر خلاف نيب انڪوائري جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻين ڪيترن ئي اهم ماڻهن خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ …

تفصيل »

العزيزيا ريفرنس: نواز شريف جي سڀاڻي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ عدالت نواز شريف جي سڀاڻي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ خواجا حارث جي اعتراض تي 30 آگسٽ جي ٻڌڻي دوران قلمبند ڪيل نيب جو آخري پيرا ختم ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف …

تفصيل »