26 اربع , سيپٽمبر 2018

مقامي خبرون

نيوز: اوٻاوڙي ويجهو اڻ ڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾نوجوان فوت

*اوٻاوڙو ويجهو اڻ ڄاتل گاڏي جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو .  ڳوٺ گھرام گرگيج جورھواسي نواجون عبدالوحيد گرگيج موٽر سائيڪل تي گهر وڃي رهيو ته ساڻس حادثو پيش آيو اڻڄاتل گاڏي جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو . …

تفصيل »

نيوز: بدين : پاڻي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ھارين کي حق نه ملڻ خلاف احتجاج

* بدين ۾پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ھارين کي حق نه ڏيڻ خلاف آبادگارن ۽ شھرين  پاران  ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو . ملڪاڻي شريف جي آبادگارن ۽ بدين جي شھرين پاران الڳ الڳ مظاھرا ڪري ايوان صحافت بدين  آڏو ڌرڻا ھنيا ويا . ان موقعي تي لطف علي …

تفصيل »

نيوز: ڏهرڪي : ناري جو ماءُ سميت ساهرن خلاف احتجاج

*ڏهرڪي ۾ شادي شده ناري امڙي سان گڏجي مڙس ، سس ۽ ڏيرن  جي زيادتين خلاف احتجاج  ڪيو . جونگ ڪالوني جي رهواسڻ مقصودان زال واحد بخش ٻرڙو پنهنجي امڙ  عزت خاتون ۽ سان گڏ پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي ناري جي امڙ ٻڌايو ته سندس نياڻي جي شادي …

تفصيل »

نيوز: ٿرڙي محبت: ايس يو پي جو ٺيڪيدار ۽ ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج

*ٿرڙي محبت ۾ شهر جا ترقياتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي مبيان طور گم ٿي ويل ٺيڪيدار ۽ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف ايس يو پي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو . گندي پاڻي جي  نيڪال واري  نالي ۽ پيور بلاڪ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مبيناطور  ڀڄي ويل ٺيڪيدار …

تفصيل »

نيوز: ٻانڌي: صحافي کي ڌمڪيون ملڻ خلاف سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج

 *ٻانڌي ۾ صحافي کي ڌمڪيون ملڻ خلاف صحافين ۽ سياسي توڙي  سماجي ڌرين پاران  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . صحافي غلام محمد غوري کي ڌمڪيون ملڻ خلاف صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين غلام محمد غوري، طالب پنڃارو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو . ان …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ٽڪر،   هو نوجوان  فوت، ٻيو زخمي

*لاڙڪاڻي شهر جي بقاپور ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  نوجوان  فوت  ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو . موجوان مصري لاشاري  ۽ سندس دوست موٽر سائيڪل تي ڳوٺ يار محمد لاشاري  کان اچي رهيا هئا ته سندن ٽريڪٽر سان …

تفصيل »

نيوز: حيدرآباد: ڌرتي جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جي جاگرافي شعبي پاران واڪ

*حيدرآباد ۾ڌرتي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي واري شعبي  پاران اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين واڪ ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن هٿن ۾  پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر ذوالفقارعلي,پروفيسر ممتاز …

تفصيل »

نيوز: غوثپور: ڪرمپور جي صحافي کي گرفتار ڪرڻ خلاف ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو

*غوثپور  ۾ ڪرمپور جي صحافي  ۽ سندس  ڀاءُ کي گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪرڻ  خلاف قلم ڌڻين ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو.  حُسين بخش چولياڻي ۽ سندس ڀاءُ کي ڪرمپور پوليس پاران  بلاجواز گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف صحافين عبدالغفار اوڳاهي ، شيرزمان بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو …

تفصيل »

نيوز: سانگهڙ : چيمبر آف ايگريڪلچر جي بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي

*سانگهڙ ۾ چيمبر آف ايگريڪلچر  جي سڏ تي بچو بادشاهه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. مراد علي نظاماڻي، معشوق نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ ڪڙمين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته زميندارن ۽ ڪڙمين …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: بيئرسٽر جان محمد جوڻيجو جي 97 هين ورسي ملهائي وئي

*لاڙڪاڻي ۾ بيئرسٽر جان محمد جوڻيجو جي 97 هين ورسي آرٽ ڪائونسل  ۾ ملهائي وئي . ورسي جي تقريب ۾ مظھر خان جوڻيجو، زاهد جوڻيجو ، مهراڻ ڌامرهو  ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بيئريسٽر …

تفصيل »