19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو

نيوز: ڪنڌڪوٽ: نوجوان اغوا، يرغمالي بڻايل ماڻهن جو انگ وڌي چار ٿي ويو

*ڪنڌڪوٽ ويجهو هڪ وڌيڪ نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن بعد ضلعي مان يرغمالي بڻايل ماڻهن جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي . ڳوٽ ايل سي گولو ڀر سان هٿياربند ڌاڙيلن نوجوان انعام گولو کي  اغوا ڪري ويا جڏهن ته مزاحمت تي سندس والد سيفل گولو زخمي ٿي …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو،  گوليون لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو مارجي ويو

*غوثپور  ويجهو  تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  چوپائي مال جي ڦر تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو مارجي ويو. ڪچي  جي ڳوٺ اڏيو تيغاڻي ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي ڦر تان جھيڙو ٿي پيو،  جھيڙي دوران الو …

تفصيل »

نيوز:ڪنڌڪوٽ: يتيم ٻارڙن  جو  وياج خورن خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

*ڪنڌڪوٽ ۾ يتيم ٻارڙن  وياج خورن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا سينٽر آڏو ڌرڻو هنيو. حافظ حبيب الله ، حافظ عنايت الله ، حافظ عبدالحليم ، حافظ شعيب احمد  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيو  تھ وياج خورن ڪوڙا اسٽام پيپر ٺهرائي …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا پيپر شروع ،  سينٽر ٻاهران وڏي تعداد ۾ پوليس مقرر

*غوثپور ۾  يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا پيپر شروع  ٿي ويا آهن، اسڪول  انتظاميھ  پاران ڪاپي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول غو ثپور ۾ يارهين ۽ ٻارهين جا پيپر شروع ٿي ويا آهن،  اسڪول انتظاميھ ۽ پوليس پاران انتهائي سخت  قدم کنيا ويا …

تفصيل »

نيوز: غوثپور: نوجوان گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

*غوثپور ويجهو نوجوان گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ نورو علي جعفري ۾ گهرو مسئي  تان 22  ورهين جي نوجوان صدام حسين جعفري پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري  زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو . واقعي جو اطلاع ملندي پوليس پهچي نوجوان جو …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: عوامي آواز اخبار جي رپورٽر  جي نياڻي ارڙي وگهي فوت     

غوثپور  ۾ عوامي آواز اخبار جي رپورٽر  جي نياڻي ارڙي جهڙي موذي مرض وگهي فوت ٿي وئي، هڪ مهيني اندر فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آهي. ڳوٺ رستم اوڳاهي جي رهواسي عوامي آواز اخبار جي رپورٽر   غلام محمد اوڳاهي جي 2 ورهين جي نياڻي طاھرا ارڙي وگهي فوت ٿي …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين  کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

*غوثپور سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين جي آبادڪاري  ۽ کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو . ايس ٽي پي جي ڪارڪنن دلبر بنگوار،پيربخش بهلڪاڻي،معشوق ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .  ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر ڌارين کي سڃاڻپ  …

تفصيل »

نيوز: نصيرآباد: قيو اي ٽي جو پاڻي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو

* نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 8هين ڏينھن به پاڻي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پريس ڪلب آڏو ايڊووڪيٽ عنايت، ضمير ۽ حفيظ تُنيي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيوته هو ان عزم سان ميدان ۾ …

تفصيل »

نيوز: غوثپور: ڪرمپور جي صحافي کي گرفتار ڪرڻ خلاف ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو

*غوثپور  ۾ ڪرمپور جي صحافي  ۽ سندس  ڀاءُ کي گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪرڻ  خلاف قلم ڌڻين ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو.  حُسين بخش چولياڻي ۽ سندس ڀاءُ کي ڪرمپور پوليس پاران  بلاجواز گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف صحافين عبدالغفار اوڳاهي ، شيرزمان بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو …

تفصيل »

نيوز: ڪنڌڪوٽ : هٿياربند جي اڳوڻي ضلعي ناظم جي گهر تي چڙهائي، ڦرلٽ

*ڪنڌڪوٽ ويجهو هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا . ڳوٺ رسول آباد ۾ 6 کان وڌيڪ هٿياربندن اڳوڻي ضلعي نائب ناظم کوسا برادري جي نيڪ مرد حاجي نور محمد کوسو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي الهه تلهه …

تفصيل »