19 جمعہ , جنوری 2018

نيشنل

زينب قتل ڪيس: لاهور ۾ پوليس ڪارروائي، خاڪي سان هڪ جهڙائي رکندڙ شڪي شخص گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) قصور ۾ وحشياڻي انداز ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي مبينا قاتل سان گڏ وڃڻ واري هڪ وڌيڪ سي سي ٽي وي فٽيج ۽ خاڪو جاري ڪرڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي خاڪي سان هڪ جهڙائي رکندڙ هڪ شڪي …

تفصيل »

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 3 ڏهائي 4 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گهرائي 269 ڪلو ميٽر ۽ مرڪز ڪوهه هندو ڪش جو جابلو سلسلو هو. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ اهي پهرين …

تفصيل »

پشاور ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي هڪ علائقي ۾ ماڻهن 5 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ واري مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ سال جي پهرين 5 ڏينهن واري مهم ڪي پي ۽ قبائلي علائقن ۾ ڪالهه …

تفصيل »

شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: طاهر القادري

 لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته سڀاڻي 12 وڳي کان احتجاجي شروع ٿيندو، اسان استعيفيٰ گهري نه رهيا آهيون پر شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته …

تفصيل »

اليڪشن ڪميشن جي سياسي وابستگي رکندڙ آفيسرن جي بدلي جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي سياسي وابستگي رکندڙ آفيسرن جون بدليون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب فتح سپريم ڪورٽ …

تفصيل »

چوڌري پرويز الاهي بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ جي امڪا کي رد ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري پرويز الاهي بلوچستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي ۽ سينيٽر ڪامل علي آغا سان گڏ …

تفصيل »

ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو فيصلو جاري، اٽارني جنرل جي درخواست رد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪوئٽا سانحي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي اٽارني جنرل جي فيصلي مان اڳوڻي گهرو وزير جو نالو خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس آصف سعيد کوسا پنج صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو آهي. فيصلي …

تفصيل »

پنجاب حڪومت جو مال روڊ تي احتجاج جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت مخالف ڌر جي پارٽين کي مال روڊ تي احتجاج جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان چيو ته جي پي او چوڪ اڳ ئي اورنج لائن ٽرين رٿا سبب بند آهي. …

تفصيل »

آپگهاتي حملا، رتوڇاڻ ۽ دهشتگردي ڌرتي تي فساد برابر آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپگهاتي حملن خلاف عالمن جي فتويٰ اسلامي تعليم جي روح موجب آهي جنهن تي عملدرآمد سان انتها پسندي جي فتني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان جي سمورن فرقن سان تعلق رکندڙ 1829 عالمن جي آپگهاتي حملن …

تفصيل »

گڏيل مخالف ڌر جي احتجاج خلاف درخواست تي نئين فل بينچ جوڙي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان مال روڊ تي گڏيل مخالف ڌر جي احتجاج خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس امدين الدين خان جي سربراهي ۾ نئين بينچ جوڙي وئي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب مقامي وڪيل اي ڪي ڊوگر طرفان سڀاڻي مال روڊ تي گڏيل مخالف ڌر جي …

تفصيل »