20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيشنل

سوشل ميڊيا کي ڪوڙ ۽ ڪردار ڪشيءَ جو وسيلو بڻجڻ نه ڏنو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار فيس بڪ جي انتظاميا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي ڪوڙ ۽ ڪردار ڪشيءَ جا وسيلا ٿيڻ نه ڏينداسين. تفصيل مطابق سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي موجودگي ۽ اعليٰ شخصيتن کي تڪراري بڻائڻ جي معاملي تي فيس …

تفصيل »

آرمي چيف جي قطر جي امير سان ملاقات، خطي جي سڪيورٽي تي ڳالهيون

دوحا (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران خطي جي سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، آءِ ايس پي آر موجب قطر جي امير …

تفصيل »

عورتن جي حقن جو هڪ ڏينهن ملهائڻ سان احترام جو حق ادا نٿو ٿئي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته عورتن جي حقن جو هڪ ڏينهن ملهائڻ سان احترام جو حق ادا نٿو ٿئي، هن چيو ته عورتن جي حقن جا علمبردار سڄو سال خاموش رهندا آهن، عورتن کي اهي حق نٿا ڏنا وڃن، جن جو حڪم اسلام ڏنو، …

تفصيل »

گورنر جي ماتحت فاٽا کي تسليم نه ٿا ڪريون: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته گورنر جي ماتحت فاٽا کي تسليم نه ٿا ڪريون، پاڪ فوج سان گڏ ملي ڪري فاٽا ۾ شدت پسندي جو خاتمو ڪنداسين، حڪومت سان گڏجي قبيلائي عوام کي حق ڏيارينداسين، فاٽا پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو جو خواب آهي، …

تفصيل »

نوجوان نسل کي سوشل ميڊيا جي هٿيار سان ڪشمير جو ڪيس وڙهڻو پوندو: نفيس ذڪريا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته پاڪستان جي ترجيحن ۾ ڪشمير مسئلو پهرين ترجيح آهي، ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ نئين سوچ ۽ پهچ جي ضرورت آهي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس طرفان عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب …

تفصيل »

ايف آءِ اي جي لاهور ۾ ڪارروائي، غيرقانوني ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث 2 جوبدار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ): ايف آءِ اي لاهور شهر ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث 2 جوبدارن کي گرفتار ڪري ورتو،  ميڊيا رپورٽن موجب ايف آءِ اي لاهور ۾ ڇاپو هڻي ڪارروائي دوران غيرقانوني ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙ 2 جوبدارن کي حراست ۾ ورتو، جن جي قبضي …

تفصيل »

عمران خان جيڪو چيو ان تي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته عمران خان جيڪو چيو ان تي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، پي ايس ايل مان پوري قوم مزو ماڻيو، عمران خان پنهنجو بغض پاڪستان مان ڪڍيو، اسان سان بغض رهندو پر مهمانن سان رويو مناسب ناهي، هن چيو …

تفصيل »

محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي بينڪ ۽ پوليس اسٽيشنز قائم ڪيون: شيري رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي بينڪ ۽ پوليس اسٽيشنز قائم ڪيون. شيري رحمان چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ عورتون اذيت ۾ سفر ڪنديون آهن. عورتن جي پوسٽرن تي ڪارنهن لڳائي ويندي آهي. هن جو چوڻ هو ته شادي پنهنجي …

تفصيل »

حج ڪرپشن ڪيس: حامد سعيد ڪاظمي جي اپيل تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي جي اپيل تي عدالت حج ڪرپشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران حامد سعيد ڪاظمي جي وڪيل جو جواب تي جواب مڪمل ٿي ويو، حامد سعيد ڪاظمي سينٽرل جج اسپيشل جو فيصلو چئلينج ڪيو هو، درخواست ۾ موقف …

تفصيل »

فوجي عدالتن مان سزا ٻڌايل 5 دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب فوجي عدالتن مان سزا ٻڌايل 5 دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب پنجن ئي دهشتگردن کي ڊسٽرڪٽ جيل ڪوهاٽ ۾ ڦاسي ڏني وئي، دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو شوڪت علي ولد عبدالجبار به شامل …

تفصيل »