24 سومر , سيپٽمبر 2018

 آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو تعزيت لاءِ نواز شريف سان ملاقات ڪندا: ذريعا

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري ميان نواز شريف سان تعزيت ڪندا. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي حوالي …

تفصيل »

وزير اعظم جي زير صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس: 9 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ 9 نقطن  تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته وفاق ۾ صحت واري …

تفصيل »

بجلي اگهن ۾ چار رپيا واڌ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي عوام تي توانائي بم ڪيرائيندي بجلي جي قيمتن ۾ چار رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اداري نيپرا گذريل سال جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ورهاڱي وارين ڪمپنين کي عوام کان 180 ارب روپيا وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي …

تفصيل »

العزيزيه ريفرنس: نواز شريف کي اڄ حاضري کان ڇوٽ، ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي

NAB references against Nawaz Sharif will be reinstated today

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احستاب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي  دوران اڄ حاضري کان ڇوٽ  جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث جي پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياء تي جرح جاري رهي. …

تفصيل »

نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي پيرول تي آزادي ۾5 ڏينهن جو اضافو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ان جي ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ 5 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي . جڏهن ته پنجاب حڪومت نواز شريف مريم نواز ۽ ڪيپٽن ر صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ …

تفصيل »

فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، ملڪ جو مفاد حڪومت ۽ فوج کي عزيز آهي، وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني وئي، هر نئين وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ …

تفصيل »

ن ليگ جي درخواست تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي طلب ڪيو هو، جنهن ۾ هو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي روبرو پنهنجو پهريون خطاب ڪري ها پر ن ليگ ۽ متحدا …

تفصيل »

آءِ ايس آءِ دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهي: وزيراعظم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آءِ ايس آءِ اسان جي پهرين بچاءَ واري لائن آهي، آءِ ايس آءِ دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان آءِ ايس پي آر هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي آرمي چيف ۽ ڊي …

تفصيل »

بحريا ٽائون ڪيس: زمين جي الاٽمينٽ غيرقانوني نڪتي تي سڄو ڍانچو ڪِري پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي ته بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي الاٽمينٽ غير قانوني هئي ته ان منصوبي جو سڄو ڍانچو ڪِري پوندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ بحريا ٽائون نظرثاني …

تفصيل »

سرفراز بگٽي بلوچستان مان سينيٽر چونڊجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بي اي پي اميدوار سرفراز بگٽي بلوچستان مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي، کيس 37 ووٽ مليا. ووٽنگ دوران بلوچستان اسيمبلي جي 61 مان 57 ميمبرن راءِ جو حق استعمال ڪيو، جنهن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو سرفراز بگٽي 37 ووٽن سان سينيٽر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس …

تفصيل »

پاڪپتن معاملو: پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام پاڪپتن معاملي تي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ڪليم امام طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 آگسٽ تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پي ايس او ذريعي …

تفصيل »

اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس: ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 1 ۾ ٻڌڻي دوران فريادي جي شاهد طارق سليم جو بيان مڪمل رڪارڊ نه ٿي سگهيو، عدالت کيس …

تفصيل »

ڪلثوم نواز ڊڪٽيٽر جي دور ۾ جمهوريت جو علم بلند ڪيو: حمزا شهباز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته ڪلثوم نواز ڊڪٽيٽر جي دور ۾ جمهوريت جو علم اوچو ڪيو. جاتي امرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته بيگم ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي، هن ڊڪٽيٽر جي دور ۾ جمهوريت جو علم بلند ڪيو، ڪلثوم …

تفصيل »

ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ پري ڪواليفڪيشن مرحلي جي شروعات

لاهور (ويب ڊيسڪ) ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ پري ڪواليفڪيشن مرحلي جي شروعات ٿي وئي. واپڊا ترجمان موجب ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين پري ڪواليفڪيشن لاءِ واڪ جمع ڪرايا. ترجمان جو چوڻ هو ته 5 جوائنٽ وينچرز ڊيم جي تعمير لاءِ پري ڪواليفڪيشن واڪ …

تفصيل »

اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم جي اجازت ڏينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم جي اجازت به ڏئي ڇڏينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ چڪ شهزاد ايگري فارم هائوس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فنڊ سپريم …

تفصيل »