20 خميس , سيپٽمبر 2018

بدين ضلعو

نيوز: بدين: پيپلز ليبر بيورو پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلي

بدين ۾ سڄي سنڌ جيان  پيپلز ليبر بيورو بدين پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي غلام حسين انصاري، حاجاڻو کوسو،  تنزيلا قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سر …

تفصيل »

نيوز: پنڱريو: سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلي

پنڱريو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي لکاڏنو عمراڻي، علي اڪبر لنڊ، محمد امين حجام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو شڪاگو جي …

تفصيل »

نيوز: ٽنڊو باگو: پوليس جو منشيات جي اڏي تي ڇاپو، 3 جوابدار گرفتار

*ٽنڊي باگي ۾ پوليس ڇاپو هڻي 3 جوابدار گرفتار ڪري ساڍا 6 سئو لٽر ڪچو شراب ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي. ڳوٺ لکا ڏنو جاڙو ۾ پوليس ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن عباسي، بابو ۽ الله ڏني کي گرفتار ڪري ساڍا 6 سئو لٽر …

تفصيل »

نيوز:ڪڍڻ: علي واهه جي آبادگارن ۽ ڪڙمين جو پوڇڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

* ڪڍڻ ۾ علي واهه  لارج ۽ بهادر واهه  جي  آبادگارن  ۽ ڪڙمين پوڇڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو . آبادگارن ۽ هارين معشوق پنهور، قربان ملاح، حاجي پنهور ،علي نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .  ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته علي …

تفصيل »

نيوز:بدين:سنڌ جو ناليوارو شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جيري جي بيماري ۾ مبتلا

* سنڌ جو ناليوارو شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جيري جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. گذريل رات ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي طبعيت خراب  ٿي وئي ،کيس هڪ ڄنگهه ۾ سخت تڪليف پڻ آهي جنهن ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي . ٻئي طرف بدين سميت سموري سنڌ …

تفصيل »

نيوز:ٽنڊوغلام علي: نصير ڪينال ۾ مسلسل ٽن مهينن کان پاڻي بند هئڻ خلاف احتجاج

*ٽنڊوغلام علي جي   نصير ڪينال ۾ مسلسل ٽن مهينن کان پاڻي بند هئڻ خلاف پوڇڙ جي 17 شاخن جي هزارين آبادگارن  نئون دمبالو ريگيوليٽر ۽ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو . آبادگارن طيب آرائين ،منظور جروار، عبدالرشيد آرائين ،چوڌري انور ساجد  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو . آبادگارن …

تفصيل »

نيوز:بدين:عورت جو بااثر جوابدارن تي پٽ ۽ ڌيءُ کي مارڻ جي ڪوشش جو الزام

*بدين  ۾ عورت پنهنجي پٽ سان گڏجي پريس ڪلب پهچي  الزام  هنيو  ته بااثر جوابدارن سندن گهر تي  حملو ڪري سندس پٽ  ۽ ڌيءُ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي . ڳوٺ حاجي اسماعيل جو ڻيجو ۾ شهباز جوڻيجو  پورھيت الھبچايو جي گھر  ۾ داخل ٿي پورھيت جي پٽ شبير  ۽ …

تفصيل »

نيوز: ٽنڊو باگو: سياسي سماجي ڌرين جو صائمه جروار جي قتل خلاف احتجاج

*ٽنڊي باگي ۾سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن صائمه جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شاهجان، مصطفيٰ رستماڻي، جمن شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڏيئي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جوابدارن کي سزائون نه ملڻ سبب سنڌ ۾ اهڙا …

تفصيل »

نيوز: ٽنڊوغلام علي: چنگچي رڪشا مان ماءُ  کان  معصوم ٻار ڇڏائجڻ سبب ڪري فوت

ٽنڊوغلام علي ويجهو  چنگچي رڪشا مان امڙ کان  معصوم ٻار ڇڏائجڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو.  ڊاڊر روڊ تي ڳوٺ علي محمد بوزدار ۾ چنگچي رڪشا مان ماءُ  کان هڪ سال جو معصوم ٻار شهباز ڇڏائجڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو. ٻار جي اوچتي موت تي گهر ۾ ڪهرام مچي …

تفصيل »

نيوز: پنگريو : پسند پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ پاران تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر

پنگريي ۾پسند پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ پريس ڪلب پهچي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. پريس ڪلب ۾ ڪراچي جي چانڊيا ڳوٺ پنجاب چورنگي واسڻ شهناز دانهيو ته هن حيدرآباد جي عدالت ۾ بدين واسي يار محمد سان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد مائٽ سندس ۽ مڙس جا ويري بڻجي …

تفصيل »