22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سانگھڙ ضلعو

نيوز: کپرو: نارا ڪينال ۾ لڳايل 3 گنديون آبپاشي عملدارن لاءِ چيلنج بڻجي ويون

*کپرو  جي نارا ڪينال جي منڍ ۾ بااثر زميندارن پاران لڳايل 3 گنديون ۽ لفٽ مشينون ڪڍرائڻ آبپاشي عملدارن لاءِ چيلنج بڻجي ويون، نارا ڪينال تي لڳل گنديون بند ڪرائڻ  لاءِ ويندڙ آبپاشي عملدار کي بااثر زميندارن جي ماڻھن واپس ڪري ڇڏيو نئين نارا ڪينال جي آر ڊي 88 وٽ …

تفصيل »

نيوز: کپرو:دڪان تي جوابدارن جو حملو ، مستري رتورت ، سانگهڙ اسپتال منتقل

*کپرو  ڀرسان  دڪان تي جوابدارن حملو ڪري مستري کي رتورت ڪري ڇڏيو، زخمي مستري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. چوٽياريون جي مين بس چوڪ تي قائم مستري جي دوڪان تي ڪنڀر برادري جي 6 کان وڌيڪ جوابدارن ڪهاڙين ۽ ڪاتن سان حملو ڪري  25  ورهين جي …

تفصيل »

نيوز: کپري ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل ترڪڻ سبب نوجوان زخمي

*کپري ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل ترڪڻ سبب نوجوان ڪري زخمي ٿي پيو، اطلاع تي ريسيڪيو عملي پهچي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي اسپتال پهچايو. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمي نوجوان دليپ ميگهواڙ جي سنجيده حالت هئڻ ڪري طبي امداد ڏئي حيدر آباد جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو …

تفصيل »

نيوز: کپرو: جسقم جو ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاج

*کپري  ۾ جسقم پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آزاد ڪنڀر ،شوڪت بڙدي ،عبدالغني ڪنڀر ،محمد علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد چوڪ کپرو تي احتجاجي مظاهرو  ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي  ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻڻ ميڊيا سان …

تفصيل »

نيوز:کپرو: سيد ۽ راڄڙ برادرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو،9 زخمي

*کپري ويجهو زرعي پاڻي جي تڪرار تان سيد ۽ راڄڙ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ  جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. روهڙو شاخ جي آبادگارن  جو پاڻي جي تڪرار تان سيد برداري ۽ راڄڙ برداري جي ٻنهي ڌرين ۾ …

تفصيل »

نيوز: سانگهڙ: پبلڪ پراسيڪيوشن برانچ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

*سانگهڙ ۾ پبلڪ پراسيڪيوشن برانچ  جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٻاهران طارق محبوب، ظفر حيات ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ويو ان موقعي مظاهرو ڪندڙن چيو ته پبلڪ پراسيڪيوشن برانچ جي ملازمن کي  ٽائيم اسڪيل ڏئي ترقيون ڏئي قانون …

تفصيل »

نيوز: کپري ۾ چوٽياريون شاخ جي پڇڙي وارن آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

* کپري ويجهو چوٽياريون شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سوين آبادگارن ڌرڻو سخت نعري بازي ڪئي، مختيار احمد باجوه جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ريلي ڪڍي کپرو واهه موري تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي يوسي چئيرمين مختيار باجوه، غلام رسول بهڻ ۽ سوڀارو خان …

تفصيل »

نيوز: کپرو: بارداڻو  آبادگارن بدران مل مالڪن ۽ واپارين کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

*کپري ۾ بارداڻو  آبادگارن بدران مل مالڪن ۽ واپارين کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙي عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سائل هنڱورجو،  الله بچايو هنڱورو،  حيات درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن   هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهيد چوڪ کپرو تي مظاهرو ڪري کوراڪ کاتي جي …

تفصيل »

نيوز: کپرو: زرعي  پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين   جو کپرو –ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو جاري

*کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زرعي  پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ايوب مري، سومار شر، علي حسن شر، نهال مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾   ميرپورخاص کپرو روڊ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو آهي.  ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن  ميڊيا سان …

تفصيل »

نيوز: کپرو: ايريگيشن عملدارن ناراڪينال ۾ هڪ وڌيڪ گندي لڳائي ڇڏي

*کپري  ويجهو ايريگيشن عملدارن ناراڪينال ۾ لڳل گندين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران  وڌيڪ هڪ گندي مڇي جي تلاءَ ۾ لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، لڳل گندين جو انگ  وڌي ٽي ٿي ويو . ايريگيشن عملدارن ناراڪينال جي آر ڊي 88 وٽ لڳل ٻن گندين کي ڪڍرائڻ بدران  وڌيڪ هڪ گندي …

تفصيل »