23 سومر , آڪٽوبر 2017

وزيراعظم ۽ خاندان کي احتساب واري عمل مان گذرڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان کي احتساب واري عمل مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت پاناما معاملي کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اها معاملي کان فرار ٿيڻ لاءِ رستو ڳولهڻ جي غلطي نه ڪري. …

تفصيل »

مخالف ڌر جي نعرن جي گونج ۾ پنجاب جي بجيٽ پيش، 5 لک روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو اعلان

 لاهور(ع آ نيوز) پنجاب حڪومت مخالف ڌر جي نعرن جي گونج ۾ سال 17-2016ع لاءِ ساليياني 16 کرب 55 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، روزگار جا پنج لک موقعا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي صحت لاءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 62 سيڪڙو ڌيڪ بجيٽ رکڻ جو …

تفصيل »

مخالف ڌر وفاقي بجيٽ هڪ صوبي لاءِ فائديمند قرار ڏئي ڇڏي، سڀني صوبن کي هڪجيترا وسيلا ڏنا وڃن: ميمبر

اسلام آباد(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ نون صوبن جو شوشو ڇڏي ڏنو،متحده  ايم اين اي شيخ صلاح الدين چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 20 صوبا هجڻ گھرجن. قومي اسيمبلي جو اجواس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع …

تفصيل »

گڏيل مخالف ڌُر جو اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد (ع آ نيوز) گڏيل مخالف ڌُر جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پارلياماني ڪميٽي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، خابرو ادارن موجب گڏيل مخالف ڌُر جو اجلاس سڀاڻي 2 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ گڏيل …

تفصيل »

اين ايڇ اي نوان پيٽرول ۽ سي اين جي پمپ لڳائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد(ع آ نيوز) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ هاءِ ويز تي نوان پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي پمپ لڳائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سڄي ملڪ ۾ سي اين جي پمپ ۽ پيٽرول پمپن تي پابندي هنئين وئي آهي، ان کان سواءِ پاڪ …

تفصيل »

آمريڪا هٿان استعمال ٿياسين، ڊالر جي تلاش ۾ ملڪي مفاد داءُ تي لڳائي ڇڏيا: رضا رباني

اسلام آباد(ع آ نيوز) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته اسين آمريڪا هٿان استعمال ٿياسين، ڊالر جي ڳولا ۾ ملڪي مفاد داءُ تي لڳائي ڇڏيا. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سرتاج عزيز افغانستان سان ڇڪتاڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي …

تفصيل »

18هين ترميم تي شور ٿيو ۽ عام ماڻهن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ع آ نيوز) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 18هين ترميم تي ڏاڍو شور ٿيو ۽ ارڙهين ترميم کان پوءِ ئي عام ماڻهن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي. نيشنل فنانس رقم ضايع ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ …

تفصيل »

سنڌ ۾ روينيو بورڊ ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي: سليم مانڊيوالا

اسلام آباد (ع آ نيوز) سينيٽر سليم مانڊيولا چيو آهي ته سنڌ ۾ روينيو بورڊ ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب سينيٽ جي ناڻي واري ڪميٽي جو اجلاس سليم ماڊيوالا جي صدارت هيٺ ٿيو، ان موقعي تي سليم مانڊيوالا جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ …

تفصيل »

عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدر معظم علي جي ضمانت واري درخواست رد

 اسلام آباد (ع آ نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سهولتڪار جي الزام هيٺ گرفتار جوابدر معظم علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. خابرو ادارن موجب جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس اطهر مـِن الله تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي …

تفصيل »

خودمختياري ۽ سالميت جي معاملن تي آمريڪا سان سهڪار نٿا ڪري سگهون: اعزاز چوڌري

اسلام آباد(ع آ نيوز) پرڏيهي صلاحڪار اعزاز چوڌري چيو آهي ته ڪجهه معاملن تي اسان آمريڪا سان قطئي سهڪار نٿا ڪري سگهون جنهن ۾ اسان جي خودمختياري ۽ سالميت آهي. پاڪ آمريڪا ڇڪتاڻ جو هڪ سبب آمريڪا جو ڀارت کي ترجيحي بنيادن تي پسند ڪرڻ به آهي. ملا منصور جو …

تفصيل »

مالي سال 2016-17 لاءِ سينيٽ جي 1 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش

اسلام آباد (ع آ نيوز) مالي سال 2016-17 لاءِ سينيٽ جو بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي، خابرو ادارن موجب سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مالي سال 2016-17 لاءِ  1 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، خبرن موجب گذريل مالي سالن ۾ …

تفصيل »

نئب جادوگر آهي، جيڪا ڪجهه به ڪري سگهي ٿي: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (ع آ نيوز) ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته نئب جادوگر آهي جيڪا ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، پر ان جو جادو صرف ننڍن صوبن تي هلندو آهي، خابرو ادارن موجب 462 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ هو …

تفصيل »

پ پ روڊن تي اچڻ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ع آ نيوز) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي روڊن تي اچڻ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿي، حڪومت کي مخالف ڌُر جا ٽي او آرز قبول ڪرڻ گهرجن، خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو …

تفصيل »

ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ع آنيوز) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان دهشتگردي ۽ ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ واحد رستو ڳالهيون آهن. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان دنيا …

تفصيل »

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا جي لائيو ڪوريج تي پابندي لاڳو

ڪراچي (ع آ  نيوز) سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا جي لائيو ڪوريج تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، سنڌ اسيمبلي جي ڪوريج لاءِ جاري ڪيل سموريون پاسز رد ڪيون ويون آهن، خابرو ادارن موجب سيڪريٽري عمر فاروق چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ لائيو ڪوريج تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، سيڪيورٽي …

تفصيل »