25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٻاراڻي شاعري

پڙهڻ

پڙهڻ ساڻ عزت ملي ٿي وڃي، رلڻ ساڻ ذلت ملي ٿي وڃي.   ڪري علم جذبن سان سرشار ٿو، ڏکين مرحلن مان ڪري پار ٿو، علم ساڻ همت ملي ٿي وڃي.   چڱا ڪم زماني ۾ جو ٿو ڪري، علم سان، عقل سان ذهن ٿو ڀري، انهيءَ کي محبت ميل …

تفصيل »

وقت

وقت نه ڀاءُ وڃائڻ گهرجي، وقت ۾ پاڻ ملهائڻ گهرجي.   وقت وهي ٿو پاڻيءَ وانگر، وقت ۾ پڙهڻ، پرائڻ گھرجي.   وقت نه ڪنهن لئه بيهندو آهي، وقت سان وک وڌائڻ گهرجي.   وقت جو آ احساس ضروري، ساٿين کي سمجهائن گهرجي.   ”بيخود“ جيڪا ڳالهه ڪئي آ، سڀ …

تفصيل »

جوت جلايو

جاڳرتا جي جوت جلايو، ٻارو! اڳتي وِکَ وڌايو! سچ ڀلاري عادت آهي، سچي تي ئي رحمت آهي. سڀ کي ساري سچ سُڻايو، ٻارو! اڳتي وک وڌايو! آهه دکن ۾ ڌرتي ساري، سورن ۾ سڀ هاري ناري، قوم سموريءَ کي سمجهايو، ٻارو اڳتي وک وڌايو! محنت مقصد هاڻ بنايو، ديس جي …

تفصيل »

ڪرڪيٽ

احمد جلد کڻي اچ بيٽ، آءُ ته کيڏون اڄ ڪرڪيٽ.   بال ته ون وٽ ست کليو آ، جيڪو تحفي منجهه مليو آ، ظفر کڻي اچ تون به وڪيٽ، آءُ ته کيڏون اڄ ڪرڪيٽ.   ميچ شروع ٿيڻ واري آ، ٽيم تيار ٿي وئي ساري آ، انور! آيو آهين ليٽ، …

تفصيل »

پيار جو مچ

جيڪو ٿو اسڪول پڙهي، گل جيان ٿو اهو ٽڙي.   جو به سبق ٿو يار ڪري، تنهن سان پيار استاد ڪري.   جو ٿو وڏن جو مان رکي، ماکي مصري روز چکي.   جنهن ۾ علم، ادب، اخلاق، ڌرتي ان جي لئه افلاڪ.   پاڻ ۾ ٻارو! ڪين وڙهو! پيار …

تفصيل »

سهڻا ٻار

جيئن جرڪن سهڻا ٻار، جرڪن، جيئن، سهڻا ٻار.   دور نئين سان هلندا هي، وقت سان گڏ وک کڻندا هي، سڀ ٿا سمجهن، سهڻا ٻار.   گل ٿي خوشبو ڏيندا هي، ڳوٺ ڳليون واسيندا هي، مرڪن مهڪن، سهڻا ٻار.   جڏهن وڃن ٿا ڪاوڙجي، ”بيخود“ پوءِ به وڻن ٿا هي، …

تفصيل »

هي ٻالڪ وک وڌائيندا

هي ٻالڪ وک وڌائيندا، هي پنهنجي منزل پائيندا.   هي جيڪي علم سان چاهه رکن، هي جيڪي پڙهندا لکندا وتن، هي جذبن کي رنگ لائيندا.   هي جاهل ٿي نه گذاريندا، هي هاڻي مال نه چاريندا، هي ڪمپيوٽر به هلائيندا.   هي هاڻ نه کڻندا کانڀاڻي، هي پڙهندا گيت ۽ …

تفصيل »

جاڳو ٻارو!

جاڳو ٻارو جاڳي جڳ، وٺو سجاڳيءَ وارو دڳ.   جاڳيو آ جاپان ڏسو! اٿيو انگلستان ڏسو! ترڪي، ۽ ايران ڏسو! هر صديءَ جو وٺن ٿا اڳ.   هت ڇا کان انڌير هجي! روشنين سان وير هجي! من ۾ ڇا کان مير هجي، دوکو آهي اهڙو دڳ.   قابليت ۾ زور …

تفصيل »

ڪبوتر

اڇو ڪبوتر مون آ پاليو، سُٺو ڪتوبر مون آ پاليو.   داڻو ان کي ٿو کارايان، ڇمڪيون پيرن ۾ پارايان.   مون کي ڏسي هو ٻوليندو آ، پر خوشيءَ مان کوليندو آ.   آئون پکين سان ڪريان ٿو، هر پل تن جي سار لهان ٿو.   آهه ڪبوتر امن علامت، …

تفصيل »

هاري

آئون ته هڪڙو آهيان هاري، مون کي ڄاڻي دنيا ساري.   پرهه ڦٽيءَ جي ويل اٿان ٿو، پهرين رب جو نانءُ وٺان ٿو، پوءِ ٻني جي ڪريان تياري، آئون ته هڪڙو آهيان هاري.   ڏينهن سمورو هر هلايان، سڀ ڪنهن لئه ٿو اَنُ اُپايان، بارُ مٿي تي آهي ڀاري، آئون …

تفصيل »