20 جمعو , آڪٽوبر 2017

ٻاراڻي شاعري

ٻارن جو فيصلو

آئون ڇو ٿو رُلان؟ ڇو نٿو مان پڙهان؟   ٻيا پڙهن ٿا پيا، منهنجا سنگتي سڄا.   مان نه پڙهندس اگر، سڏجندس بي خبر.   رات سوچيم امان، دل چوي ٿي پڙهان.   عالم آ چيو، شاعرن آ چيو.   علم آ روشني، علم آ زندگي.   منهنجو آ فيصلو، …

تفصيل »

دعا

تون ئي اسان جا حال ٿو ڄاڻين، گذريل، ايندڙ سال ٿو ڄاڻين.   هر شيءَ جو تون خالق آهين، عرب و عجم جو مالڪ آهين.   هر شيءِ تنهنجي تابع آهي، تنهنجي حڪمت جامع آهي.   سج چنڊ تارا تو ئي بڻايا، نوري نظارا تو ئي بڻايا.   جڳ سڄي …

تفصيل »

علم

  سڀ کي علم پرائڻ گهرجي، ديس جو شان وڌائڻ گهرجي.   چغلي، غيبت، ڪوڙ ڪپت کي، سچ سان ڏور ڀڄائڻ گهرجي.   نيڪ نصيحت ساڻ محبت، سڀ کي صاف سڻائڻ گهرجي.   پنهنجي ڪوجهي عمل وسيلي، ڪنهن جي دل نه دکائڻ گهرجي.   لاڙ، سري ۽ ساري سنڌ کي، …

تفصيل »

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه پٽ وڌ آهن، نه گهٽ ڌيئون آهن، ٻنهيءَ کي برابر ڀلا حق ڇو ناهن؟ ٻنهيءَ ساڻ ورتاءُ ساڳيو ڪيو! امان ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو.   اگر پٽ گهرڙن جو سينگار آهن، ته نياڻيون به …

تفصيل »

ناني

ناني مون کي  ڀائيندي آ، ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.   روز ٻڌائي ٿي آکاڻيون، هتان هتان جو کوڙ آکاڻيون.   جڏهن به ڪيڏهن ويندي آهي، خرچي کوڙ ته ڏيندي آهي.   منهنجو ڏاڍو خيال رکي ٿي، هردم سار سنڀال لهي ٿي.   هن جون ڳالهيون حڪمت واريون، هن جون …

تفصيل »

جرڪي سارو ديس پيو آ

جرڪي سارو ديس پيو آ، ڌرتيءَ سائو ويس ڍڪيو آ.   هر ماڻهو اڄ ٻهڪي ٿو پيو، چيهن جيئن ڏس چهڪي ٿو پيو.   فصل به ٿيندا هيل سٺا ڏس، ٿر بر جو هن مينهن وٺا ڏس.   ڌرتيءَ اڃ اجهائي آهي، هارين ۾ سرهائي آهي.   هر ڪنهن طرف …

تفصيل »

اقرار

آءُ ادڙا، ڪريون اقرار، هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.   بابو امان روز چون ٿا، منٿ نه پنهنجي ڪا به مڃن ٿا، ڪيسين ڪنداسين چئو انڪار، هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.   رلڻ بُري هڪ عادت آهي، جنهن ۾ ڪو به ته فائدو ناهي، ڪري ٿو هر ڪو ئي ڦٽڪار، هاڻي پاڻ …

تفصيل »

بهار

آئي آهه بهار، چوڌاري مهڪار، مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.   ڌرتيءَ پهريو ويس اڄ، ساوڪ جو آ يار، چوڌاري مهڪار، مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.   ٽليو ٽارين تي پکي، ٻوليون ڪن هزار، چوڌاري مهڪار، مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.   جهونگارين جهر جهنگ ۾، ڌرتيءَ گيت ڌنار، چوڌاري مهڪار، مهڪي منهنجي …

تفصيل »

ٻرندڙ ڏيئو

ڀائو! هر دم پڙهجي علم، جٿ ڪٿ خوب پکڙجي علم.   علم ته آهي ٻرندڙ ڏيئو، روشنين جي ڀر ۾ جيئو.   علم ڏيکاري واٽ سنئين، علم ڏئي ٿو ڄاڻ نئين.   علم جهالت جي لئه موت، علم نه ٿيندو آهي فوت.   علم انسان جي آهي اک، علم بنا …

تفصيل »

سڄي جڳ جا ٻالڪ اسان کي پيارا

سڀئي خوبصورت سڀئي سونهن وارا، سڄي جڳ جا ٻالڪ اسان کي پيارا.   هي اسپين، سنڌ ۽ فلسطين وارا، عراقي، ايراني ۽ هي چين وارا، سمورن تان صدقي نرالا نظارا.   هجي ترڪ، يا عرب،  ڀوٽان وارو، نه ٻالڪ ٿئي ٿو اندر جو ڪو ڪارو، امن جي علامت نماڻا، نيارا. …

تفصيل »