19 اربع , سيپٽمبر 2018

ٻاراڻي شاعري

دوست دلاول

منهنجو آهي دوست دلاور، پاڻ ۾ ملندا آهيون اڪثر. هڪ ٻئي کان احوال پُڇون ٿا، هڪ ٻئي جي ڪم اچون ٿا. دل نه اٿس پر لکڻ پڙهڻ ۾، وقت گذاري گهمڻ ڦرڻ ۾. اُن کي اڄ سمجهايو آهي. دوست! گهمڻ ۾ ڪجههه ڀي ناهي. هُن ڀي اڄ اقرار ڪيو آ، …

تفصيل »

موبائل فون

آيو موبائل جو دور آ، کيسن ۾ گهنٽيءَ جو شور آ. گهنٽيون آهن گانن جهڙيون، ڪنهن ۾ ڪهڙيون، ڪنهن ۾ ڪهڙيون. هن ۾ هوندي راند به آهي، کيڏي ويهي جيڪو چاهي. ڪوئي ڪنهن کان دُور نه آهي، نياپي لئه مجبور نه آهي. هي ڄڻ ننڍڙو ڪمپيوٽر آ، کيسي ۾ هڪڙو …

تفصيل »

علم

ٻارو ! علم پرايو سڀ علم جون ڳالهيون ڳايو سڀ ديس جو علم سان وڌندو مان ديس جو مان آ پنهنجو شان ساٿين کي سمجهايون سڀ علم سان ويندي ڪاري رات علم جهالت جي لئه مات علم جي لاٽ جلايون سڀ علم بنا انسان به ڇا؟ علم بنا ٻي واٽ …

تفصيل »

گل

جيڪي خوشبو خاص ڏين ٿا مون کي سيئي گل وڻن ٿا رنگن  توڙي خوشبو وارا گل ٿين ٿا سارا پيارا ماڪ ۾ مهڪن مرڪن ٿا پيا واءُ ۾  ڪيڏو جهومن ٿا پيا رنگن سان ٽمٽار ٿين ٿا باغن جو سينگار ٿين ٿا گلڙن وانگر پيارا بڻجو سونهن سراسر سارا بڻجو

تفصيل »

ماما ! مال نه چاريندس

ماما!  مال نه چاريندس پنهنجا  ڏينهن نه کاريندس بابا کي سمجهائج تون منهنجي ڳالهه ٻڌائج تون ماما ! آهين مڻيادار مون کي  ڏيندو آهين پيار بابا کي تون راضي ڪر ڳالهه انهي ۾ ڇاجي  ڍر؟ ڇو نه ڀلا مان پڙهي پوان علم جي پاسي لڙي پوان

تفصيل »

گيت به آهن گل

خوشبو جا ٿيا هل اوٻالڪ گيت به آهن گل او ٻالڪ پنهنجا  گيت گلاب به آهن گيت اسان جا خواب به آهن گيتن جا رابيل ٽڙن ٿا چاهه سان جن کي ٻار پڙهن ٿا گيتن جا گلدستا ٺاهيان هر پاسي ٿو خوشبوءِ ورهايان

تفصيل »

پڇتاءُ

ڪالهه به منهنجوسبق  ڪچو هو منهنجي لئه ڄڻ وڏو ڏچو  هو آيو هو استاد  کي غصو، سنگتين ساٿين پڻ هو  ٽوڪيو بابا پڻ ناراض ٿيو هو جيجل ماءُ به گهڻو  چيو هو جيڪر  ايڏو ڪين  رلان ها رات جو ويهي آءُ پڙهان ها هاڻي مون هي  سمجهيو آهي پڙهڻ سوا …

تفصيل »

وڙهبو نه آ

راند جي ميدان ۾ ڪين هو ڪجهه ڌيان ۾ اوچتو نورو، نبو دوست جي روبرو ڳالهه ڪنهن تان پيا چڙي چڙندي چڙندي پيا وڙهي شخص هڪ ڀرسان لنگهيو جنهن وڙهڻ کان روڪيو هن چيو وڙبو نه آ راند ۾ چڙبو نه آ ڪنهن چيو: هي ڪير هو؟ ٻئي چيو: بيخود …

تفصيل »

سارا ٻالڪ سونهن ٿين ٿا

جيڪي ٻالڪ لکن پڙهن ٿا سڀني کي  سي خوب وڻن ٿا جيڪي ٻالڪ ڪين  رلن ٿا جيڪي ٻالڪ ڪين وڙهن ٿا سڀني جا  سي دوست ٿين ٿا جيڪي ٻالڪ ضد نه ڪن ٿا پل پل ۾ سي پيار پسن ٿا سارا ٻالڪ سونهن ٿين ٿا بيخود پيارا گيت لکن ٿا

تفصيل »

اسان جو استاد

اسان جو استاد امان ! روز ڏسي ٿو ڏس نوان چئي ٿو علم سان پيا رکو خوب  پڙهي ۽ خوب لکو وقت سان پهچي ٿو اسڪول سيکاري  ٿو صحيح  اصول پڙهائي ٿو پيار ڏئي ڳالهائي ٿو پٽ چئي جيءُ جيارو آ استاد ڏاڍو پيارو آ استاد

تفصيل »