24 سومر , سيپٽمبر 2018

ميرپور خاص ضلعو

نيوز : ڊگهڙي:ڪولهي برادري جي ماڻهن جو بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

ڊگهڙي  ڀرسان ڪولهي برادري جي ماڻهن  با اثرن جي زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺ جلال ابڙينگ جي رهواسين ڪولهي برادري جي ماڻهن ڌارشي ڪولهي، ارجڻ ، رتنو ڪولهي، ويرسن  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ڊگهڙي – ميرپورخاص روڊ  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. …

تفصيل »

نيوز: ميرپور خاص: شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج جي هاسٽل مان لاش هٿ

*ميرپور خاص ڀرسان يارهين جماعت  جي شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج جي هاسٽل مان لاش هٿ، خودڪشي جا چوٻول ميرپور خاص ڀرسان يارهين جماعت  جي شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج مان لاش هٿ آيو آهي. خانگي ڀٽائي ڊينٽل ڪاليج ميرپورخاص مان يارهين جماعت   جي شاگردياڻي 20 ورهين جي زهريش انصاري جو لاش …

تفصيل »

نيوز : ميرپورخاص: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جي نينگري فوت، ٽي زخمي

*ميرپورخاص ويجهو ڪچي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٽي نينگريون زخمي ٿي پيون . ڳوٺ ابوبڪر جوڻيجو ۾ گهر جي ڪچي ڀت ڪرڻ سبب چئن سال جي معصوم نينگري منيرا خاصخيلي فوت ٿي وئي، جڏهن ته حميرا، نصيرا، عائشه زخمي ٿي …

تفصيل »

نيوز : ميرپورخاص: نا فرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ڀرسان نا فرمان پٽ  گھريلو اڻبڻت تان ڪھاڙين جا وار ڪري  پنھنجي پيرسن پيءُ کي بيدردي سان قتل  ڪري ڇڏيو. ڊينگاڻ ڀرڳڙي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ نافرمان پٽ گھريلو اڻبڻت تان جوابدار رحيم ماڇي ڪهاڙين جا وار ڪري پنھنجي پيرسن پيءُ 55  ورهين جي  غلام محمد ماڇي کي …

تفصيل »

نيوز: * جهڏو: ناري پاران  بااثر  تي تشدد ڪرڻ جو الزام

*جهڏي  ۾ نوجوان ناري دانهيو آهي ته بااثر هٿياربند ساڻ ڪري سندس گهر تي حملو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو .  شھر جي جوڻيجا ڪوارٽر واري علائقي جي رهائشي عائشه شاھ  الزام هنيو ته رات جي وقت نشي ۾ ڌت ٿي عطا لغاري هٿيار بند ساٿين سان گڏجي سندس …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص:ڀاءُ جو  ڀينرن تي تشدد، ڪيس داخل

*ميرپور خاص ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ ڀينرن تي تشدد ڪري کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو. لطيف ٽائون جي رهواسي صائمه ۽ سلمه الزام هنيو آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان سندن ڀاءُ صاحب ڏنو ۽ ڀاڄائي رضوانه  مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو. متاثرن عورتن ڀاءُ ۽ ڀاڄائي خلاف ٿاڻي تي …

تفصيل »

نيوز : ميرپور خاص: عورت جو مڙس تي تشدد ڪرڻ جو الزام

 * ميرپور خاص جي عدالت ۾  عورت دانهيو آهي ته سندس مڙس، سس ۽ ٻيا کيس تشدد جو نشانو بڻائين ٿا  کيس طلاف ڏياري تحفط  فراهم ڪيو وڃي حسين بخش مري جي ڳوٺ بوبڪ ٿيٻو جي رهواسڻ مسمات ست ٻائي مڪراني  ٻڌايو ته هن جي نا بالغي جي عمر ۾ ست …

تفصيل »

نيوز : ميرپورخاص:پوليس جو مٺي ۾ ٻن واپاري ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

* پوليس مٺي ۾ ٻن  واپاري ڀائرن جي  قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذريعن  وٽان مليل ڄاڻ موجب واپاري چندر ڪمار ۽ دليپ  ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن وٽان مقتول واپارين کان ڦريل رقم ۽ واردات ۾ استعمال …

تفصيل »