21 ہفتہ , اپریل 2018

انٽرنيشنل

شام ۾ ڪيميائي حملي جون خبرون ڪوڙيون آهن: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ماسڪو اختيارين چيو آهي ته اوڀر غوطا جي علائقي دوما ۾ ڪيميائي حملي جون رپورٽون ڪوڙيون آهن. روسي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب ماسڪو حڪومت اڳ به ڪيترائي ڀيرا تنبيهه ڪري چڪي آهي ته من گهڙت خبرن جي بنياد تي شرپسند قدم کڻي دهشتگردن کي مدد فراهم …

تفصيل »

نيو يارڪ جي ٽرمپ ٽاور ۾ باهه، هڪ ڄڻو سڙي فوت

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيويارڪ ۾ ٽرمپ ٽاور جي 50هين ماڙ تي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته چار فائر فائيٽر زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ ٽوڊ بريسنر نالي ٿي آهي، جنهن جي عمر 67 سال هئي. …

تفصيل »

ڀارت ۽ نيپال جي وچ ۾ ريل هلندي،ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدو ٿي ويو

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آيل نيپال جي وزيراعظم ڪيپي شرما اولي نئي دهلي ۾ وزير اعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي ۽ کٽمنڊو ۽ نئي دهلي جي وچ ۾ نئين ريلوي لائن وڇائڻ سميت ڪيترن ئي معاهدي تي صيحيون ڪيون. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي …

تفصيل »

برازيل جي اڳوڻي صدر ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي

برازيليا(برازيل جي اڳوڻي صدر لولا ڊي سلوا ڪرپشن ڪيس ۾ روپوشي ختم ڪري پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي جنهن بعد کيس جيل منتقل ڪيوويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب برازيل جي اڳوڻي صدر لولا ڊي سلوا کي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي مقامي عدالت 12 سال قيد جي سزا …

تفصيل »

اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ به ترڪ ڪلچرل سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ترڪ حڪومت لاهور بعد هاڻي ٻئين مرحلي ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ به ترڪش ڪلچريل سينٽر کولڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ترڪ سرڪاري اداري ترڪش ڪلچرل انسٽيٽيوٽ سُڌ سماءُ ۽ قومي ورثا جي …

تفصيل »

شامي فوج جو غوطا ۾ ڪيميڪل بم حملو، 100 ڄڻا مارجي ويا، هڪ هزار زخمي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  شام جي اترين علائقي غوطا ۾ حڪومتي فورسز جي ڪيميڪل بم حملي جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب شام ۾ فوج اترين علائقي غوطا ۾ ڪيميڪل بمن سان …

تفصيل »

شامي صوبي حلب ۾ ڌماڪو، 4 ٻارن سميت  8 ڄڻا مارجي ويا

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي صوبي حلب ۾ هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته الباب نالي شهر ۾ موجود جامعه مسجد ڀرسان ٿيل ان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 4 ٻار به شامل آهن. سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب باغين جي …

تفصيل »

نوبل ڪميٽي جنسي اسڪينڊل، بااثر شخص خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي 3 ججن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسٽوڪ هوم (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان اهم ۽ معتبر انعام ”نوبل“ ڏيندڙ ڪميٽي ۾ به عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ کين ”ريپ“ جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته بااثر ترين شخص خلاف ڪارروائي نه  ٿيڻ تي احتجاجن طور ڪميٽي جي 3 ججن پنهنجي …

تفصيل »

اوڀر غوطا ۾ فضائي حملا، مارجي ويلن جو انگ 40 ٿي ويو

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي شهر اوڀر غوطا ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ڪيل فضائي بمباري جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 40 ٿي ويو آهي. شامي تڪرار تي نظر رکندڙ تنظيم سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب اوڀر غوطا جي علائقي دوما ۾ سخت ترين بمباري ڪئي پئي وڃي. دمشق …

تفصيل »

افغان سيڪيورٽي فورسز داعش جو اهم ڪمانڊر ماري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ جي هڪ اهم ڪمانڊر کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. افغان فوج جي هڪ ترجمان ٻڌايو آهي ته اترين صوبي جوزجان جي ضلعي درزآب ۾ خميس ڏينهن ڪيل هڪ فضائي حملي ۾ قاري حڪمت مارجي ويو. قاري حڪمت طالبان کان …

تفصيل »