16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

انٽرنيشنل

نائجيريا ۾ بوڪو حرام جا حملا، 6 فوجي مارجي ويا

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ بوڪو حرام جي ٻن مختلف حملن جي نتيجي ۾ 6 فوجي مارجي ويا. فوجي اختيارين موجب پهريون حملو ڇنڇر واري ڏينهن ٿيو، جنهن ۾ چار فوجي مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا، جڏهن آچر ڏينهن ٿيل ٻئي حملي ۾ ٻه فوجي اجل جو شڪار بڻيا. …

تفصيل »

روسي صدر شام ۾ دهشتگردن خلاف فتح جو اعلان ڪري ڇڏيو

دمشق (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن شام ۾ دهشتگردن خلاف فتح جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ولاديمير پيوٽن اڄ اوچتو شام پهتو، جتي هن الاذقيا ۾ قائم هڪ روسي فوجي اڏي تي داعش خلاف ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻ شام ۾ مقرر روسي فوجين جي جزوي واپسي …

تفصيل »

يورپي ملڪ به آمريڪي فيصلو قبول ڪن: اسرائيلي وزيراعظم

برسلز (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو بيلجيم جي دوري دوران آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي واکاڻ ڪئي آهي. يورپي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ۾ نيتن ياهو چيو آهي ته يورپي ملڪن ۽ فلسطين کي به آمريڪي صدر ٽرمپ جو فيصلو قبولڻ …

تفصيل »

راهول گانڌي ڪانگريس پارٽي جو نئون صدر چونڊجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مرڪزي مخالف ڪانگريس پارٽي راهول گانڌي کي پارٽي جو نئون صدر چونڊي ورتو آهي. ڪانگريس پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ان اڳڀرائي کي هڪ تاريخي موقعو قرار ڏنو آهي. ان عهدي لاءِ راهول گانڌي جي چونڊ بنا مقابلي ٿي. راهول گانڌي جو ڪٽنب ابن ڏاڏن …

تفصيل »

نيو يارڪ ۾ بس ٽرمينل تي ڌماڪو، ماڻهن ۾ ڀاڄ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ جي اهم ترين علائقي مين هيٽن ۾ بس ٽرمينل ڀرسان ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. آمريڪي ميڊيا موجب ڌماڪو مين هيٽن جي بس ٽرمينل پورٽ اٿارٽي ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ …

تفصيل »

عرب ٽرمپ جي فيصلي کي خطرناڪ ۽ نه قبولڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

قاهره( ويب ڊيسڪ ) عرب ليگ بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جي فيصلي کي خطرناڪ ۽ نه قبولڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مصري گادي واري هنڌ قاهره ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ خلاف عرب …

تفصيل »

ٽرمپ جو فيصلو دهشتگردن لاءِ تحفو آهي: انور قرقاش

منامه(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير امور انور قرقاش آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏيڻ تي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو قدم انتهاپسندن لاءِ هڪ تحفو آهي. بحرين جي راڄڌانو منامه ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي …

تفصيل »

ملڪ مان ”داعش“ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي: عراق

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراقي فوج ملڪ کي داعش جي قبضي مان مڪمل طور آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پنهنجي تازي جاري ڪيل بيان ۾ عراقي فوج چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جتي به ”اسلامڪ اسٽيٽ“ جو قبضو هو، اهو ختم ڪرايو ويو آهي. بيان ۾ اهو به چيو …

تفصيل »

جاپان ۾ عمارت کي باهه، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي صوبي اوساڪا ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. ٽويوناڪا نالي شهر ۾ ٻه ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب ڀرپاسي وارن هنڌن کي به نقصان پهتو آهي. اختيارين موجب عمارت وڏي عمر وارن ماڻهن جو …

تفصيل »

فلسطيني صدر جو آمريڪي نائب صدر سان ملاقات کان انڪار

يروشلم (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي صدر محمود عباس آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. فلسطيني صدر جي صلاحڪار ماجدي الخالدي چيو آهي ته آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي بيت اللحم جي دوري دوران محمود عباس ساڻس ملاقات نه ڪندو. گذريل ڏينهن فلسطيني اٿارٽي …

تفصيل »