19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو

نيوز:ڪنڌڪوٽ: قمبراڻي ۽ بهلڪاڻي برادري ۾ جهيڙو،ٻن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

*ڪنڌڪوٽ  ۾  قمبراڻي ۽ بهلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن عورت سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مانجھي قمبراڻي ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان قمبراڻي ۽ بھلڪاڻي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: شهر انتظاميا جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب گندگي جي ور چڙهيل

*غوثپور شهر انتظاميا جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.  ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شھر جو گندو پاڻي روڊن رستن تي ڪاهي پيو آهي جنهن ڪري شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن . شهرين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي جو صفائي …

تفصيل »

نيوز: ڪنڌڪوٽ : پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

* ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور علي بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري بنا لائسنس رکندڙ جوابدار لياقت کي گرفتار ڪيو. پوليس ڪارروائي دوران روپوش جوابدار بنگل …

تفصيل »

نيوز: غوثپور: ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف احتجاج

* غوثپور ۾ڳوٺاڻي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ڳوٺ مارک ڀيو ۾زمين تي قبضو ڪرڻ تي  نظر محمد ميراڻي پريس ڪلب ۾ بااثر خلاف دانهيو. متاثر ڳوٺاڻي نظر محمد ميراڻي دانهيو ته سندس زرعي زمين تي بااثر جوابدار قبضو ڪري کيس ڌمڪيون ڏئي رهيا …

تفصيل »

نيوز: تنگواڻي: شهري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾  گندگي ۽ ترقياتي ڪم نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

تنگواڻي ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾  گندگي ۽ ترقياتي ڪم نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪفايت الله کوسو ، لطف سنڌي ، ربڏنو ملڪ ، اسماعيل بهلڪاڻي ، لونگ نندواڻي ، رحمدل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي بس اسٽيڊ تي ڌرڻو …

تفصيل »

نيوز: غوثپور : پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ، واهر جي اپيل

غوثپور ۾ چُلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پورهيت جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو. ڳوٺ الاهي بخش شيخ ۾ چُلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب مُحمد قاسم شيخ جي گهر کي باھ وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي …

تفصيل »

نيوز: ڪشمور: تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب جو 3 ڏينهن وارو ميلو پڄاڻي تي پهتو

ڪشمور ۾ تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب ۾ جاري  ٽن ڏينهن  واري ميلي جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون، ميلي ۾ سنڌ سميت پوري دنيا جي هندو برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي ڪشمور ۾ تاريخي مندر شو شڪتي ڌام مڙهي صاحب ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ميلو اڄ …

تفصيل »

نيوز:غوثپور: يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل

*غوثپور ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل آهي شاگرد بنا ڪنهن خوف جي ڪاپي ڪري رهيا آهن انتظاميا خاموش ۽ تماشائي بڻيل آهي . مليل ڄاڻ موجب غوثپور جي هاءِ اسڪول ۾ ڪاپي جي ڌم جاري رهي جڏهن ته پوليس پاران رشوت نه ڏيڻ …

تفصيل »

نيوز: غوثپور: ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان مبينا طور اغوا ڪار نڪتو، پوليس هٿان گرفتار

* غوثپور ويجهو ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان مبينا طور اغوا ڪار نڪتو ،پاڻمرادو بازياب ٿي گهر پهچي ويو، پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو . ٻه ڏينهن اڳ  رميز عرف نثار ۽ سندس  سئوٽ غالب  ڪچي جي علائقي مان اغوا ٿي ويا هئا . نوجوان رميز پاڻمرادو آزاد …

تفصيل »

نيوز:ڪنڌڪوٽ: قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج

*ڪنڌڪوٽ ۾قومي  عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين پاران مغوين جي بازيابي ، وڌندڙ بد امني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.   قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سول سوسائيٽي،سياسي سماجي تنظيمن عبدالغني بجاراڻي، سجاد بروهي،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ، بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

تفصيل »