19 اربع , سيپٽمبر 2018

جيڪب آباد ضلعو

نيوز: غوثپور: اغوا ٿيل مغوين   کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

غوثپور  مان اغوا ٿيل مغوين   کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،  مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.  ڪچي ڳڙھي تغيو واري علائقي مان فون تي گھرائي ھٿياربندن هٿان  اغوا ڪيل ڪنڌڪوٽ واسي غالب خان لاشاري،   گھوٽڪي واسي رضوان ڀٽو،  رياض ميراڻي ، اصغرلغاري کي اڃان …

تفصيل »

نيوز: مبارڪپور: مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

*مبارڪپور ويجهو مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. 35 ورهين جي نوجوان آصف علي ڀٽو بيروزگاري کان تنگ ٿي بيگاري ڪينال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو . پورهيت جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو کيس هڪ نياڻي ۽ …

تفصيل »

نيوز: حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن پاران سن ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾  سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن پاران سن ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. محمد عثمان خاصخيلي،  خالد حسين،   معشوق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن  پريس ڪلب حيدرآباد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  کين رٽائرڊ ٿيندي …

تفصيل »

نيوز: حيدرآباد: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف  احتجاج

حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف  احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. ڊاڪٽر دودو مهري، تاج جويو، عاشق سولنگي، امداد چانڊيو، سليم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ڌارين کي سڃاڻپ …

تفصيل »

نيوز: جيڪب آباد: پيءُ ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءُ ۽ نوجوان کي قتل ڪري فرار

جيڪب آباد  ويجهو پيءُ ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي ڌيءُ ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ عيدن ليڙواڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار غلام شبير ليڙواڻي گوليون هڻي  پنهنجي 16 ورهين جي ڌيءُ گرناز ۽ نوجوان نظير ليڙواڻي کي  قتل ڪري ڇڏيو واقعي جو اطلاع ملڻ تي …

تفصيل »

نيوز: جيڪب آباد: حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي مٽي ماءُ حوالي

*لوڻي ڪوٽ ويجهو حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين کي جيڪب آباد ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن عورتن جي تدفين ڪراچي ۾ٿي. ڪراچي کان حيدرآباد ويندي روڊ حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين جا لاش جيڪب آباد پهچڻ تي ماحول سوڳوار …

تفصيل »

نيوز: حيدرآباد: ڳوٺ  قاسم زرداري جي رهواسين  جو بااثر ن ۽ پوليس خلاف احتجاج

*حيدرآباد ۾  شھيد بينظيرآباد جي ڳوٺ  قاسم زرداري جي رهواسين بااثر ن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن گل بيگ زرداري، شاهه بيگ زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو .   ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سنڌ سرڪار چونڊيل نمائندن کي سندن ڳوٺن لاءِ نوڪريون ڏنيون، پر اهي نوڪريون غريب نوجوانن …

تفصيل »

نيوز : غوثپور: نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، احتجاج

  *غوثپور  ويجهو نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، جوابدار ڌر پاران موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف  متاثر نينگر جي امڙ گهر خالي ڪري وئي . 6 ڏينهن اڳ چئن جوابدارن 12 سالن جي نينگر سان مبينا طور بدفعلي ڪئي هئي جنهن جو ڪيس  پڻ داخل ڪيو ويو پر …

تفصيل »

نيوز : غوثپور: شهرين جو اجها ڊاهڻ خلاف ٻارن کي پوليو پيارڻ کان انڪار

* غوثپور جي شهرين اجها ڊاهڻ  خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي ٻارن  کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته سندن اجها ڊاهي پٽ ڪيا وڃن ٿا کائن اجهن ۾ رهڻ جو بنيادي حق کسيو ويو آهي. هنن چيو ته هو پنهنجي …

تفصيل »