25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نڪور خبرون

آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪمانڊر ڪانفرنس، آپريشن تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي (ع آ نيوز) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندرين توڻي ٻاهرين سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ ۾ جاري دهشتگردن خلاف ڪاررواين جو جائزو ورتو ويو، …

تفصيل »

ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، بيگناهه سزا ڪاٽي رهيو آهيان: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (ع آ نيوز) ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي، بيگناهه سزا ڪاٽي رهيو آهيان، خابرو ادارن موجب ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته بيگناهه انهن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان، جيڪي مون ڪيان ئي …

تفصيل »

نيب ڪارروائي: ڊاڪٽر عاصم کي سرڪاري زمين الاٽ ڪندڙ اڳوڻو ڊائريڪٽر گرفتار

ڪراچي (ع آ نيوز) نيب ٽيم ڪارروائي ڪندي اڳوڻي ڪي ڊي اي ڊائريڪٽر اطهر حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، خابرو ادارن موجب اطهر حسين تي سرڪاري زمين غير قانوني طريقي سان ڊاڪٽر عاصم کي الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته اڄ نيب ڪارروائي ڪندي اطهر حسين کي گلشن …

تفصيل »

وزير اعظم سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ملاقات، وزير اعظم پاران ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ع آ نيوز) وزير اعظم نواز شريف سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران صوبي جي سياسي صورتحال ۽ هلندڙ ترقياتي پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خابرو ادارن موجب ملاقات دوران وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو …

تفصيل »

پاناما ليڪس پويان عالمي سازش ٿي سگهي ٿي: راڻا نثاءُ الله

لاهور (ع آ نيوز) پنجاب جي گهرو وزير راڻا نثاءُ الله خان چيو آهي ته پاناما ليڪس شيطاني ليڪس آهي، اها عالمي سازش ٿي سگهي ٿي، خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته شيطاني ليڪس جي پويان عالمي سازش ٿي سگهي ٿي، ڇو ته پاناما …

تفصيل »

افغانستان مان آيل دهشتگردن جو سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو، 15 دهشتگرد مارجي ويا

هنگو(ع آ نيوز) لوئر ڪرم ايجنسي جي علائقي منگور سر ۾ افغان حدن مان سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪ افغان سرحد تي موجود پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ کي افغانستان مان آيل …

تفصيل »

ايم ڪيو ايم ۽ حقيقي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڏنڊن ۽ پٿرن جو وسڪارو

ڪراچي(ع آ نيوز) لائينز ايريا سيڪٽر ون ۾ اسلاميه ڪاليج ويجهو متحده قومي موومينٽ ۽ مهاجر قومي موومنٽ (حقيقي) جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو. ميڊيا رپورٽ موجب اسيمبلي جي حلقي پي ايس 115 ۾ ضمني چونڊن جي پولنگ جي موقعي تي پولنگ اسٽيشن نمبر 80 ويجهو ايم ڪيو ايم …

تفصيل »

عوام کي صحت جون معياري سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جو مشن آهي: شهباز شريف

لاهور( ع آ نيوز) پنجاب ۾ صحت جي معياري سهولتن مهيا ڪرڻ بهتر بندوبست ڪيا ويا آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته  عوام کي علاج جي معياري سهولتن جو بندوبست حڪومت جي پهرين ذميواري آهي. شهباز …

تفصيل »

پاناما ليڪس انڪشاف: لاهور هاءِ ڪورٽ وزير اعظم سميت خاندان جي 6 فردن کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور(ع آنيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ پاناما ليڪس انڪشافن تي وزير اعظم سميت خاندان جي 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪندي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب جسٽس خالد محمود خان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته پامانا …

تفصيل »

ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي، متحده اڳواڻ قمر منصور جو ڀاءُ گرفتار

ڪراچي(ع آ نيوز) ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ميديا رپورٽن موجب رينجرز پاران ڪراچي جي علائقي پاپوش نگر ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. ڪارروائي دوران متحده اڳواڻ قمر منمصور جي ڀاءُ مسعود صديقي کي گرفتار ڪيو ويو. مسعود صديقي کي …

تفصيل »