23 سومر , آڪٽوبر 2017

غربت جي خاتمي لاءِ انقلابي پروگرام آڻينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا نوان ۽ جديد پروگرام آڻينداسين جنهن سان مستحق ماڻهن کي مدد ملندي. غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي هميشه غريبن جو ساٿ …

تفصيل »

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ گڏيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سعودي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض …

تفصيل »

هن ڀيري آر اوز اليڪشن نه ٿيڻ ڏبي، 2013ع واري مينڊيٽ وارا خوش فهمي ۾ نه رهن: آصف زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري 2018ع جي چونڊن بابت چيو آهي ته هن ڀيري آر اوز اليڪشن نه ٿيڻ ڏينداسين، 2013ع واري مينڊيٽ وارا خوش فهمي ۾ نه رهن، پنجاب جي محاذ تي ڀرپور تياري سان لهي رهي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن …

تفصيل »

اليڪشن ڪميشن گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي 261 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي

election commission

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي ڪيترن ئي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين 261 ميمبرن جي ميمبر شپ معطل …

تفصيل »

عمران خان هاڻ ڌرڻو هنيو ته حالتون خراب ٿي وينديون: منظور وساڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جيڪڏهن هاڻ ڌرڻو هنيو ته حالتون خراب ٿي وينديون، ملڪ ۾ مارشل لاءِ جا خدشا ختم ٿي ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته مون کي عام چونڊون وقت تي …

تفصيل »

عبوري جج جي موجودگي ۾ انصاف نه ملڻ جو اشارو آهي: انوشا رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير انوشا رحمان چيو آهي ته سپريم ورٽ اسان جا خدشا پري ڪرڻ جو يقين ڏياريو  هو پر اڄ تائين نظرثاني اپيل رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو ناهي آيو، اڄ به سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي. نيب ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي انوشا …

تفصيل »

پاڙيسري ملڪن سان پر امن لاڳاپا چاهيون ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان پرامن بقا ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ خانگائڻ واري ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز سان برطانوي وزير اعظم جي خاص نمائندي اوون ڪينڪن ملاقات ڪئي. برطانوي وفد …

تفصيل »

تحريڪ انصاف جا دستاويز جعلي، شوڪت خانم جي ڊونرن کي مددگار ظاهر ڪيو: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر الزام لڳايو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان جمع ڪرايل دستاويزن ۾ جعلسازي سان ڪم ورتو ويو ۽ شوڪت خانم جي ڊونرن کي ئي پي ٽي آءِ جو ڊونر ظاهر ڪيو ويو آهي، ان جعلسازي جي حوالي سان آمريڪي …

تفصيل »

قائد اعظم کان پوءِ لياقت علي خان نئين ملڪ جي مضبوطي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قائد اعظم جي رحلت کان پوءِ لياقت علي خان نئين ملڪ جي مضبوطي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته اڄ قوم قائد اعظم، علامه اقبال ۽ شهيد ملت جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪري. شهيد ملت …

تفصيل »

نئين احتساب قانون تحت ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار رقم واپسي تي آزاد پر نااهلي برقرار رهندي

اسلام آباد(ويب ديسڪ) نئين تجويز ٿيل قومي احتساب ڪميشن ايڪٽ 2017ع ۾ قوم يا قومي ناڻي مان ڦريل رقم جي رضاڪاراڻي واپسي جي آڇ قبول ڪرڻ جو اختيار احتساب عدالت يا ايپلٽ ڪورٽ جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو آهي جڏهن ان کان اڳ اهو اختيا نيب جي چيئرمين وٽ …

تفصيل »

ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود  نواز شريف ٻيهر وزيراعظم نه ٿي سگهندو: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جو رستو صاف نه ٿيندو. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو …

تفصيل »

عالمي برادري ڀارت طرفان ٻارن کي شهيد ڪرڻ جو نوٽيس وٺي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي ٻارن کي شهيد ڪرڻ ۽ امن جي ڪوششن کي رنڊائڻ جو نوٽيس وٺن. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي نفيس ذڪريا جو چوڻ …

تفصيل »

آصف زرداري اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته مراعتن تي نه پر عوامي خدمت تي يقين رکندا آهيون، آصف زرداري وڏي وزير کي پگهارن ۾ واڌ کان روڪي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پ پ عوامي حڪومت آهي، خرچن ۾ گهٽتائي واري …

تفصيل »

نه ڪڏهن عدالتن کان ڀَڳاسين ۽ نه وري گار ڏني، عمران جهيڙي جي سياست پيو ڪري: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي، ادارن تي حملا ٿي رهيا آهن، جيڪو عدالتن کي اهميت نٿو ڏئي، اهو عوام کي ڇا انصاف ڏيندو. حيدرآباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته پاناما فيصلي …

تفصيل »

ڀارت جي وري ايل او سي تي فائرنگ، ٻارڙو شهيد، 5 زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي شهري علائقن ۾ فائرنگ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار شهيد ۽ چئن ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي …

تفصيل »