23 آچر , سيپٽمبر 2018

شڪار پور ضلعو

نيوز : مدئجي: زمين مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ،سڃاڻپ عباس حيدر شاهه طور ٿي

مدئجي ڀرسان زرعي زمين مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال پهچايو. ڳاهيجا ٿاڻي جي حد الهورايو ٻرڙو ڀرسان زرعي زمين مان نوجوان سيد عباس حيدر شاهه جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن کي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي …

تفصيل »

نيوز: خانپورمهر: چورن هٿان زخمي نوجوان جي وارثن جو احتجاج

خانپورمهر ۾ چوري جي ڪوشش دوران  مزاحمت تي هٿياربندن هٿان زخمي نوجوان  جي وارثن پاران  جوابدار  جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو ڳوٺ رامڻ خان لنڊ ۾ ٻه ڏينهن اڳ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿيارن بندن هٿان زخمي ڪيل ايس ٽي پي ڪارڪن  ۽ سندس وارثن  جوابدارن جي …

تفصيل »

نيوز : مدئجي: ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان واپاري قتل،

*مدئجي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان واپاري قتل ٿي ويو . ٽي شاخي بس اسٽاپ ڀرسان ڳاهيجا ڊکڻ لنڪ روڊ تي هٿياربندن  ڳوٺ نبي آباد جي رهواسي اناج جي واپاري سعيد عباسي کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي .  ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن …

تفصيل »

نيوز: مدئجي ويجهو مبينا مقابلو، هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي

مدئجي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيوآهي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد وارهه بئراج وٽ موجود ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوليون لڳڻ سبب  تصور ابڙو سخت زخمي …

تفصيل »

نيوز: لکي غلام شاهه ۾ مقاني کاتي جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

لکي غلام شاهه ۾ مقاني کاتي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن بابو ميمڻ،سرور مهر،امداد مهر،مزاري ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي ملازمن ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو ته اسان …

تفصيل »

نيوز| ڊکڻ ۾ شهرين پاران بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڊکڻ ۾ شهرين پاران بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو. شهرين شهزادي لولائي، الله بخش ۽ ثناءَ الله جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزم هنيو ته پوليس جي سرپرستي هيٺ ڏوهارين سرگرم ٿي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي …

تفصيل »

نيوز| ڊکڻ ڀرسان پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل 2 مينهون واپس

ڊکڻ ڀرسان پوليس ڪارروائي ڪري چوري ٿيل 2 مينهون واپس ڪرائي ڇڏيون. ڳوٺ ڳڙهي صاحب ۾ چورن منٺار ميمڻ جي گهران 2 مينهون چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع تي چورن جو پيڇو ڪري گهاٽي لاڙي وٽان جهنگ ۾ مينهون هٿ ڪري ورتيون آهن. پوليس …

تفصيل »