21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نڪور خبرون

حڪومت ٻڌائي ته مشرف کي ڪهڙي مجبوري تحت معاهدو ڪري ڇڏيو ويو: شازيا مري

ڪراچي (ع آ نيوز) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته حڪومت مشرف کي فرار ڪرائي عجيب بهادري ڏيکاري آهي. جيڪڏهن حڪومت مجبور آهي ته ظاهر ڪري، ڪهڙي مجبوري جي تحت معاهدو ڪيو ويو. نواز حڪومت پهرين به مشرف سان گڏ سپراين آر او ڪري …

تفصيل »

ماحول جي تحفظ لاءِ گرين پارليمنٽ جو ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو: اياز صادق

لاهور (ع آ نيوز) قومي اسميبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ماحول ۽ تحفظ لاءِ گرين پارليمنٽ جو ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، پارليمنٽ هائوس شمسي توانائي تي هلي رهيو آهي ۽ نيٽ ميٽرنڪ جو پهريون لائسنس پڻ مليو آهي، شمسي توانائي جي استعمال سان پارليمنٽ هائوس …

تفصيل »

حڪمرانن  ملڪي ناڻو لُٽي اربين رپيا پرڏيهه منتقل ڪري ڇڏيا آهن: سراج الحق

شهدادپور(ع آ نيوز) جماعت اسلامي جي امير سراج چيو آھي ته هڪ سروي مطابق   حڪمرانن ۽ وڏن ماڻھن مختصر عرصي دوران دبئي ۽ ٻين ملڪ ۾ هن ملڪ جو ناڻو لٽي 2 کرب 50 ارب جون ملڪيتون خريد ڪيون آھن. توهان جو ووٽ ايٽم بم برابرآھي ان کي ظالمن خلاف …

تفصيل »

مشرف جو وڃڻ ٺيڪ ناهي، سول_ملٽري قيادت سوديبازي ڪئي: مالڪ بلوچ

ڪراچي (رپورٽر) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته مشرف جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٺيڪ نه آهي، مشرف جو ٽرائل ٿيڻ گهرجي. مشرف جو پرڏيهه وڃڻ سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ سوديبازي جو نتيجو آهي، بلوچستان جون حالتون ڪافي بهتر آهن ۽ سمورين برادرين ڀائيچاري جو …

تفصيل »

قدرتي آفتن سبب جاني نقصان تي صدمو پهتو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز  پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ مينهن سبب ٿيل جاني نقصان تي تمام گهرو صدمو پهتو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته قدرتي آفتن سبب ٿيل جاني …

تفصيل »

صحتياب ٿي واپس ايندس ۽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس: پرويز مشرف

دبئي (ع آ نيوز) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته صحتياب ٿي واپس ڏيهه ايندس ۽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس، خابرو ادارن موجب پرويز مشرف جو چوڻ هو ته سندس جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان سان گڏ آهي ۽ صحتيابي کان پوءِ هڪ ڏينهن به پرڏيهه ۾ نه رهندس …

تفصيل »

مشرف کي پرڏيهه اماڻي جمهوريت ڪمزور ڪئي وئي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ع  آ نيوز) سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ڪيڏو ظلم آهي جو ڪجهه ٽڪن لاءِ آئين ٽوڙيندڙ کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو ۽ چوڌري نثار سڄو الزام عدالت تي مڙهي ڇڏيو، حيدرآباد ۾ پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ خلاف …

تفصيل »

گهوٽڪي ۾ فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس جي ڪارروائي، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي

گهوٽڪي (ع آ نيوز) گهوٽڪي ۾ ٺل جي نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس جي ڪارروائي دوران 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس ذريعن موجب ٺل جي علائقي ڳڙهي حسن مان 9 سال پهرين 8 ورهين جي عمر ۾ اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي …

تفصيل »

ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جون ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 8 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ع آ نيوز) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ زخمي ڏوهارين سوڌو 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب منگهوپير۾ ڳجهي ڄاڻ ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز ڇاپو هنيو ته دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوءِ …

تفصيل »

پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ع آ نيوز) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت اڄ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي پڪ ڏرياي آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ – ڀارت ميچ دوران ملڪ ۾ ڪٿي به …

تفصيل »