15 جمعو , ڊسمبر 2017

ڪهاڻيون

چاچو ولو

پنجين درجي ۾ ڪيترا نه معصوم هوندا هئاسين، گهر ۾ يا نه آهي، جو ڪو فڪر ڪونه هوندو هو. اڄ به اهي بينچو ۽ دوست اکين آڏو آهن. سالن کان پوءِ نه اهي بينچون آهن نه اهي دوست، ڪڻو – ڪڻو ٿي وياسين، پر چاچو ولو اڄ به جهور عمر …

تفصيل »

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن جي ڊاڙ پئي هنئي. اڄ عيد جو چنڊ بيهڻو هو، ان لاءِ اڳواٽ ننڍن وڏن ٻارن جي منهن تي مرڪ هئي! سول اسپتال جي ڀرسان هڪ عورت ويٺي آهي جنهن کي به ٻه معصوم مکڙي …

تفصيل »

چئو واٽو

           ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته پپو لاءِ سوچيم ڪو رانديڪو وٺيو وڃان. شهر مان ننڍڙو جهاز ورتم. واٽ تي سوچيندو رهيس، پپو جهاز ڏسي ڪيترو نه خوش ٿيندو! گهر ۾ گهڙيس ته صفا ماٺ ڇانيل هئي. …

تفصيل »

خرڪار

رجب پيءُ- ماءُ جو اڪيلو پٽ هو. هن کي پيءُ- ماءُ ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپايو، سندس پيءُ  هاري هو. پر پوءِ سندس ذهن ۾ اها سوچ هئي  ته پٽ کي پڙهائي آفيسر ڪنداسين. رات جي وقت ٻئي زال مڙس چلهه وٽ وهندا هئا ۽ رجب به ڀرسان ڪتاب کولي …

تفصيل »

آيا

     هن کي صاحب جي گهر وڃڻ جو ڏاڍو هوندو هو، روز ماءُ کي چوندو هو، امان مون کي صاحب جي گهر وٺي هل.  هن جي نظر ۾ صاحب جو گهر تمام سٺو هوندو هو، ڇو ته صاحب جي گهران جيڪا ماني هن جي ماءُ کڻي ايندي هئي، سا هي …

تفصيل »

عرس مست حيدر آباد ۾

         اسان جي پاڙي ۾ عرس مست ڏاڍو کل مک ماڻهو آهي. هر هڪ سان کل ڀوڳ ڪري پيو دل وندرائيندو آهي. اسڪولي ٻارن سان خاص پوندي اٿس. منجهند جي وقت جڏهن پاڻي ڀري ٿڪجي پوند آ تڏهن پاڻي جو آخري دس اسان جي گهر کڻي ايندو آهي. ۽ رهندو …

تفصيل »

ننڍڙو ٻار اوچي سوچ

چئو  طرف ماٺ  هئي، ائين پئي سمجهه ۾ آيو، ڄڻ پاڙي وارا لڏي ويا آهن، هر هڪ پنهنجي گهر ۾ ڊنو ويٺو هو، ڇهون ڏينهن هو جو لڳاتار برسات پي وسي، غريبن جا گهر پٽ پئجي ويا هئا، نفسا نفسيءَ جو عالم هو، هر هڪ کي پنهنجي جان بچائڻ جو …

تفصيل »

مسيحا

                سارنگ جڏهن هن اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو هو. تڏهن اسڪول ۾ داخل ڇوڪرا 20-25 هئا، پر ايندو هڪ ڇوڪرو به ڪو نه هو. سارنگ اچڻ شرط، ڇوڪرن جي مائٽن سان مليو ۽ ڳوٺ مان ٻن ٽن چڱن ذهن رکندڙن کي ساڻ ڪري، مٿي آفيسرن ڏانهن درخواستون ڪرايائين ته …

تفصيل »

”سورج“

اڄ ويهن سالن کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي شهر ۾ آيو هو، اڄ هن شهر جي حالت بلي بلي هئي، يا سورج ايئن ئي نظر آيو، ڇاڪاڻ ته هو اڄ کان ويهه سال اڳ وارو سورج ڪو نه هو، اڄ هتي جي اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت ۾ آيو هو، اُهي …

تفصيل »

”ٻه ته ٻارنهن“

هن ڀيري ڳوٺ پهتس ته سڀ ٻار جاويد جي اوطاق اڳيان ويٺا هئا، ننڍڙو جاويد تقرير ڪري رهيو هو، آءُ ٻارن کي ايئن ميڙ جي صورت ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. گهر ڏانهن ويندي ويندي جاويد جا اهي لفظ ٻڌندو ويس، پيارا ڀائرو! عيد اچڻ واري آهي، ان لاءِ اسان …

تفصيل »