25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ميرپور خاص ضلعو

نيوز : ميرپورخاص: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جي نينگري فوت، ٽي زخمي

*ميرپورخاص ويجهو ڪچي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٽي نينگريون زخمي ٿي پيون . ڳوٺ ابوبڪر جوڻيجو ۾ گهر جي ڪچي ڀت ڪرڻ سبب چئن سال جي معصوم نينگري منيرا خاصخيلي فوت ٿي وئي، جڏهن ته حميرا، نصيرا، عائشه زخمي ٿي …

تفصيل »

نيوز : ميرپورخاص: نا فرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ڀرسان نا فرمان پٽ  گھريلو اڻبڻت تان ڪھاڙين جا وار ڪري  پنھنجي پيرسن پيءُ کي بيدردي سان قتل  ڪري ڇڏيو. ڊينگاڻ ڀرڳڙي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ نافرمان پٽ گھريلو اڻبڻت تان جوابدار رحيم ماڇي ڪهاڙين جا وار ڪري پنھنجي پيرسن پيءُ 55  ورهين جي  غلام محمد ماڇي کي …

تفصيل »

نيوز: * جهڏو: ناري پاران  بااثر  تي تشدد ڪرڻ جو الزام

*جهڏي  ۾ نوجوان ناري دانهيو آهي ته بااثر هٿياربند ساڻ ڪري سندس گهر تي حملو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو .  شھر جي جوڻيجا ڪوارٽر واري علائقي جي رهائشي عائشه شاھ  الزام هنيو ته رات جي وقت نشي ۾ ڌت ٿي عطا لغاري هٿيار بند ساٿين سان گڏجي سندس …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص:ڀاءُ جو  ڀينرن تي تشدد، ڪيس داخل

*ميرپور خاص ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ ڀينرن تي تشدد ڪري کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو. لطيف ٽائون جي رهواسي صائمه ۽ سلمه الزام هنيو آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان سندن ڀاءُ صاحب ڏنو ۽ ڀاڄائي رضوانه  مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو. متاثرن عورتن ڀاءُ ۽ ڀاڄائي خلاف ٿاڻي تي …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص: عورت جو مڙس تي تشدد ڪرڻ جو الزام

 * ميرپور خاص جي عدالت ۾  عورت دانهيو آهي ته سندس مڙس، سس ۽ ٻيا کيس تشدد جو نشانو بڻائين ٿا  کيس طلاف ڏياري تحفط  فراهم ڪيو وڃي حسين بخش مري جي ڳوٺ بوبڪ ٿيٻو جي رهواسڻ مسمات ست ٻائي مڪراني  ٻڌايو ته هن جي نا بالغي جي عمر ۾ ست …

تفصيل »

نيوز : ميرپورخاص:پوليس جو مٺي ۾ ٻن واپاري ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

* پوليس مٺي ۾ ٻن  واپاري ڀائرن جي  قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذريعن  وٽان مليل ڄاڻ موجب واپاري چندر ڪمار ۽ دليپ  ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن وٽان مقتول واپارين کان ڦريل رقم ۽ واردات ۾ استعمال …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص:بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاج

* ميرپور خاص ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو . پ پ ليڊيز ونگ جي سڏ تي شميم آرا پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو . ان موقعي تي شميم آرا پنهور ۽ ٻين چيو ته مسڪين ۽ بيواهه عورتن کي ملندڙ …

تفصيل »

نيوز: ميرپور خاص: عورتن جو پوليس پاران سندن مردن ۽ عورتن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

* ميرپور خاص ۾ عمرڪوٽ واسي عورتن پوليس پاران سندن مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. عورتن ۽ ٻارن حميدا شيخ ، فرزانه شيخ ، ثمينه شيخ ، رخسانه شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو . ان موقعي تي متاثر عورتن ٻڌايو …

تفصيل »

نيوز: ميرپور خاص: مسافر وين ۽ ڪيري وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر،  7 ماڻهو سخت زخمي

ميرپور خاص ڀرسان مسافر وين ۽ ڪيري جي ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ماڻحو سخت زخمي ٿي پيا. ميرپورخاص ٽول پلازه تي ناوبشاهه ويندڙ مسافر وين جو ڪيري سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن هڪ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص: ڊاڪٽر ۽ نرس وچ  ۾جهيڙي  وارو مامرو، ڊي جي هيلٿ ميرپورخاص پهچي ويو

* ميرپور خاص ۾ ڊاڪٽر ۽ نرس وچ  ۾جهيڙي  وارو معامرو، ڊي جي هيلٿ ميرپورخاص پهچي ويو ، جڏهن ته واقعي خلاف  ڊاڪٽرن جو احتجاج به  جاري  آهي. ينگ نرسنگ ۽ سنڌ نرسنگ ايسوسيئيشن پاران  اعجاز ڪليري ، بدر الدين ابڙو ۽ گلناز جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. …

تفصيل »