20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيشنل

رمضان پيڪيج 10 ڏينهن اندر ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي کي ڏبو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي رمضان مهيني جي لاءِ خصوصي پيڪيج  ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزير پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وزير چيو آهي ته پيڪيج ايندڙ 10 ڏينهن اندر ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي …

تفصيل »

عمران خان سياسي فقير قرار: جمهوريت دشمن عمران جمهوريت جون ڳالهون نه ڪري، آرٽيڪل 63،62 تي عمل ڪريون ته خان صاحب هميشه لاءِ نا اهل ٿي ويندو: حڪومتي وزير

اسلام آباد(ع آ نيوز) حڪومتي وزيرن عمران خان کي سياسي پينو قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جو دشمن عمران خان جمهوريت جي ڳالهه نه ڪري، عوام ۾ سندس حيثيت سياسي پينو جهڙي آهي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي جلسي ۾ ڪيل تقرير تي رد عمل ظاهر ڪندي سڌ …

تفصيل »

اسان کي نوان صوبا نه پر عوام لاءِ سهولتون گھرجن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ع آنيوز) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن تاريخي آهي، جنهن کي تاريخدان سونهري لفظن ۾ لکندا. ڪراچي ۾ جناح باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان کي نوان صوبا نه پر عوام لاءِ سهولتون گھرجن. ايندڙ وقت جا …

تفصيل »

عمران خان 26 اپريل کان سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اميد ته ميان صاحب رائيونڊ مارچ کان اڳ فيصلو ڪري وٺندو: پي ٽي آءِ سربراهه

اسلام آباد(ع آنيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 26 اپريل کان سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ميان صاحب وٽ وزير اعظم رهڻ جو جواز ناهي بچيو، نواز شريف کي وڃڻو ئي پوندو، اميد ته نواز شريف رائيونڊ مارچ کان اڳ …

تفصيل »

ريحام خان جي جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شرڪت

لاهور(ع آ نيوز) ڪنهن وقت ۾ پي ٽي آءِ جي جلسن کي رونقون بخشيندڙ ريحام خان جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي. لاهور ۾ جماعت اسلامي پاران ڪرپشن خلاف ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان …

تفصيل »

شاهه محمود ۽ جهانگير ترين ۾ ٺاهه، جلسي گاهه ۾ گڏجي پهتا

اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن ٻئي اڳواڻ جلسي ۾ گڏ پهتا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اختلافن واران افواهه هاڻي ختم ٿي …

تفصيل »

ڊڄڻا ماڻهو ئي ڪميشن کان ڊڄندا، بهادر ان جي آجيان ڪندا: بيرسٽر ظفر الله

اسلام آباد(ع آ نيوز) وزير اعظم جي خاص صلاحڪار بيرسٽر ظفر الله چيو آهي ته بهادرو ماڻهو پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جي آجيان ڪندا پر ڊڄڻا ماڻهو ان کان ڊڄندا آهن. پي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بيرسٽر ظفر الله چيو ته عدالتي ڪميشن غلط ڪمن جي نشاندهي …

تفصيل »

داڻو هتي ٿا چوڳن، آنو ٻئي هنڌ ٿا ڏين، ملڪ ۾ جمهوريت جي نانءُ تي دوکو ٿي رهيو آهي: سراج الحق

لاهور(ع آ نيوز) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پهرين مئي کان ڪرپشن خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي دوکو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ماڻهو ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، معصوم ٻارڙن کان به پورهيو ڪرايو ويندو آهي. …

تفصيل »

استعيفا ڪو شرعي مسئلو ناهي، نواز شريف عهدو ڇڏي: شيخ رشيد

راولپنڊي(ع آ نيوز) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزير اعظم نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته استعيفا ڏيڻ ڪو شرعي سئو ناهي. پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هوته ڪير ڀُل ۾ نه رهي، اسين عمران خان سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو …

تفصيل »

داعش خلاف جنگ ۾ عراق جي هر ممڪن مدد ڪنداسين: سعودي عرب

بغداد (ام ڊ) عراق ۾ موجود سعودي عرب جي سفير چيو آهي ته هن جو ملڪ عراق کي هر اعتبار سان مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته بغداد طرفان شدت پسند گروپدولت اسلاميه ”داعش“ کي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي ته رياض ڀرپور سهڪار ڪندو. العربيه …

تفصيل »