21 جمعو , سيپٽمبر 2018

خيرپور ضلعو

نيوز : سوڀو ديرو: رهواسين جو  بااثرن خلاف احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

سوڀوديرو جي رهواسين   بااثرن پاران کين تنگ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ موريا جي  رھواسين نور محمد موريو،  عبدالقادر موريو،  عثمان موريو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن توڙي سياسي سماجي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ دانھيندي چيو آهي تھ با اثر …

تفصيل »

نيوز : سئي گئس: شاگردن جو امتحاني سينٽر ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ خلاف احتجاج

سئي گئس ۾  گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن امتحاني سينٽير ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهر ويسر هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ 26 سال پراڻي  هلندڙ سينٽر کي بند ڪرڻ سبب لڳ ڀڳ 6 سوُ شاگرد ۽ شاگردياڻيون  متاثر ٿيندا. …

تفصيل »

نيوز : خيرپور: پاڳارا خاندان جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن:فنڪشنل اڳواڻ

فنڪشنل ليگ اڳواڻن حاجي امام بخش ڦلپوٽو، ارباب شاهد ٻانڀڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪوٽڏيجي ۾ فنڪشنل ليگ جي ڪامياب جلسي کانپوءِ مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهن.  خيرپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن  چيو تھ   پاڳارا خاندان ۽ حرن جون ملڪ ۽ قوم لاءِ …

تفصيل »

نيوز: * ڪوٽ ڏيجي: خوراڪ کاتي جي ملازمن  پاران حقن لاءِ جدوجهد جو اعلا

* ڪوٽ ڏيجي ۾ خوراڪ کاتي جي ملازمن جو اجلاس ٿيو، ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي  امداد علي مگسي،سلطان احمد انڙ ۽ ٻين  چيو ته خيرپور ضلعي جي خوراڪ  کاتي جي ملازمن کي رهيل پگهارون ڏيارڻ، پروموشن، ٽائيم اسڪيل ۽ …

تفصيل »

نيوز : اڳڙا : پورهيت ڪينسر ۾ وڪوڙجي ويو، واهر جي اپيل

*ٽنڊي باگي ويجهو  ٽيويهه سال اڳ اڏجي تيار ٿيل اسپتال ۾ اڃا تائين ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو آهي.   ڳوٺ علي خان جمالي ۾1995  ۾ ٽن ايڪٽن تي 14 بسترن جي اسپتال جي عمارت اڏجي راس ٿي پر اڃا تائين ڊاڪٽر مقرر  نه ٿي سگهيو آهي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  …

تفصيل »

نيوز: ھنڱورجا: ڪار جو ٽرالر سان ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ھنڱورجا ڀرسان قومي شاھراھ تي ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن تھ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. قومي شاهراهه تي ڪراچي کان علي پور پنجاپ ويندڙ مھراڻ ڪار ٽرالر جي ٽڪر سبب  وڻ سان  ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾  …

تفصيل »

نيوز : سوڀو ديرو:شھرين  ۽ واپارين  جو بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج

سوڀي ديري  جي شھرين  ۽ واپارين بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو. شهرين ۽ واپارين شاھنواز سومرو، محسن سھتو، زبيرسامٽيو، منصف ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي واپارين ۽ شهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ اٺ ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي …

تفصيل »

نيوز : ڪوٽ ڏيجي: رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ، 3 ڄڻا زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي

* ڪوٽ ڏيجي ويجهو رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رند حاجاڻا اسٽاپ وٽ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نديم شيخ ،صفدر شيخ ۽  مختيار بڙدي زخمي ٿي …

تفصيل »

نيوز : خيرپور : نيڪال جي نالي جي ڀت ٺهڻ کان اڳ ڪري پئي، ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

* خيرپور ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جي نالي جي ڀت جڙي راس ٿيڻ کان اڳ ئي ڌماڪي سان ڪري پئي. ڳاڙهي پل کان مهراڻ يونيورسٽي ڪيمپس  تائين 9 ڪروڙ  جي لاڳت سان اڏجندڙ  گندي پاڻي جي نيڪال  واري  ڀت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڌماڪي سان ڊهي پئي. شهرين …

تفصيل »

نيوز : خيرپور:ٻرڙا برادري جي ماڻهن جو پنهنجي برادري جي با اثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف  احتجاج

خيرپور ڀرسان ٻرڙا برادري جي ماڻهن پنهنجي برادري جي با اثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ سومر ٻرڙو جي رهواسين غلام شبير ٻرڙو، محمد اقبال موريجو، غلام اڪبر ٻرڙو، حافظ عزيزالله ڪٽوهر، دودو خان ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ۾ظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي …

تفصيل »