24 منگل , اپریل 2018

انٽرنيشنل

سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اندر 3 ڌماڪا، 2 ڄڻا مارجي ويا

مدينو شريف(ع آنيوز)  مديني شهري ۾ هڪ ڏينهن دوران 3 ڌماڪن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار مارجڻ جا اطلاع آهن.  عالمي ميڊيا موجب سعودي عرب جي شهر قطيف ۾ پهريون ڌماڪو ٿيو، جنهن جي خبر نه پئجي سگهي ته ڇا جو ڌماڪو هو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار …

تفصيل »

صدر ٿيس ته برقعي وارين عورتن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيندس: ڊونلڊ ٽرمپ

مانچسٽر(ع آنيوز) آمريڪا جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جا مسلم مخالف بيان بند نه ٿيا آهن. تازو ري پبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ بيان ڏنو آهي ته جيڪڏهن آئون صدر چونڊجي ويس ته برقعو پائيندڙ عورتن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيندس. هڪ ريلي دوران خطاب ڪندي ڊولنڊ ٽرمپ …

تفصيل »

داعشي دهشتگرد ٻارن مان به نه مڙيا، آن لائين گيمز ذريعي ٻار ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف

دمشق (ع آ نيوز) عالمي دهشتگرد تنظيم داعش دهشتگردي لاءِ ٻارن کي استعمال ڪري رهي آهي، دهشتگردن تنظيم داعش نون طريقن ۽ حربن سان ٻارن کي ورغلائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. خابرو اداري موجب داعش طرفان ٻارن ۽ 18 سالن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ نون حربن جو …

تفصيل »

بغداد بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 200 ٿي ويو

بغداد (ع آ نيوز) افغانستان جي گادي واري شهر بغداد ۾ ٻن بم ڌماڪن جي نتيجن ۾ مارجي ويلن جو انگ 200 ٿي ويو آهي، پرڏيهي خابرو ادارن موجب ڪالهه بغداد ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 128 مان وڌي 200 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن …

تفصيل »

برطانيا ۾ اڌ شيڊو ڪابينا جو استعفيٰ ڏيڻ جو اعلان

لنڊن (ع آ نيوز) يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جي ريفرنڊم کانپوءِ برطانيا جي ليبر پارٽي ۾ هڪ قسم جو سياسي بحران نظر اچي رهيو آهي ۽ پارٽي جي سربراه جرمي ڪوربن تي عدم اعتماد جي اظهار طور اڌ شيڊو ڪابينا استعفيٰ ڏئي رهي آهي. پرڏيهي نشرياتي اداري موجب شيڊو …

تفصيل »

بغداد ۾ داعش جي آپگهاتي حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 83 ٿي ويو

بغداد(ع  آنيوز) بغداد ۾ داعش جي آپگهاتي حملن ۾  مارجي ويلن جو انگ 83 ٿي ويو. بغداد اختياري موجب داعش جي آپگهاتي حملي آور ڪرادا جي مصروف شاپنگ سينٽر ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. رمضان ۽ عيد جي شاپدنگ سبب شاپنگ سينٽر ۾ ماڻهن جو وڏو انگ موجود …

تفصيل »

داعش بنگلاديش مان ڀارت کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڍاڪا(ع  آنيوز) داعش بنگلاديش مان ڀارت کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. بنگلاديش ۾ پاڻ کي دولت اسلاميه سڏرائيندڙ تنظيم جي سربراهه شيخ ابوابراهيم الحسنيف هڪ مقامي ميگيزين کي ڏنل انٽرويو  ۾ ڀارت کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش جا هندو اسلام …

تفصيل »

رمضان جي ستاويهين جي رات مسجد الحرام ۾ ڀاڄ، 18 ڄڻا زخمي

مڪو شريف(ع آ نيوز) رمضان مهيني جي ستاويهين جي رات مسجد الحرام ۾ ڀاڇ پئجڻ سبب 18 عمره زائرين زخمي ٿي ويا جن کي طبي امداد ڏني وئي. ميڊيا رپورٽ موجب سعودي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسجد الحرام ۾ ڀاڄ پئجڻ سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي …

تفصيل »

انڌي پيءُ جي مدد ڪندڙ معصوم ڌيءَ

منيلا (ع آ نيوز) 5 ورهين جي فلپائني ٻارڙي پنهنجي انڌي پيءُ کي ناريل جي باغن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جنهن جي وڊيو به سماجي رابطن واري ويب سائٽن تي جاري ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ جيني کي پنهنجي والد پيپي نيلسن کي ناريل جي باغن جي ڀرپاسي …

تفصيل »

ڪعبته الله شريف ۾ ڀاڄ سبب 18 ڄڻا زخمي

مڪو شريف(ع  آ نيوز) سعودي عرب ۾ مسجد الحرام اندر ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن لکين ماڻهو رمضان المبارڪ جي رات ۾ عبادت لاءِ ڪعبته الله شريف ۾ گڏ ٿيل هئا. سعودي عرب جي صحت کاتي ٻڌايو آهي …

تفصيل »