20 خميس , سيپٽمبر 2018

مقامي خبرون

نيوز:ٺٺو:”ٻار پڙهايو گهر سنواريو “  جي حوالي سان جاڳرتا ريلي

*ٺٺو ۾ ”ٻار پڙهايو گهر سنواريو “  جي حوالي سان گرلس ڪئمپس ھاءِ  اسڪول طرفان ھڪ جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ اسڪولي  شادگرياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي او سيڪنڊري نصير ميمڻ، اسڪول جي ھيڊ مسٽريس  آپا عائشا ۽ ٻين جي  اڳوڻي ۾ اسڪول کان شيخ فريد چوڪ …

تفصيل »

نيوز:مورو:  درس يونين ۾ بجلي جا ٿنڀا ڪاٺيون ڏئي بيھاريا ويا

*موري ويجهو  درس يونين ۾ بجلي جا ٿبڀا ڪاٺيون ڏئي بيھاريا ويا جڏھن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪاٺين تي بيٺل ٿڀنا ڪنهن وڏي هاڃي جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.  ڳوٺاڻن محبوب ڀٽي، علي شير ڏيپر، چنيسر ھليو ۽ ٻين  ٻڌايو ٿنڀا سندن ٻنين ۾ لڳل آهن جنهن ڪري …

تفصيل »

نيوز:ٺٽو: مڪلي ۾ 24 ڪلاڪ اڳ موڙ ٻڌندڙ گھوٽ جنريٽر مان  ڪرنٽ لڳڻ  سبب فوت

*ٺٽو   ڀرسان مڪلي ۾ 24 ڪلاڪ اڳ موڙ ٻڌندڙ گھوٽ جنريٽر مان  ڪرنٽ لڳڻ  سبب فوت ٿي ويو. مڪلي جي ڳوٺ  فقير  ۾  نوجوان الطاف جاکرو  جنريٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو. وارثن  فوتي کي کڻائي  سول اسپتال ٺٽو پهچايو ، جتي ڊاڪٽرن کيس  موت جي تصديق ڪئي. …

تفصيل »

نيوز: قصبي  ۽ ڀرپاسي ۾  پراسرار  کنگهه جي  بيماري ۾ معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد مبتلا

*قصبي  ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پراسرار الرجي جي بيماري ۾ معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد مبتلا ٿي ويا آهن، الرجي جي وائرس سبب مسلسل کنگهه ۾ مبتلا مريضن جي وارثن پاران صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي. ڳوٺ شاهواڻي،  باگو لغاري، يامين لغاري،  …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو:  سينٽرل جيل جو قيدي  ڪينسر وگهي  چانڊڪا اسپتال ۾ فوت

*لاڙڪاڻي  سينٽرل جيل جو قيدي  ڪينسر وگهي  چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. 35 ورهين جو عطاءُ الله بروهي ڪينسر وگهي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فوت ٿي ويو. رابطي ڪرڻ تي جيل انتظاميا ٻڌايو تھ  قيدي ڪوئٽا جو رهواسي هو، جيڪو منشيات ڪيس ۾ جيل ڪاٽي رهيو هو، …

تفصيل »

نيوز: هوسڙي: باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک ،  2 ٻڪريون بھ سڙي مري ويون

* هوسڙي ويجهو  باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک بڻجي ويا، جڏهن تھ 2 ٻڪريون بھ سڙي مري ويون آهن. ڳوٺ ميران بخش ڇلگري ۾ 4 گهرن کي اچانڪ  باھي وڪوڙي وئي، جنهن ۾ قربان ڇلگري، ذلفقار ڇلگري، الله بچايو ڇلگري ۽ الهه ورايو ڇلگري جا گهر سڙي ويا، …

تفصيل »

نيوز: ميرپورخاص: شادي تقريب ۾ وومين پوليس   جي ڪارروائي،  ٽي  ڄڻا گرفتار

*ميرپورخاص ويجهو عمرڪوٽ ۾ شادي تقريب ۾ وومين پوليس ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن تھ  گهوٽ ۽ مولوي فرار ٿي ويا. ڳوٺ هاشم پلي ۾ ننڍي عمر جي شادي تقريب دوران وومين پوليس عمرڪوٽ ڳجهي تي اطلاع تي ڇاپو هڻي 13 سالن جي ڪنوار بڻيل اميشا …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: ريلوي لوڪو شيڊ وٽان نوجوان جو گوليون  لڳل لاش هٿ

*لاڙڪاڻي جي ريلوي لوڪو شيڊ وٽان نوجوان جو گوليون لڳل  لاش هٿ ڪيو ويو آهي. ريلوي ڪالوني جي رهواسي نوجوان ماجد زرداري جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي. اطلاع تي حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس لاش کي کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد …

تفصيل »

نيوز: ٽالپر وڏا ۾ امتحان ۾ پوزيشن ماڻيندڙ ٻارن جي مان ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب

ٽالپر وڏا ڀرسان النور ماڊل اسڪول ۾ پوزيشن ماڻيندڙ ٻارن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري، ڳوٺ نياز حسين ٽالپر ۾ النور ماڊل اسڪول ۾ سالياني امتحان ۽ پوزيشن ماڻيندڙ ٻارن ۾ انعام  ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي تقريب استاد سڪندر ڪيريو ،غلام اڪبر جلالاڻي ،حسين بخش رنگ رياض …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ناهن: ساڃاهه وند

*سنڌ ايجوڪيشن الائينس ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان تعليم جي بدلي ووٽ جي عنوان سان لاڙڪاڻي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو  سيمنار ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمنار کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي ضلعي صدر …

تفصيل »