18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٻاراڻي شاعري

 ڀاءُ

منهنجا پيارا ننڍڙا ڀاءُ، توکي ڳالهه ٻُڌايان آءُ! اڄ کان اچ، تون هل اسڪول، پڙهڻ لکڻ ۾ ٿي مشغول. توکي ڏيندو بابا پيار، ماءُ به صدقي سوء سوء وار. پاڻ ٻئي جي پڙهنداسين، گُل جيان ڄڻ ٽڙنداسين. ٿيندو پنهنجو جٿ ڪٿ مانُ، ابي امان جو وڌندو شانُ.

تفصيل »

ٻالڪ زنده باد هُجن

شاد هُجن، آباد هُجن، ٻالڪ زنده باد هُجن. ڌرتي جا رکوالا هِي، ڪندا ڪم نرالا هي، موتين جي ڄڻ مالها هي، هر ڏُک کان آزاد هُجن. ٻولي ساڻ سڀائن ٿا، لوليءَ ساڻ نڀائن ٿا، ڇوليءِ ساڻ نڀائن ٿا، دُعا ڪريو سڀ شاد هُجن. ”بيخود“ اڳتي وڌندا نيٺ، منزل ساڻ ڪندا …

تفصيل »

ڪِڪڙو

گيت خوشيءَ جوهر ڪنهن ڳايو گهر ۾ ننڍڙو ڪِڪِڙو ڄايو،   ساري گهر جي هِن ۾ جان، واهه پيارو هِي مهمان!   ماسيون چاچيون خوب کڻن ٿيون، ماءُ  ۽ ڀينر شاد ٿين ٿيون،   چاچن کي هو پيارو آهي، مامن اک جو تارو آهي.   بابي آڻي جام مِٺائي، ڳوٺ …

تفصيل »

ٻِلڙي

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي! ڪاري ڪاري پياري ٻِلڙي   ڪُنڊَ ۾ ٺاهيو هُن آ ديرو، گهر سڄي کي ڏي  ٿي ڦيرو آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!   گهر جي چوڪيداري وڏي آ، ٻلڙي هيءَ هوشيار وڏي آ آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!   ڪُوئا هِن کان لهرائن ٿا گهر ۾ ايندي گهٻرائن …

تفصيل »

ٽيليفون

منٽن ۾ پيغام پڄايان، ٻارو! ٽيليفون مان آهيان.   جوڙيو گرهام بيل اوهان لئه، ڪم اچان هر ويل اوهان لئه.   جنهن سان ڀي ڳالهائڻ چاهيو، رڳو انهيءَ جو نمبر ملايو.   ڪم ڪلاڪ جو ڪريان پل ۾، حاضر آهيان هر مشڪل ۾.   منهنجا ڪم ڏسي موچارا، مون کي …

تفصيل »

موٽر ڪار

واهه وا من ۾ ٿي مهڪار! آندي بابي موٽر ڪار!   سچل، دانش، جادو، جالب، سوڀو، سوڍو، گوهر، غالب، آئي ڏسڻ جي لئه گلنار، آندي بابي موٽر ڪار.   گاڏي رنگ جي ڪاري آهي، دل کي ڏاڍي پياري آهي، ڦيرا پائي ڏسان هر وار، آندي بابي موٽر ڪار.   هلندي …

تفصيل »

ٻني

انور آءُ ته ٻني گهمون، ڇا هي پوکيل، اچ ته ڏسون.   پريان پوکيل ڀينڊيون ٿئي، مون کي ڏاڍيون وڻنديون ٿئي.   وَلڻ هتان جو هاري آ، پوک انهيءَ کي پياري آ.   پوک ڪندو آ محنت ساڻ، جيئندو آهي همت ساڻ.   هر مند جي ٿو پوک ڪري، هن …

تفصيل »

پڙهو ته پنهنجو ڳوٺ سنواريون

سنڌ جا ٻارو! پڙهو، اڳتي وڌو، چمڪندڙ تارو، پڙهو، اڳتي وڌو.   ڏينهن ويهي ڇو ائين ڳڻجن، اُٿو، وقت سان گڏجي وکون کڻجن، اٿو، ڪو وٺو وارو، پڙهو، اڳتي وڌو.   جو به وڌندو، سو وڌي ويندو ضرور، پنهنجي منزل تي پڄي ويندو ضرور، پيارڙا ٻارو، پڙهو، اڳتي وڌو.   …

تفصيل »

ماءُ

او امان، او امان، پير تنهنجا چُمان، نظمَ تنهنجي مٿان، ڪيترا مان لکان، گهور توتان ٿيان، دير ڇا کان ڪريان؟ تنهنجي رِشتي جيان، ٻيو ته رشتو مڃان، ڏينهن اهڙو نه  ٿئي، تو کي رُئندو ڏسان، تنهنجي ٻولي مِٺي، لولي ماکي چوان، تنهنجي قدمن ۾ مان، ماءُ جنت ڏسان، تو لئه …

تفصيل »

هَلُ ته ادي اسڪول هَلُون

هَلُ ته ادي اسڪول هلون، علم جي منزل ڏانهن وڌون، علم بنا اونداهي،  ڀيڻ، علم بنا گمراهي ڀيڻ، علم ڏيکاري واٽَ سِڌي، ڏاها بڻجون پڙهي لکي، علم بنا آ ڪاري رات، علم ته سڀ جي لئه پرڀات، لکڻ پڙهڻ سان رکجان چاههُ، صدقي تو تان منهنجو ساههُ.

تفصيل »