21 اتوار , جنوری 2018

انٽرنيشنل

ڪجهه ملڪن جي ايران ۽ پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪبي: ترڪ صدر

انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر طيب ارجب ادرگان آمريڪا ۽ اسرائيل تي پاڪستان ۽ ايران جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ صدر هڪ نيوز بريفنگ دوران آمريڪا ۽ اسرائيل تي پاڪستان ۽ ايران جي اندرين معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو …

تفصيل »

ترڪي کي يورپي يونين جو ميمبر بڻائڻ بدران شرڪت ڪندڙ بڻايو وڃي: فرانسيسي صدر

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون تجويز پيش ڪئي آهي ته ترڪي کي يورپي يونين جو مڪمل ميمبر بڻائڻ بدران شرڪت ڪندڙ بڻايو وڃي. پيرس ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرانسيسي صدر چيو ته ترڪي ۾ ناڪام فوجي انقلاب کان پوءِ …

تفصيل »

سلامتي ڪائونسل اجلاس گهرائڻ آمريڪا جي غلطي آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪرڻ آمريڪي غلطي آهي. سلامتي ڪائونسل جو 5 جنوري تي هنگامي اجلاس ايران ۾ ٿيندڙ حڪومت مخالف احتجاج کي نظر ۾ رکندي آمريڪا جي درخواست تي طلب ڪيو ويو …

تفصيل »

پاڪستان نيٽو سپلاءِ روڪڻ جو ڪو به اشارو نه ڏنو آهي: جيمز ميٽس

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس چيو آهي ته پاڪستان نيٽو سپلاءِ يا هوائي رستو بند ڪرڻ جو ڪو به اشارو نه ڏنو آهي. آمريڪي بچاءَ واري واري کاتي پينٽاگون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيمز ميٽس چيو ته پاڪستان نه ئي پنهنجي هوائي حدن ۾ …

تفصيل »

سعودي ايئر ڊفينس فورسز يمن مان ايندڙ بيلسٽڪ ميزائل کي تباهه ڪري ڇڏيو

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي ايئر ڊفينس فورسز يمن مان سعودي عرب جي حدن ۾ فائر ڪيل بيلسٽڪ ميزائل کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. عرب نيوز موجب حوثي باغين طرفان سعودي عرب جي صوبي نجران ڏانهن بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن کي سعودي عرب فينس فورسز هوا ۾ ئي …

تفصيل »

ايران  ۾ مظاهرا، نوبل انعام يافته عورت سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا جاري آهن ۽ ايراني نوبل انعام يافته عورت شيرين عبادي ملڪ ۾ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.  مسلم دنيا جي پهرين امن جو نوبل انعام يافته عورت شيرين عبادي پنهنجي ملڪ ۾ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. …

تفصيل »

آمريڪا پاڪستان جي مالي ۽ فوجي امداد روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪستان سان هر قسم جو سڪيورٽي سهڪار معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن تحت پاڪستان کي فوجي سامان ۽ مالي امداد فراهم نه ڪئي ويندي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بيدر نورٽ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هاڻي نه ته پاڪستان کي …

تفصيل »

دمشق ۾ روسي جهازن جي بمباري، 30 شهري مارجي ويا

دمشق(ويب ڊيسڪ) شام جي راڄڌاني دمشق ۾ روسي ويڙهاڪ جهاز جي بمباري جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 30 شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي جيٽ جهاز اها بمباري دمشق جي علائقي مسرابا ۾ ڪئي آهي. اهو علائقو باغين جي قبضي هيٺ …

تفصيل »

بيت القمدس وڪري لاءِ ناهي: فلسطيني صدر

غزه(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ڏيندي فلسطيني صدر محمود عباس جي ترجمان چيو آهي ته هو آمريڪي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي ۽ بيت المقدس وڪري لاءِ ناهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کان پوءِ فلسطين کي به امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي …

تفصيل »

وائيٽ هائوس ۾ ذاتي موبائل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اختيارين صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرڪاري رهائش گاهه وائيٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ اتي ايندڙ مهمانن تي ذاتي موبائل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري سارا سينڊرز جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا …

تفصيل »