20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد ۾ مسافر وين ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر،3 ڄڻا فوت، 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد(ع آ نيوز) اسلام آباد ۾ مسافر وين ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن مطابق مري روڊ تي مل پور واري علائقي ۾ مسافر وين تيز رفتاري سبب سامهون ايندڙ ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي …

تفصيل »

پي ٽي آءِ اين اي 267 جهل مگسي تي ننڍي چونڊ لاءِ فوج مقررڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪوئٽا(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف اين اي 267 جهل مگسي تي ننڍي چونڊ لاءِ فوج مقررڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان نعيم الحق ان سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته کين …

تفصيل »

شهباز تاثير جي بازيابي بابت غلط ڄاڻ ڏيڻ تي آءِ جي بلوچستان خلاف ڪارروائي جو امڪان

اسلام آباد(ع آ نيوز) پنجاب جي مقتول گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي بازيابي بابت غلط ڄاڻ ڏيڻ تي آئي جي بلوچستان احسن محبوب خلاف ڪارروائي ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق احسن محبوب ڄاڻايل معاملي بابت وفاقي گهرو وزارت جي جوڙيل جاچ ڪميٽي سامهون پنهنجو بيان قلمبند …

تفصيل »

حڪومت جي شفاف پاليسين جو اعتراف نه رڳو ملڪي پرعالمي ادارا به ڪري رهيا آهن: شهباز شريف

لاهور(ع آ نيوز) پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي جون رٿائون اعليٰ معيار مطابق پوريون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته پنجاب سرڪار ٻهراڙي ۽ شهري علائقن لاءِ ترقي جي هڪ جهڙي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، شهباز شريف جي صدارت هيٺ سي ايم …

تفصيل »

بنون جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي پوليس جي فائرنگ، ڊرائيور ۽ گن مين سوڌو زخمي

بنون(ع آ نيوز) خيبرپختونخوا جي ضلعي چارسده ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ وٽ نه بيهڻ تي پوليس بنون جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي فائرنگ ڪري کيس ڊرائيور ۽ گن مين سوڌو زخمي ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن مطابق چارسده جي ٿاڻي خان مئي جي حدن ۾ بنون جو ايڊيشنل ڪمشنر دولت …

تفصيل »

سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت

ڪراچي(ع آ نيوز) سپريم ڪورٽ ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر جي فوٽ پاٿن تي لڳل غيرقانوني هورڊنگ ۽ بل بورڊ هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ته اهي بل بورڊ …

تفصيل »

آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ خلاف پيش ٿيل ٺهراءُ رد

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي سينيٽ پاڪستان کي ويڙهه وارا ايف 16 جهاز ڏيڻ جي خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو.آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبليڪن پارٽي جي سينيٽر رينڊ پال پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ خلاف ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو،جنهن جي ايوان مخالفت ڪئي ۽ سندس ٺهراءُ کي رد …

تفصيل »

ڀارت قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي جي ضمانت ڏئي ڇڏي

لاهور(ع آ نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته اولهه بنگال رياست جي وڏي وزير قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جي لکت ۾ ضمانت ڏني آهي.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي بابت لکت ۾ يقين ڏيارڻ سبب …

تفصيل »

ايم ڪيو ايم تي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته سامهون آڻي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم تي لڳندڙ الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته متحده تي الزامن بابت ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته سامهون آڻي، سرفراز مرچنٽ کي پيش ٿيڻ لاءِ سمن جاري ٿي چڪا آهن. …

تفصيل »

حڪومت نيب کي ختم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ته سوچينداسين،رينجرز جو ٿاڻن وارو مطالبو وڏي زيادتي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ع آ نيوز) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته بلاول جڏهن نڪرندو ته ان وقت اختيار به هوندا ۽ جذبو به هوندو، عام چونڊن  کان پهرين بلاول ڀٽو کي ميدان ۾ لاهڻو پوندو، شهباز تاثير جي بازيابي تي سندس گهروارن کي …

تفصيل »

ماڻهو ڏسڻ چاهين ٿا ته پنجاب ۾ ڪڏهن احتساب ٿيندو: عمران خان

گوجرانوالا(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته آهي ته حڪومت ٽيڪس لڳائي مهانگائي آڻي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ هارين جي حالت خراب ٿي رهي آهي. اورنج بس منصوبي جا پيسا هارين تي لڳايا وڃن. گوجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڀ …

تفصيل »

ايم پي اي افتخار عالم ۽ وسيم آفتاب متحده ڇڏي مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي ۾ شامل

ڪراچي(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي افتخار عالم ۽ رابطا ڪاميٽي جي اڳوڻي ڪنوينر وسيم آفتاب متحده ڇڏي مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن، ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جي …

تفصيل »

فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جو چيئرمين نثار مورائي گرفتار

ڪراچي(ع آ نيوز) فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جو چيرمين نثار مورائي گرفتار ٿي ويو آهي. سندس گھر واري گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نجي ٽي وي چينل ڊان نيوز موجب نثار مورائي جي گھر واري ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس پنج مارچ تي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو …

تفصيل »

ايم اين اي ڪمال چانگ جو پٽ رينجرز هٿان گرفتار، شراب ۽ هٿيار هٿ

 حيدرآباد(ع آ نيوز) حيدرآباد ويجھو رينجرز ايم اين اي ڪمال چانگ جي پٽ اسد چانگ کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري سندس گاڏي مان قتل جو جوابدار پڻ پڪڙي ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايم اين اي ڪمال چانگ جو پٽ اسد چانگ ساٿين سميت ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته حيدرآباد …

تفصيل »

ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا ۾ پُراڻي تڪرار طور شامل آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير معاملي تي ان جو مؤقف تبديل نه ٿيو آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري جي ايجنڊا تي تمام پُراڻي مسئلي جي حيثيت سان ان جو نبيرو ضروري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هتي صحافين کي …

تفصيل »