19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمر ڪوٽ ضلعو

نيوز: ساماري شهر ۾ گٽرن جو گندو پاڻي عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو

ساماري ۾ شهرين پاران گٽر لائن اٿلڻ ۽ مورِي نه ٺهڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مک چوڪ تي واپارين ۽ شهرين شمڀو مالهي، مراد ڀرڳڙي ۽ گوپال مالهي سميت ٻين انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهرين چيو ته سامارو- عمرڪوٽ روڊ تي موري وڏي عرصي کان …

تفصيل »

نيوز : عمر ڪوٽ: پٽن کان ناراض پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

* عمر ڪوٽ ويجهو رات دير سان  پٽن کان ناراض پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو ، مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  اسٽاف موٽو مالھي وٽ ڳوٺ ڀڏيلي جي رھواسي 40 ورهين جي  جيرام ولد تيجو ڪولھي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال …

تفصيل »

نيوز | گهرن کي اتفاق سان باهه لڳي، ڪوبه ملوث ناهي: پٿوري واسي

پٿوري ويجهو ڳوٺ ۾ پاڻ باهه لڳائڻ وارين خبرن جي ترديدي ڪندي ڳوٺاڻن چيو آهي ته گهرن کي اتفاق سان باهه لڳي، باهه واقعي ۾ ڪير به ملوث ناهي. گرهوڙ شريف ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اجبو ڪولهي، ڪيو ڪولهي ۽ ٻين چيو ته سندن گهرن کي اتفاق سان باهه لڳي …

تفصيل »

نيوز : سامارو: شِو مها ديو جو ميلو ،  پانڌيئڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

*ساماري ويجهو شِو مها ديو جو ميلو ٿي گذريو جنهن ۾ پانڌيئڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڳوٺ رئيس ابراهيم ڌونڪائي  ۾ شِو مهاديو جي ميلي جو ڏهاڙو ملهايو ويو  جنهن ۾   هزارين عقيدت مندن عورتن،مردن ،ٻارڙن، پري پري کان  پيادل جٿن جي صورت  ۾  شرڪت ڪئي. شِو شنڪر شيوا …

تفصيل »

نيوز : سامارو: مٺڙائو ڪئنال جي ري ماڊلنگ سبب شاخن ۾ پاڻي نھ پهچي سگهيو، احتجاج

*ساماري ۾   مٺڙائو ڪئنال جي ريماڊنگ سبب وارابندي بعد آيل پاڻي شاخن ۾ نه اچڻ  سبب آبادگار اتحاد جي سڏ تي  ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن الهبچايو ڀرڳڙي ، ولي محمد راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  سامارو مائينر ۾ …

تفصيل »

نيوز: سامارو: نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي وڌو، اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ

ساماري ويجهو نينگر کي رولو ڪتي ڏارهي وڌو نينگر ، زخمي ٻالڪ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ، اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ . ڳوٺ اسماعيل خان ڀرڳڙي ۾ 12 سالن جي نينگر  ٽيڪم پٽ ڪانجي ڪولهي کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي ٽيڪم کي ويڪسين ڪرائڻ  لاءِ جڏهن …

تفصيل »

نيوز : ڪنري: نوجوان جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

* ڪنري پوليس پاران  مبينا طور منشيات  رکڻ جي ڏوھ ۾ نوجوان جي گرفتاري ۽ مٿس ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سندس وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو. گرفتار نوجوان نظير بلوچ جي وارثن  آمريڪا چوڪ تي ٽائر ساڙي، ڌرڻو هنيو  احتجاج ڪندڙن ۽  ڳالھين لاءِ آيل پوليس عملدارن  وچ ۾ ڏند …

تفصيل »

نيوز| پٿوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو انتظاميا خلاف احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن پاران تعليم کاتي جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو. استادن اميربخش پنهور، جبار شر ۽  عبدالخالق جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پيرس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ استادن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاس استاد پنهنجي ذميواري سان ٻارن …

تفصيل »

نيوز: ملڪ ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ واري ڪا به پارٽي ناهي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداي چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده صورتحال جو ذميوار نواز شريف آهي. ڪنري ۾ نواب يوسف ٽالپر جي دعوت تي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ملڪ هن وقت مختلف مسئلن جي گهيري ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي …

تفصيل »