24 منگل , اپریل 2018

جهاز جي تيل ۾ ڊيزل ملاوٽ: قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان

اسلام آباد(ع آ نيوز) پيٽروليم واري وزارت ۾ جهازن جو تيل وڪرو ڪرڻ ۽ ملاوٽ ڪري قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پيٽروليم واري وزارت پاران پرڏيهي تيل ڪمپني خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيٽ فيول پرڏيهه …

تفصيل »

باهه ڏئي ساڙيل هڪ ڦورو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ع آ نيوز) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ماڻهن پاران باهه ڏئي ساڙيل هڪ ڦورو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، خانگي ٽي وي نيوز چينل موجب ڪورنگي ۾ دڪان ڦُر دوران ماڻهن پاران ٻن ڦورن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو، جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيون …

تفصيل »

حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۾ ناڪام ٿي وئي، پينشنرن کي رلائڻ افسوس جوڳو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ع آ نيوز) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي واري اعلان تي عمل نه ڪري سگھي آهي. پينشنرن کي عيد جي موقعي تي رلايو پيو وڃي، انهن کي پينشن ادائگي جو بندوبست ڪيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه …

تفصيل »

آءِ جي سنڌ پاران زڪوات جي جبري وصولي خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي (ع آ نيوز) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پاران زڪوات جي جبري وصولي خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته عوام شڪي سرگرمي، لاوارث گاڏي، بيگ يا پارسل جو اطلاح 15 تي ڏئي، پوليس هيلپ لائن 15 تي اطلاح …

تفصيل »

وزيراعظم جي احتساب لاءِ هر حد تائين وينداسين: عمران خان

ڪراچي(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جي احتساب لاءِ هر حد تائين وينداسين. ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سفارش، سياسي ڀرتين ۽ ميرٽ تي عمل نه ٿين جي ڪري …

تفصيل »

عيد کانپوءِ پاناما ليڪس خلاف رستن تي اينداسين: جهانگير ترين

لاهور (ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته عيد کانپوءِ پاناما ليڪس خلاف رستن تي اينداسين، ن ليگ عوامي مينڊيٽ کسيو آهي، عوامي عدالت ۾ وينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺنداسين، …

تفصيل »

اعزاز چوڌري سان رچرڊ اولسن جي ملاقات، افغانستان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ع آ نيوز) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري سان پاڪ-افغان لاءِ مقرر نمائندي رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپا، افغانستان صورتحال ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي رچرڊ اولسن جو چوڻ هو ته پوليو ڪيسن ۾ گهڻي گهٽتائي …

تفصيل »

ڪراچي ۾ ماڻهن ٻن ڦورن کي پڪڙي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ع آ نيوز) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ماڻهن ٻن ڦورن کي پڪڙي باهه ڏئي ڇڏي، خابرو ادارن موجب ڪورنگي ڏيڍ نمبر ۾ 3 ڦورو هڪ دڪان کي ڦُرڻ آيا، دڪاندار پاران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي آواز ٻڌي موقعي تي موجود ماڻهن ڦورن کي سوگهو …

تفصيل »

ممنون حسين جي شاهه سلمان سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مڪو مڪرمو (ع آ نيوز) صدر ممنون حسين خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان الصفاپيلس ۾ ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، عالمي معاملن ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ان ملاقات دوران پاڪستاني سفير منظور الحق به موجود هو.

تفصيل »

رينجرز امجد صابري جي قاتلن ۽ اويس شاهه کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري: عمران خان

اسلام آباد (ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته رينجرز امجد صابري جي قاتلن ۽ اويس شاهه جي اغوا ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري، سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪي پي ڪي ۾ 5 هزار پوليس اهلڪارن کي ڪرپشن …

تفصيل »

شرميلا فاروقي 2021ع تائين نا اهل….!؟

ڪراچي(ع آ نيوز) نيب ثقافت بابت صلاحڪار شرميلا فاروقي نا اهلي معاملو اٿاري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ نيب پاران شرميلا فاروقي کي 2008ع ۾ ميمبر بڻائڻ واري نوٽيفڪيشن تي پنهجي راءِ ڏني وئي آهي. جنهن ۾ نيب شرميلا فاروقي کي اسيمبلي ميمبر ۽ وزارت لاءِ نا اهل قرار ڏئي …

تفصيل »

هڪ سال دوران عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، دال، ڀاڄيون، دوائون مهانگيون ٿيون

ڪراچي(ع آ نيوز) نواز حڪومت جي گذريل سال دوران کاڌي پيتي سميت عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌارو سامهون آيو آهي، نجي ٽي وي جي سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران دالون، اسڪول في، بيسڻ، دوائون ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون رڪارڊ …

تفصيل »

منهنجي اسڪواڊ پاران عظميٰ خان سان بدتميزي جون خبرون ڪوڙيون آهن: فريال ٽالپر

ڪراچي(ع آ نيوز)عمران خان جي ڀيڻ سان مريم نواز کانپوءِ فريال ٽالپر جي سيڪيورٽي اسڪواڊ اهلڪارن جي بدتميزي واري خبر به ڪوڙي نڪتي، زرداري هائوس جي ترجمان چيو آهي ته فريال ٽالپر جي اسڪواڊ جي اهلڪارن پاران عظميٰ خان سان بدتميزي واري خبر ڪوڙي آهي، فريال ٽالپر لاهور ۾ نه …

تفصيل »

عمران خان جي ڀيڻ سان بدتميزي جي ذميوار مريم نواز نه پر فريال ٽالپر جي پروٽوڪول پوليس نڪتي…!

لاهور(ع آ نيوز)عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ سان پوليس پاران بدتميزي جو اقعو لاهور ۾ پيش آيو، تڪڙ ۾ عظميٰ خان الزام هڻي ڇڏيو ته ساڻس مريم نواز جي پروٽوڪول لاءِ مقرر پوليس بدتميزي ڪئي آهي پر بعد ۾ خبر پئي ته مريم نواز لاهور ۾ هئي ئي ڪانه. …

تفصيل »

 سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ته تخت رائيونڊ نه بچندو: مولابخش چانڊيو

ڪراچي(ع آنيوز) وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته جيڪڏهن لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ته تخت رائيونڊ نه بچندو. پنهنجي بيان ۾ صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي تي مائيڪون ٽوڙيندڙ هاڻي ڇو گونگا ٿي ويا آهن، پکو ۽ وينجھڻي جھليندڙ قلندر جي …

تفصيل »