20 خميس , سيپٽمبر 2018

ميرپور خاص ضلعو

نيوز: ڊگهڙي:پي ٽي آءِ پاران صائما جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڊگهڙي  ۾  پاڪستان تحريڪ  انصاف  ۽ ٻين پارٽين پاران لاڙڪاڻي ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل صائما جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مختيار جروار، حاجن جروار، آصف ڀرڳڙي، رضوان قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي  …

تفصيل »

نيوز:ڊگھڙي: تعليم کاتي جي رٽائرڊ ڊرائيور جو معصوم نياڻين سان گڏ احتجاج

*ڊگھڙي شھر جي ميرجان محمد ڪالوني جي رهواسي تعليم کاتي جي رٽائرڊ ڊرائيور محمد قمبراڻي پنهنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ پٽ سان گڏ پريس ڪلب ڊگھڙي اڳيان احتجاج ڪيو . هن ٻڌايو ته  6 سال اڳ هن  پنهنجو گهر 15لک روپين ۾ ايجنٽن حاجي خالد ۽ غني سومرو جي معرفت …

تفصيل »

نيوز: ڊگهڙي: سول جج پاران اسپتال جو دورو، غير حاضر ڊاڪٽرياڻين تي ڪاوڙ جو اظهار

*ڊگهڙي ۾  سول جج  اوچتو اسپتال پهچي مختلف وارڊن جا دور ڪيا ۽  غير حاضر ڊاڪٽرياڻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو . جسٽس نواب علي خاصخيلي دوري دروان ڊاڪٽرن جي حاضري  جو رجسٽر چڪاس ڪيو جنھن ۾ چيف ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر فرحانا تبسم ۽ وومين ميڊيڪل آفيسر اقراعمر غير …

تفصيل »

نيوز:جهڏو: آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جمڙائو ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

*جهڏي ۾ آباداگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جمڙائو ڪئنال جي بگي مائينر سميت ٻين شاخن  ۾ 3 مهينن کان پاڻي کوٽ خلاف شٽر بند هڙتال  ڪئي وئي . هڙتال سبب شاهي بازار، گڙ منڊي، ڌنا مارڪيٽ  سميت شهر جا مک ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهيا . ان موقعي تي …

تفصيل »

نيوز:ميرپورخاص:اسٽيوا  ميرپورخاص ريجن جي نئين  چونڊيل باڊي جي حلف برداري  تقريب

ميرپورخاص  ۾ آل سنڌ ٽيڪنيڪل ايجو ڪيشن ايمپلائيز ايسو سي ايشن ميرپورخاص ريجن جي نئين  چونڊيل باڊي جي حلف برداري  تقريب مرڪزي صدر مظهرالدين ابڙو جي سربراهي ۾   ٿي گذري. تقريب ۾  مرڪزي جرنل سيڪريٽري غلام احمد خان،   ريجنل صدر عطا حسين لغاري،  ريجنل جرنل سيڪريٽري عبدالحليم راڄڙ،  اطلاعات سيڪريٽري …

تفصيل »

نيوز:ميرپورخاص: پيار جو پرڻو  ڪندڙ ناري کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش

*ميرپورخاص  ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيار جو پرڻو  ڪندڙ ناري کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . پيار جو پرڻو ڪندڙ سلميٰ لغاري کي  مبينا طور زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . راڳي خوشبو لغاري جي ڀيڻ سلمي لغاري کي  کاڌي  ۾   زهر ڏئي …

تفصيل »

نيوز:ميرپورخاص: پوليس  جي ڪارروائي ، چنگچي هلائيندڙ 8 معصوم ٻارڙا گرفتار

ميرپورخاص پوليس ڪارروائي ڪندي چنگچي هلائيندڙ 8 معصوم ٻارڙا گرفتار ڪري چنگچيون حراست ۾وٺي ڇڏيون. پوليس سارجنٽ انسپيڪٽر عبدالحفيظ آرائين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان جاري مهم ۾چنگچيون هلائيندڙ معصوم ٻارڙن تي 10 هزار رپين کان وڌيڪ چالان ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ ڪندڙن کي به …

تفصيل »

نيوز: سنڌڙي: ٻئي شاهه مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب

سنڌڙي ويجهو ٻيون شاهه مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ٿي گذري. ڳوٺ حاجي دلبر مھر ۾ ٻيون شاھ مردان شاھ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح اڳوڻي ناظم سرفراز جوڻيجي، مبارڪ مھر ۽ حاجي امان الله شر ڪيو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جون 40 کان وڌيڪ …

تفصيل »

نيوز: سنڌڙي: تعليم کاتي جي آفيسر جي نگراني ۾ مفت ڪتاب ورهايا ويا

سنڌڙي ۾ تعليم جي تعلقي آفيسر سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ پنهنجي نگراني ۾ ڪتاب ورهايا. ھڱورنو پرائمري اسڪول ۾ تعليم واري تعلقي آفيسر نذاڪت احمد جي نگراني هيٺ شاگردن ۾ مفت ڪتاب ورھيا ويا. تعلقي آفيسر نزاڪت احمد استادن کي ھدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ حاضر رھندڙ شاگردن کي ڪتاب …

تفصيل »

نيوز: سنڌڙي: باهه لڳڻ ڪري 8 پورهيتن  جا گهر سڙي رک

*سنڌڙي ويجهو چلهه مان اٿيل چڻنگ 8 پورهيتن جي گهرن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ قاسم پنھور ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڪڇي برادري جي 8 گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب 8 ٻڪريون، 2 سئو مڻ ڪڻڪ، نياڻين جو ڏاج ۽ الهه تلهه سڙي …

تفصيل »