22 بدھ , نومبر 2017

نيشنل

ڪور ڪمانڊر پشاور طرفان باجوڙ ايجنسيءَ ۾ اڳين مورچن جو دورو

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ باجوڙ ايجنسيءَ جي اڳين مورچن جو دورو ڪيو جتي کيس سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪور ڪمانڊر پشاور کي باجوڙ ايجنسيءَ ۾ اڳين مورچن …

تفصيل »

پير آف گولڙا شريف ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهيءَ تي راضي

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پير حسين الدين شاهه ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهي تي مشروط طور راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت …

تفصيل »

ملي مسلم ليگ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 کي چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملي مسلم ليگ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 کي چيلينج ڪري ڇڏيو، قانون واري وزارت، اسٽيبلشمنٽ ڊويزن، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪابينا کي نوٽس جاري ڪيا ويا. ميڊيا رپورٽن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 خلاف ملي مسلم ليگ جي درخواست …

تفصيل »

ماڊل ٽائون سانحي متاثرن عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جي فيصلي خلاف حڪومتي اپيل جي ٻڌڻي دوران متاثرن جي وڪيلن دليل مڪمل ڪندي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ماڊل ٽائون جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جي فيصلي خلاف حڪومتي اپيل جي ٻڌڻي ٿي. …

تفصيل »

ڊي آءِ خان ۾ بي حرمتي جو نشانو بڻيل ناري جي عدالت کان تحفظ جي درخواست

پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ بي حرمتي جو نشانو بڻيل ناري عدالت کان تحفظ جي درخواست ڪري ڇڏي. متاثر ناري جي ڀاءَ پوليس تي عدم سهڪار جو الزام به لڳايو آهي. ڊي آءِ خان ۾ بي حرمتي جو نشانو بڻيل ناريءَ جي پشاور هاءِ ڪورٽ داخل درخواست تي ٻڌڻي …

تفصيل »

تربت ۾ فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد، 18 مغوي بازياب

تربت ( ويب ڊيسڪ ) تربت ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 16 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي. تربت ۾ ايف سي طرفان سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو ته دهشتگردن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ دوران …

تفصيل »

مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار موقف …

تفصيل »

جسٽس ياور علي خان جي حافظ سعيد جي نظربندي ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي کان معذرت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ياور علي جماعت الدعوت جي سربراهه حافظ سعيد جي نظربندي ۾ واڌ جي درخواست جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.  تفصيل موجب جماعت الدعوت جي سربراهه حافظ سعيد جي نظربندي جو مدو ختم ٿيڻ ۾ رڳو 2 ڏينهن باقي بچيا آهن جنهن …

تفصيل »

اين ٽي ايس جي ڊائريڪٽر هارون رشيد جا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽم عدالت پوڻن ٽن ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۽ انڪم ٽيڪس چوريءَ جي الزام هيٺ ڊائريڪٽر اين ٽي ايس هارون رشيد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. راولپنڊيءَ جي خاص ڪسٽم عدالت ۾ پوڻن ٽن ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۽ انڪم ٽيڪس چوري جي …

تفصيل »

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان بار جي وفد کي ڌرڻو هڻندڙن سان ملاقات جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي وفد کي ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن سان ملاقات ڪري احتجاج ختم ڪرڻ بابت عدالتي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي ڪابينا کي جسٽس شوڪت عزيز صديقي طلب ڪيو ته سيڪريٽري هاءِ …

تفصيل »