22 پیر , جنوری 2018

انٽرنيشنل

ٽرمپ لاءِ بهتر آهي ته آمريڪا جي مسئلن تي ڌيان ڏئي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني حڪومت آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ بهتر آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ حڪومت جي مخالفت ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ڪندي تهران حڪومت کي ظالم ۽ بدعنوان …

تفصيل »

افغان فورسز جي زميني ۽ هوائي ڪارروائي، داعش جا 65 ويڙهاڪ مارجي ويا

جلال آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ افغان فورسز جي هوائي ۽ زميني آپريشن دوران شدت پسند تنظيم داعش جا 65 وڙهاڪ مارجي ويا. افغان نيوز ويب سائٽ طلوع نيوز جي رپورٽ موجب ترجمان گورنر عطاءُ الله خوگياني هلاڪتن جي تصديق ڪندي ٻُڌايو ته ضلعي هسڪه مينا جي …

تفصيل »

پاڪستان کي امداد ڏيڻ جو في الحال ڪو به منصوبو ناهي: وائيٽ هائوس

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا جو پاڪستان کي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي امداد ڏيڻ جو في الحال ڪو به منصوبو ناهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا جي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي هڪ عهديدار چيو ته ٽرمپ …

تفصيل »

نائيجيريا ۾ چرچ تان واپس ويندڙن تي حملو، 14 ڄڻا فوت

نائيجيريا (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي هڪ رياست ۾ رات جو عبادت تان واپس ايندڙ عيسائين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا. خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ مقتول جي مائٽن ٻڌايو ته هٿيار بند جوابدارن ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هي ماڻهو نئين …

تفصيل »

مڪي کان مديني تائين پهرين ٽرين سروس جو آغاز ٿي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) مڪي کان مديني تائين پهرين ٽرين سروس جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ تيز رفتار ٽرين 450 ڪلوميٽرن جو سفر رڳو 2 ڪلاڪ 52 منٽن ۾ طئي ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ تيز ترين ٽرين سروس جو آغاز ڪيو ويو آهي. مڪي کان مديني …

تفصيل »

قابض اسرائيلي فوجين کي چماٽ هڻندڙ بهادر فلسطيني نينگري تي فرد جرم لاڳو

ولاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي فوجي عدالت قابض اسرائيلي فوجين کي چماٽ هڻندڙ فلسطيني نينگري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻه هفتا اڳ انٽرنيٽ تي 16 ورهين جي احد تميمي ۽ سندس ڀيڻ جي حوالي سان هڪ وڊيو منظر تي آئي هئي جنهن …

تفصيل »

ايران ۾ مظاهرين ٿاڻن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، ڪيترائي گرفتار

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين مڇرجي پيا ۽ ڪيترن ئي پوليس ٿاڻن تي حملا ڪري انهن کي باهيون ڏئي ڇڏيون جڏهن ته سرڪاري ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. ايران ۾ مذهبي قيادت ۽ حڪومت …

تفصيل »

ڪوسٽا ريڪا ۾ جهاز ڪري تباهه، 12 ڄڻا فوت

ڪولمبس(ويب ڊيسڪ) لاطيني آمريڪي ملڪ ڪوسٽاريڪا ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪوسٽاريڪا جي صوبي گواناڪاستي ۾ آمريڪي شهرين کي سياحتي مقام ڏانهن کڻي ويندڙ جهاز پنتا آءِ ليتانامي جزيري جي ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو. طياري …

تفصيل »

افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملو، سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي مسرور مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملن ۾ آپگهاتي حملن جو انچارج سينيئر طالبان اڳواڻ پنهنجن ٻن ساٿين سميت مارجي ويو. افغان ميڊيا موجب آچر جي شام هلمند ۾ هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي احمد مسرور مارجي ويو. افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته …

تفصيل »

پاڪستان کي 15 سالن ۾ 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران اسلام آباد کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع سال جو پهريون ٽوئيٽ ئي پاڪستان بابت ڪيو جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر …

تفصيل »